يرمياہ 6 - Muslim Sindhi Bibleيروشلم گھيري هيٺ 1 اي بني بنيامين! ڀڄو، ڀڄو، يروشلم مان ڀڄي جان بچايو. تقوع شهر ۾ نفيل وڄائي آگاهي ڏيو. بيتهڪرم شهر ۾ دونهون بلند ڪري خطري جو اشارو ڪريو. انهيءَ ڪري جو اتر کان هڪڙي آفت، بلڪ وڏي تباهي ايندي نظر اچي ٿي. 2 صيئون جي خوبصورت ۽ نازنين بستي يروشلم جيڪا هڪ چراگاهہ مثل آهي، سا ناس ٿي ويندي، 3 ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ لالچي ريڍارن وانگر پنهنجي لشڪرن سان مٿس ڪاهي ايندا. اهي انهيءَ جي چوڌاري پنهنجا خيما کوڙيندا. هائو، هر ڪو ڄڻ تہ پنهنجي مرضيءَ واري جاءِ تي چراگاهہ ٺاهي ويهندو. 4 هو چوندا تہ ”يروشلم تي حملي لاءِ تياري ڪريو. اُٿو، اسين منجھند جو ئي مٿس حملو ڪنداسون.“ پر دير ٿيڻ تي هو چوندا تہ ”افسوس صد افسوس! ڏينهن ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ شام جا پاڇا وڌندا ٿا وڃن. 5 پر خير، ڀلي رات ڇو نہ ٿئي اسين رات جو ئي حملو ڪري سندس ڪوٽ ڪيرائي وجھنداسون.“ 6 قادرِمطلق خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ وڻ وڍي انهن سان شهر جي ڪوٽ تائين دِڪو ٻڌو وڃي. هن شهر کي ضرور سزا ملڻ گھرجي، اهو ظلم سان ڀرجي ويو آهي. 7 جهڙيءَ طرح کوهہ جو پاڻي هر وقت تازو هوندو آهي، تهڙيءَ طرح يروشلم بہ پنهنجي بڇڙائيءَ کي هر وقت تازو رکيو ٿو اچي. انهيءَ مان ڏاڍ ۽ برباديءَ جا واڪا مون تائين پهچن ٿا. مظلومن جا ڏک سور ۽ زخم هر وقت منهنجي آڏو آهن. 8 اي يروشلم! ڪجھہ سمجھہ کان ڪم وٺ، نہ تہ آءٌ تو کان منهن موڙي ڇڏيندس ۽ تو کي اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.“ اسرائيل وارا خداوند جي رستي جا انڪاري 9 قادرِمطلق خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ جي باقي بچيلن کي انگورن جي داڻن وانگر چونڊي پٽيو ويندو. سو تون پنهنجو هٿ وڌائي جيترن کي بچائي سگھين بچاءِ.“ 10 مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ جو ساڻن ڳالهايان تہ منهنجي ڪير ٻڌندو؟ آءٌ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان؟ هنن جي ڪنن ۾ ٻجا پيل آهن سو هو ڪونہ ٿا ٻڌن. تو خداوند جي فرمان کان هنن کي چڙ آهي. هنن کي انهيءَ ۾ ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي. 11 پر اي خداوند! انهيءَ سبب هنن خلاف تنهنجي ڪاوڙ مون ۾ ايتري تہ ڀرجي ويئي آهي، جو هاڻ آءٌ انهيءَ ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ ٿو سگھان.“ تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”وڃي گھٽين ۾ گڏ ٿيل ٻارن، ۽ جوان ماڻهن جي مجلسن تي اُها اُٽلاءِ، مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي عمررسيدہ، سڀ انهيءَ ۾ ڦاسي پوندا، ڪوبہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندو. 12 هنن جا گھر سندن زالن ۽ ٻنين سميت ٻين کي ڏنا ويندا، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ملڪ جي رهاڪن تي آءٌ پنهنجو هٿ کڻڻ وارو آهيان. 13 منجھن ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا. 14 منهنجي قوم جا ڦٽ بہ هنن کي معمولي رهڙون نظر اچن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هو ’خير آهي، خير آهي،‘ چوندا وتن ٿا، جڏهن تہ ڪوبہ خير ڪونهي. 15 ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ 16 خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين چوواٽن تي بيهي ڏسو، ۽ اصلي رستي جي پڇا ڪريو، هائو، پڇا ڪريو تہ اهو چڱو رستو ڪٿي آهي. انهيءَ تي ئي هلو تہ اوهين سڪون حاصل ڪندا. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين انهيءَ تي ڪونہ هلنداسون.‘ 17 مون آگاهہ ڪرڻ لاءِ اوهان ڏانهن نبي موڪليا، جن اوهان کي چيو تہ ’نفيلن وسيلي خطري جو آواز ٻڌو،‘ پر اوهان جواب ڏنو تہ ’اسين ڪين ٻڌنداسين.‘ 18 تنهنڪري اي قومون! ٻڌو، اي شاهدؤ! ڏسو، تہ هن قوم سان ڇا ٿيڻ وارو آهي. 19 اي دنيا وارؤ! ٻڌو، آءٌ هن قوم تي مصيبت آڻڻ وارو آهيان، جيڪا سندن تدبيرن جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجيون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو اٿن. 20 مون کي ان لوبان جي ڪهڙي پرواهہ آهي جيڪو شبا ملڪ مان ٿو آندو وڃي، ۽ انهن مصالحن جي ڪهڙي پرواهہ اٿم، جيڪي منهنجي لاءِ ڏورانهن ملڪن مان آندا ٿا وڃن؟ هنن جا ساڙڻ وارا نذرانا قابلِ قبول ناهن، نہ ئي وري سندن جانورن جون قربانيون مون کي وڻن ٿيون. 21 تنهنڪري آءٌ هن قوم جي اڳيان طرح طرح جون ٿاٻو ڏيندڙ شيون رکندس. انهن تي پيئر ۽ پٽ هڪجهڙو ٿاٻڙبا ۽ پاڙيسري ۽ دوست سڀ گڏ ناس ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ اتر کان لشڪر جو حملو 22 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙي وڏي قوم کي اٿاريو پيو وڃي، يعني اتر واري ملڪ کان هڪ لشڪر اچي ٿو. 23 اهي تيرڪمانن ۽ تلوارن سان مسلح آهن. اهي ظالم آهن ۽ منجھن ڪوبہ رحم ڪونهي. جڏهن هو گھوڙن تي سوار ٿي اوهان سان وڙهڻ لاءِ اچن ٿا، تڏهن سندن لشڪر جو آواز ائين ٿو لڳي، جيئن سمنڊ گجگوڙ ڪندو هجي. اي يروشلم! اهي جنگي جوڌا تو سان جنگ ڪرڻ لاءِ هٿيار ٻڌي اچن پيا.“ 24 يروشلم وارا چون ٿا تہ ”اسان هنن جي هاڪ ٻڌي آهي، ان ڪري اسان جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا آهن. اسان کي ذهني پريشانيءَ اچي وڪوڙيو آهي ۽ ويم ڪندڙ عورت جيان سورن اچي ورايو آهي. 25 اسين شهر کان ٻاهر وڃي نہ ٿا سگھون، نڪي رستن تي نڪري ٿا سگھون، ڇاڪاڻ تہ دشمنن جي تلوار ۽ خوف اسان کي هر طرف کان وڪوڙي ڇڏيو آهي.“ 26 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! کٿا ڍڪيو، ۽ خاڪ تي ليٿڙيون پايو، زاروزار روئو ۽ رڙو، جيئن ڪنهن سڪيلڌي پٽ لاءِ روئبو آهي، ڇاڪاڻ تہ تباهہ ڪندڙ اوچتو اچي اوهان تي ڪڙڪندو.“ 27 خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! تون منهنجي قوم کي پرک، جيئن ڪو ڌاتو پرکيو ويندو آهي. هائو، کين پرکي ڏس تہ هو ڪيئن آهن. 28 هو سڀ پٿر دل فسادي آهن، جيڪي گلائون ڪندا ٿا وتن. هو پنهنجي ضد ۾ پتل ۽ لوهہ جيان سخت آهن. هو سڀ بدديانتيءَ واري هلت ٿا هلن. 29 منهنجي قوم اهڙي شيهي مثل آهي، جنهن کي جيترو بہ تيز ڌوڻي هڻي ڳاريو وڃي، تہ بہ انهيءَ مان مير نہ نڪرندي، ڇاڪاڻ تہ اها قوم بڇڙن ماڻهن کان پاڪ نہ ٿي ٿئي. 30 ماڻهو هنن کي کوٽو سڪو ڪري سڏيندا، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند کين رد ڪري ڇڏيو آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society