يرمياہ 52 - Muslim Sindhi Bibleيروشلم جو زوال ( 2.بادشاهَہ 24:18–25:7 ) 1 جڏهن صدقياہ يهوداہ جو بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ اٽڪل يارهن سال حڪومت ڪئي. سندس ماءُ جو نالو حموطل هو، جيڪا لبناہ شهر واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي. 2 هن يهويقيم وانگر اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ بُرا هئا. 3 خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو. اهو هيئن ٿيو جو صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خلاف بغاوت ڪئي. 4 سو صدقياہ جي بادشاهيءَ جي نائين سال، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ تي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو. هن يروشلم جي ٻاهران پنهنجا خيما کوڙيا ۽ شهر جي چوڌاري مورچا تعمير ڪرايائين. 5 اهڙيءَ طرح صدقياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي يارهين سال تائين يروشلم شهر گھيري هيٺ رهيو. 6 پوءِ شهر ۾ اهڙو تہ سخت ڏڪار اچي پيو جو ماڻهن جي کائڻ لاءِ کاڌو ئي نہ رهيو، تڏهن ساڳئي سال چوٿين مهيني جي نائين تاريخ تي 7 بابل وارن هڪڙي هنڌان شهر جي ڀت ڀڳي. تنهن وقت جنگي جوڌا ان دروازي منجھان ڀڄي ٻاهر نڪري ويا جيڪو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان گھٽيءَ ۾ هو، جڏهن تہ بابل وارا شهر جو گھيرو ڪيو بيٺا هئا. اهي اردن ماٿريءَ وارو رستو وٺي ڀڄڻ لڳا. 8 پر بابل جو لشڪر صدقياہ بادشاهہ جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي ميدان ۾ وڃي پهتس. صدقياہ جو سڄو لشڪر هن کي ڇڏي هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي ويو. 9 سو بادشاهہ کي پڪڙي وڌائون. پوءِ صدقياہ بادشاهہ کي حمات علائقي جي ربلہ شهر ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ پيش ڪيو ويو، جتي هن سندس سزا جو اعلان ڪيو. 10 اتي ربلہ ۾ صدقياہ بادشاهہ جي پٽن کي بابل جي بادشاهہ سندس اکين اڳيان قتل ڪرايو. هن يهوداہ جي سڀني عملدارن کي پڻ قتل ڪرايو. 11 پوءِ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍرايون ۽ کيس زنجيرن ۾ ٻڌائي بابل ڏانهن کڻي ويو، جتي هن کيس سندس مرڻ گھڙيءَ تائين قيد ۾ رکيو. هيڪل جي بربادي ( 2.بادشاهَہ 25:8-17 ) 12 بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جي اوڻيهين سال، پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ تي نبوزرادان جيڪو شاهي محافظن جو سالار هو ۽ بابل جي بادشاهہ جو عملدار هو، سو يروشلم ۾ داخل ٿيو. 13 هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا. 14 بابل جو سڄو لشڪر جيڪو شاهي محافظ دستي جي سالار سان گڏ هو، تنهن شهر جي چوڌاري واريون سڀ ڀتيون ڊاهي ڇڏيون. 15 تڏهن شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي بابل جي بادشاهہ ڏانهن پناهہ وٺڻ لاءِ نڪتا هئا، تن کان علاوہ باقي رهيل ڪاريگرن کي بہ سالار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو. 16 نبوزرادان انهيءَ ملڪ جي ڪن تمام غريبن کي اتي ئي ڇڏي ڏنو تہ جيئن ڀلي انگورن جي باغن ۽ ٻنين جي سنڀال ڪن. 17 پتل جا ٿنڀا، پتل جون ريڙهيون ۽ پتل جو حوض جيڪي خداوند جي گھر ۾ هئا، سي سڀ بابل وارن ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا ۽ انهن جو سڀ پتل بابل ڏانهن کڻي ويا. 18 قربانگاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏاريون، ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، رت کڻڻ لاءِ رڪابيون، لوباندان ۽ پتل جا ٻيا سڀ ٿانوَ جيڪي هيڪل جي خدمت ۾ ڪم ايندا هئا سي سڀ پڻ هو کڻي ويا. 19 ان کان علاوہ سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل شيون جن ۾ پياليون، پيالا، ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا، رک لاءِ تغاريون، شمعدان، لوباندان ۽ اوتڻ واري قربانيءَ جا پيالا شامل هئا، سي سڀ پڻ شاهي محافظن جو سالار کڻائي ويو. 20 پتل جا ٻئي ٿنڀا، وڏو حوض، ٻارهن پتل جا ڍڳا، جيڪي حوض جي هيٺان هئا ۽ ريڙهيون، اهي سڀ سليمان بادشاهہ خداوند جي گھر لاءِ پتل مان ٺهرايا هئا ۽ انهن جو پتل تورڻ کان ٻاهر هو. 21 ٻنهي ٿنڀن جي اوچائي ارڙهن ارڙهن هٿ هئي ۽ انهن جو گھيرو ٻارهن ٻارهن هٿ هو. هر هڪ ٿنڀي جي گولائيءَ جي ٿولهہ چار آڱر هئي ۽ اهو اندران پورو هو. 22 هر هڪ ٿنڀي جي مٿان پتل جو ڇٽ ٺهيل هو، جنهن جي اوچائي پنج هٿ هئي. ان ڇٽ تي چوڌاري پتل جي ڄاري ٺهيل هئي، جنهن ۾ پتل جا ڏاڙهون لڳل هئا. ٻئي ٿنڀي تي بہ اهڙيون ساڳيون شيون ۽ ڏاڙهون هئا. 23 ان ڄاريءَ جي چوڌاري ڪل ڏاڙهن جو تعداد هڪ سؤ هو، جڏهن تہ چئني پاسن تي سلسليوار ڇهانوي ڏاڙهون لڳل هئا. يهوداہ وارن جو قيد ٿي وڃڻ ( 2.بادشاهَہ 25:18-21 ) 24 بابلي سالار نبوزرادان سردار ڪاهن سراياہ، نائب ڪاهن صفنياہ ۽ دربانن جي ٽن نگرانن کي قيد ڪري پنهنجي ملڪ وٺي ويو. 25 شهر وارن مان هن لشڪر جي سپهہسالار ۽ ستن شاهي صلاحڪارن کي پڻ قيد ڪري ورتو. لشڪر جي سپهہسالار جو منشي، جيڪو ملڪ جي ماڻهن کي ڀرتي ڪندو هو ۽ ملڪ جا سٺ مکيہ ماڻهو، جيڪي شهر ۾ هٿ آيس تن سڀني کي پڻ هو قيد ڪري وٺي ويو. 26 بابلي سالار نبوزرادان انهن سڀني کي قيد ڪري حمات علائقي جي ربلہ شهر ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آڻي پيش ڪيو. 27 بابل جي بادشاهہ انهيءَ شهر ۾ هنن کي مارائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح يهوداہ وارا قيد ٿي پنهنجي ملڪ کان جلاوطن ڪيا ويا. 28 جن ماڻهن کي نبوڪدنضر قيد ڪري وٺي ويو، تن جو شمار هن طرح آهي: سندس بادشاهيءَ جي ستين سال ٽي هزار ٽيويهہ ماڻهو، 29 سندس بادشاهيءَ جي ارڙهين سال يروشلم مان اٺ سؤ ٻٽيهہ ماڻهو، 30 سندس بادشاهيءَ جي ٽيويهين سال شاهي محافظن جي سالار نبوزرادان جي ذريعي ست سؤ پنجيتاليهہ ماڻهو. جيڪي جلاوطن ڪيا ويا سي جملي چار هزار ڇهہ سؤ ماڻهو هئا. يهوياڪين جو آزاد ٿيڻ ( 2.بادشاهَہ 25:27-30 ) 31 يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي قيد ٿي وڃڻ جي ستٽيهين سال، ٻارهين مهيني جي پنجويهين تاريخ تي بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ ولد نبوڪدنضر پنهنجي بادشاهيءَ جي پهرئين سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان آزاد ڪيو. 32 هن ساڻس مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪيو ۽ ساڻس گڏ قيد ٿيل ٻين بادشاهن کان وڌيڪ مان مرتبو ڏنائينس. 33 سو يهوياڪين قيدين وارا ڪپڙا بدلايا ۽ پنهنجي سڄي حياتي بابل جي بادشاهہ سان گڏ سندس دسترخوان تي کائيندو رهيو. 34 جيستائين يهوياڪين جيئرو هو، تيستائين کيس بابل جي بادشاهہ وٽان هميشہ روزمرہ جو مقرر خرچ پکو ملندو رهيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society