يرمياہ 48 - Muslim Sindhi Bibleموآب متعلق پيغام 1 قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي نبو شهر وارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ سندن شهر ويران ٿي ويندو. قريتائم شهر جا رهاڪو پڻ خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهر جو ڪوٽ ڪيرايو ويندو، ۽ شهر قبضي هيٺ اچي ويندو. 2 موآب ملڪ جو شان وَ شوڪت ختم ٿي ويندو، سندس شهر حشبون تي قبضو ڪري دشمن موآبين خلاف هيءَ سازش سِٽيندا تہ ’اچو تہ انهيءَ قوم جو خاتمو آڻي ڇڏيون.‘ اي مدمين شهر وارؤ! اوهان جو بہ خاتمو آندو ويندو، هائو، اوهين جنگ جي حوالي ڪيا ويندا. 3 حورونايم شهر مان رڙين جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو تہ ’هاءِ! اسين برباد ٿي وياسين. هاءِ! اسين تباهہ ٿي وياسين.‘ 4 موآب ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويندو، انهيءَ ملڪ جي ٻارڙن جون رڙيون پيون ٻڌبيون. 5 لوحيت واري چاڙهيءَ کان هو روئندا مٿي چڙهندا ويندا، حورونايم واري لاهيءَ تائين تباهيءَ وارين رڙين جو ڏک ڀريو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. 6 اهي چوندا ويندا تہ ’ڀڄو، ڀڄو، پنهنجا سر بچايو، هائو، جھنگلي گڏهہ جيان تيز ڀڄو.‘ 7 اي موآب وارؤ! جيئن تہ اوهين پنهنجن ڪوٽن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسو ٿا رکو، سو اوهين بہ قيدي بڻايا ويندا. اوهان جو معبود ڪموس پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو. 8 تباهي مچائيندڙ لشڪر هر شهر توڙي ڳوٺ تي ڪاهي ايندو، ۽ ڪابہ وسندي بچي ڪين سگھندي. پوءِ ماٿري هجي توڙي ميدان سڀ ناس ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو مون خداوند جو فرمان آهي. 9 هاڻ ڀلي اوهين پنهنجي ملڪ موآب تي لوڻ ڇٽي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ ان جا شهر اهڙا تہ ويران ٿي ويندا، جو ڪوبہ انهن ۾ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“ 10 هاڻ جيڪو خداوند جي انهيءَ ڪم ۾ غفلت ڪندو سو لعنتي ٿيندو. هائو، جيڪو پنهنجيءَ تلوار کي خون وهائڻ کان روڪيندو سو لعنتي ٿيندو. موآب جي شهرن لاءِ برباديءَ جي اڳڪٿي 11 خداوند فرمائي ٿو تہ ”موآب وارا پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي امن وَ سلامتيءَ سان رهيا آهن، اهي ڪڏهن بہ جلاوطن نہ ڪيا ويا آهن. هائو، موآب وارا مئي جي اهڙي پيالي مثل آهن، جنهن ۾ ڪا هلچل نہ اچڻ ڪري ان جي مئي آٺرجي صاف ٿي وڃي. اها هڪڙي ٿانو مان ٻئي ٿانو ۾ ڪڏهن بہ نہ اوتي ويئي آهي، جنهن سبب هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي خوشبوءِ نہ بدلي آهي. 12 پر ياد رکو، اهي ڏينهن اچڻ وارا آهن، جڏهن آءٌ خداوند موآب ملڪ ڏانهن تباهي آڻيندڙ موڪليندس، جيڪي انهيءَ کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا. هائو، ڄڻ تہ انهيءَ مئي کي هاري وهايو ويندو، ۽ ان جون صراحيون ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيون وينديون. 13 پوءِ موآب وارا پنهنجي معبود ڪموس جي ڪري اهڙا تہ خوار خراب ٿيندا، جيئن اسرائيل وارا بيتايل واري معبود جي ڪري ٿيا هئا، جنهن تي هنن توڪل رکيو هو. 14 اي موآب وارؤ! اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’اسين جوڌا جوان ۽ جنگي سورما آهيون‘؟ 15 تباهي مچائيندڙ لشڪر موآب جي شهرن تي ڪاهي ايندو، ۽ انهيءَ جي چونڊ جوان مردن کي قتل ڪيو ويندو. آءٌ ئي بادشاهہ آهيان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ هي سڀ آءٌ ئي ٿو چوان. 16 موآب جو زوال اچي پهتو آهي، هائو، ان جي تباهي تمام تيزيءَ سان وڌندي پئي اچي. 17 اوهين سڀ جيڪي ان جي آسپاس رهيا پيا آهيو، يعني اهي جن سندس هاڪ ٻڌي آهي، سي ان لاءِ روڄ راڙو ڪري چئو تہ ’آہ! اها مضبوط ۽ شاندار شاهي لٺ ڪيئن نہ ڀڄي پيئي آهي!‘ 18 اي موآب جي شهر ديبون جا رهاڪؤ! اوهين پنهنجو مان مرتبو ڇڏي، ڌرتيءَ جي خاڪ تي اچي ويهو. انهيءَ سبب جو موآب ۾ تباهي مچائيندڙ لشڪر اوهان تي بہ اچي ڪڙڪندو، ۽ اوهان جا مضبوط ڪوٽ قلعا ڪيرائي ناس ڪري ڇڏيندو. 19 اي عروعير شهر جا رهاڪؤ! رستي جي ڀر ۾ بيهي نظر ڦيرايو. موآب ملڪ کان ڀڄي نڪرندڙ هر مرد ۽ عورت کان پڇو تہ ’ڇا ٿيو آهي؟‘ 20 هو اوهان کي ٻڌائيندا تہ ’موآب خوار خراب ڪيو ويو آهي. اهو بلڪل ناس ڪيو ويو آهي. سو اسان سان گڏ روئو رڙو. اوهين موآب جي سرحد واري برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي هلندي پڙهو گھمايو تہ موآب برباد ڪيو ويو آهي.‘ 21 موآب جي مٿاهين ميدان وارن هنن شهرن تي سزا نازل ٿيڻ واري آهي: حولون، يهصاہ، مفعت، 22 ديبون، نبو، بيتدبلتايم، 23 قريتائم، بيتجمول، بيتمعون، 24 قريوت ۽ بُصراہ. موآب جي سڀني ويجھن توڙي ڏورانهن شهرن تي اها سزا نازل ٿيندي. 25 موآب جو لشڪر قتل ڪيو ويندو ۽ انهيءَ جي طاقت ختم ڪئي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ موآب جو خوار خراب ٿيڻ 26 شل تہ موآب کي ايستائين سزا ڏني وڃي، جيستائين هو ڪنهن شرابيءَ جيان ڌت نہ ٿي وڃي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند کان پاڻ کي مٿاهون ڪيو آهي. ڀلي تہ موآب ڄڻ پنهنجي الٽيءَ ۾ پاڻ ليٿڙيون پائي ۽ ڀلي تہ ان تي کل ٺٺولي ٿئي. 27 اي موآب وارؤ! ڇا خداوند جي قوم اوهان جي لاءِ کل ٺٺوليءَ جو باعث ڪين هئي؟ انهيءَ قوم کي چورن سان گڏ ڏٺو ويو هو ڇا، جو اوهين جيترا ڀيرا هن جو ذڪر ٿا ڪريو اوترا ڀيرا اوهين منهن کي موڙو ٿا ڏيو؟ 28 اي موآب جا رهاڪؤ! شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪرن منجھہ رهو. هائو، انهيءَ ڪبوتر جيان پنهنجي حفاظت ڪريو، جيڪو غار واري پناهہگاهہ ۾ پنهنجو آکيرو ٺاهيندو آهي. 29 اسان اوهان جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي، تہ اوهين ڏاڍا مغرور ٿي ويا آهيو. هائو، اسان اوهان جي وڏائيءَ، مغروريءَ، گستاخيءَ ۽ اوهان جي دل جي هٺ بابت ٻڌو آهي. 30 تڏهن تہ خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون کي موآب وارن جي مغروريءَ جي خبر آهي، پر اها فضول آهي. هنن جي ٻٽاڪن مان ڪي بہ ڪين ورندو. 31 تنهنڪري قيرحراست شهر، بلڪ سڄي موآب جي ماڻهن جي تباهيءَ تي مون کي ايترو تہ ڏک ٿيندو جو مون کي روئڻ اچي ويندو. 32 اي موآب جي شهر سبماہ جا رهاڪؤ! آءٌ اوهان جي تباهيءَ تي انهيءَ کان بہ وڌيڪ روئندس، جيترو يعزير شهر لاءِ رنو هئس. اوهين انگورن جي اهڙيءَ ول جيان آهيو، جنهن جون ٽاريون کاري سمنڊ کان ٽپي ويون هجن، ۽ يعزير شهر تائين وڃي پهتيون هجن. ۽ ان ول ۾ انگورن جو قيمتي فصل پيدا ٿيل هجي. هاڻي ان تي تباهي مچائيندڙ هڪ لشڪر اچي ڪڙڪندو. 33 موآب جي زرخيز سرزمين مان خوشي ۽ سرهائي نڪري وينديون. آءٌ انگورن جي چيچڙن مان مئي ڪڍڻ بند ڪرائي ڇڏيندس. ڪوبہ خوشيءَ جا آواز ڪڍندي چيچڙي ۾ انگور لتاڙي مئي نہ ڪڍندو. 34 حشبون ۽ العالي شهرن وارا رڙيون ڪندا. سندن رڙيون يهض شهر تائين، بلڪ ضغر کان وٺي حورونايم ۽ عجلت شليشياهہ شهرن تائين پيون ٻڌبيون، ڇاڪاڻ تہ برباديءَ سبب نمريم نهر جو پاڻي بہ سڪي ويندو. 35 موآب ۾ غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ قربانيون ساڙڻ ۽ سندن معبودن لاءِ نذرانا پيش ڪرڻ کي آءٌ بند ڪرائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي. 36 منهنجي دل قيرحراست بلڪ سڄي موآب جي ماڻهن لاءِ سرندي جي ماتمي سر وانگر ٿي روئي، ڇاڪاڻ تہ سندن هر طرح جو گڏ ڪيل مال متاع چٽ ٿي ويندو. 37-38 موآب جي سڀني گھرن جي ڇتين تي ۽ ان جي سڀني چونڪن تي ماتم متل هوندو. انهيءَ ڪري هر مٿو ڪوڙيل هوندو ۽ هر ڪا ڏاڙهي ڪتريل هوندي. هر ڪنهن پنهنجي هٿن کي زخمي ڪيو هوندو ۽ پنهنجي چيلهہ تي کٿو ڍڪيو هوندو. انهيءَ سبب جو آءٌ موآب کي ردي ٿانو وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هوندو. 39 آہ! اهو ڪيئن نہ ڀڃي ڀورا ڪيو ويندو! موآب وارا ڪيئن نہ واءِويلا ڪري روئندا. آہ! موآب ڪيئن نہ خوار خراب ڪيو ويندو! موآب تي اهڙي تہ ڀيانڪ بربادي اچي ڪڙڪندي، جو سندس سڀيئي آسپاس واريون قومون مٿس کِلَ ٺٺوليون ڪنديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ موآب جي پڇاڙي 40 خداوند ٿو فرمائي تہ ”دشمن لشڪر عقاب وانگر اڏامندو، موآب ملڪ مٿان پنهنجا پر پکيڙيندو. 41 ان جا سڀ شهر قبضي هيٺ اچي ويندا، ۽ مضبوط قلعا دشمن هٿ ڪري وٺندا. انهيءَ ڏينهن موآب جي بهادر مردن جي دلين ۾ اهڙي تہ دهشت هوندي، جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي. 42 موآب وارا قوم جي حيثيت ۾ وري نہ اُسرندا، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند کان پاڻ کي مٿاهون ڪيو آهي. 43 اي موآب جا رهاڪؤ! آءٌ خداوند ٿو چوان تہ دهشت، کڏ ۽ ڦندو، اهي سڀ اوهان جا منتظر آهن. 44 جيڪي دهشت کان ڀڄي نڪرندا سي کڏ ۾ ڪري پوندا، ۽ جيڪي کڏ مان مٿي نڪري ايندا سي ڦندي ۾ ڦاسي پوندا. انهيءَ سبب جو مون خداوند اوهان موآب وارن لاءِ سزا جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي. 45 تڏهن جيڪي ڀاڄوڪڙ هوندا، سي سيحون بادشاهہ جي شهر حشبون جي پناهہ ۾ بيتابيءَ جي حالت ۾ اچي بيهي رهندا، پر حشبون شهر بہ ساڙي رک ڪيو ويندو، سو اها باهہ فسادين جي ملڪ موآب کي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. 46 اي موآب وارؤ! ويل آهي اوهان لاءِ! اي ڪموس معبود جا پوڄاريؤ! اوهين نيست وَ نابود ٿي ويندا، جڏهن تہ اوهان جا پٽ توڙي ڌيئرون قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويندا.“ 47 انهي هوندي بہ ايندڙ وقت ۾ خداوند موآب جي خوشحالي وري بحال ڪندو. سو موآب جي سزا بابت خداوند جو فرمان هتي پورو ٿيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society