يرمياہ 47 - Muslim Sindhi Bibleفلستين بابت پيغام 1 فلستي شهر غزہ تي فرعون جي ڪاهہ کان اڳ فلستين بابت خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيو تہ 2 ”ڏس، اتر کان لشڪر ڪيئن نہ ٻوڏ جيان چڙهندا ٿا اچن! اهي هڪ طوفاني ٻوڏ بڻجي ويندا ۽ اٿلي فلستي ملڪ جي هر شهر ۽ ان جي هر رهاڪوءَ، بلڪ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي تنهن کي ٻوڙي ڇڏيندا. ان وقت ملڪ جا سڀ رهاڪو دانهون ڪندا ۽ روئندا رڙندا، 3 هائو، دشمن جي جنگي گھوڙن جي سنبن جي آواز تي، جنگي گھوڙي گاڏين جي ڪڙڪي تي، ۽ انهن جي ڦيٿن جي کڙڪي تي، خوف وچان پيئرن جا هٿ لولا لنگڙا ٿي پوندا، ايتري قدر جو هو ڀڄندي ڀڄندي پنهنجن ٻارن جي مدد لاءِ بہ نہ موٽندا. 4 سڀني فلستين کي ناس ڪرڻ جو ڏينهن اچي ويو آهي، هائو، اهي جيڪي صور ۽ صيدا جي مدد ڪن ٿا. آءٌ خداوند فلستين کي، يعني ڪريت ٻيٽ جي اصلي رهاڪن کي ناس ڪرڻ وارو آهيان. 5 اي فلستيؤ! اوهين جيڪي تباهيءَ کان بچي ويندا سي ڪيستائين پيا ماتم ڪندا؟ هائو، اي غزہ ۽ اسقلون شهر وارؤ! اوهين ڪيستائين سوڳ ۾ پنهنجا مٿا ڪوڙائي ماٺ ڪري ويهندا؟ 6 اوهين رڙيون ڪري چوندا تہ ’اي خداوند جي تلوار! تون ڪيستائين پئي قتلام ڪندي رهندينءَ؟ هاڻ پنهنجي مياڻ ۾ موٽي وڃ، خاموش رهہ ۽ آرام وٺ.‘ 7 پر اُها قتلام کان ڪيئن ٿي رڪجي سگھي، جڏهن تہ مون خداوند ان کي سمنڊ ڪناري فلستي ملڪ تي يعني اسقلون ۽ ٻين شهرن تي حملي جو حڪم ڏنو آهي؟ هائو، مون انهيءَ کي اتي مقرر ڪيو آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society