Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 45 - Muslim Sindhi Bible


خداوند جو باروڪ سان واعدو

1 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال جڏهن مون باروڪ ولد نيرياہ کي چمڙي جي هڪڙي ويڙهوٽي ۾ خداوند جو پيغام لکرايو، تڏهن مون يرمياہ کيس هي چيو تہ

2 ”اي باروڪ! خداوند، بني اسرائيل جي خدا تو لاءِ هڪڙو پيغام ڏنو آهي.

3 جيئن تہ تون چوين ٿو تہ ’مون سان ويل آهي. خداوند منهنجي درد کي وڌايو آهي. آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان ۽ آرام ڪونہ ٿو مليم،‘

4 سو خداوند تو کي فرمائي ٿو تہ ’جيڪي مون اڏيو آهي تنهن کي ڊاهي ٿو ڇڏيان ۽ جيڪي مون پوکيو آهي سو پاڙان پٽي ٿو ڪڍان. سو آءٌ سڄي دنيا ۾ ائين ئي ڪندس.

5 تہ پوءِ اي باروڪ! ڇو تون پنهنجي لاءِ عمديون شيون ڳوليندو ٿو وتين؟ ياد رک، انهن پٺيان نہ پَئُہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اعلان ٿو ڪريان تہ هر بني بشر تي آفت آڻيندس. پر تون جتي بہ ويندين اتي تو کي جيئدان ملندو.‘“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan