يرمياہ 43 - Muslim Sindhi Bibleماڻهن جو يرمياہ نبيءَ کي مصر ڏانهن وٺي وڃڻ 1 جڏهن مون يرمياہ ماڻهن کي خداوند اسان جي خدا جون فرمايل اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي بس ڪئي، 2 تڏهن عزرياہ ولد هوسعياہ، يوحنان ولد قريح ۽ ٻين سڀني هٺيلن ماڻهن مون کي چيو تہ ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين! خداوند اسان جي خدا تو کي اسان لاءِ ائين ڪونہ چيو آهي تہ ’اوهين مصر ۾ رهڻ لاءِ هرگز نہ وڃو.‘ 3 پر باروڪ ولد نيرياہ تو کي اسان جي خلاف ڀڙڪائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي بابلين جي حوالي ڪيو وڃي تہ جيئن هو اسان کي ماري ڇڏين يا وري اسان کي قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي وڃن.“ 4 اهڙيءَ طرح يوحنان، لشڪر جي سڀني سالارن ۽ سڀني ماڻهن يهوداہ ملڪ ۾ ئي رهي پوڻ واري خداوند جي حڪم کي نہ مڃيو. 5 اٽلندو يوحنان ۽ لشڪر جي سالارن يهوداہ جي انهن سڀني باقي بچيل ماڻهن کي پاڻ سان ساڻ کنيو، جيڪي انهن سڀني قومن مان يهوداہ ملڪ ۾ رهڻ لاءِ موٽي آيا هئا، جتي کين هڪالي ڪڍيو ويو هو. 6 هن انهن مردن، عورتن، ٻارن، بادشاهہ جي ڌيئرن ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ، جنهن کي بابلي محافظن جو سالار نبوزرادان گورنر جِدلياہ وٽ ڇڏي ويو هو، تن سان گڏ مون کي ۽ باروڪ ولد نيرياہ کي بہ ساڻ کنيو. 7 سو هو خداوند جي نافرماني ڪندي مصر جي ملڪ ۾ داخل ٿيا ۽ تحفنيس شهر تائين اچي پهتا. 8 تحفنيس شهر ۾ مون تي وري خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ 9 ”تون وڏا وڏا پٿر کڻي تحفنيس واري فرعون جي محل جي دروازي جي سامهون رستي واري فرش ۾ يهوداہ وارن جي روبرو چوني سان هڻي ڇڏ. 10 پوءِ کين مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر کي گھرائيندس، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي. آءٌ سندس تخت انهن پٿرن تي قائم ڪندس، جيڪي مون هتي هڻايا آهن. هو پنهنجو شاهي شاميانو انهن جي مٿان پکيڙيندو. 11 هو اچي مصر جي ملڪ کي شڪست ڏيندو. پوءِ جن جي نصيب ۾ موتمار بيماري هوندي، سي وبا ۾ مري کپي ويندا، جن جي نصيب ۾ قيد هوندو، سي پڪڙي قيد ڪيا ويندا ۽ جن جي نصيب ۾ قتل ٿيڻ هوندو، سي تلوار جي حوالي ڪيا ويندا. 12 آءٌ مصر جي بتخانن ۾ باهيون ڀڙڪائيندس ۽ بابل جو بادشاهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندو ۽ انهن جي بتن کي قبضي ۾ آڻي پاڻ سان کڻي ويندو. جهڙيءَ طرح ڪو ڌنار پنهنجي چادر مان جيت ڪڍي انهيءَ کي بلڪل صاف ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح بابل جو بادشاهہ مصر ملڪ مان سڄو مال ملڪيت لٽي ڦري ملڪ کي خالي ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان صحيح سلامت هليو ويندو. 13 سج ديوتا جو پوڄا گھر، جيڪو مصر ۾ آهي، تنهن جا ٿنڀي جيان کوڙيل مجسما هو ڀڃي ڇڏيندو ۽ مصر جي بتخانن کي باهيون ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.‘“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society