يرمياہ 42 - Muslim Sindhi Bible1 تڏهن اتي لشڪر جا سڀ سالار ۽ يوحنان ولد قريح، عزرياہ ولد هوسعياہ ۽ ٻيا سڀ ننڍا توڙي وڏا ماڻهو 2 مون يرمياہ وٽ آيا ۽ مون کي چيائون تہ ”اسان جو عرض آهي تہ اوهين مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان هنن باقي بچيلن لاءِ دعا گھرو. اوهين پاڻ ڏسو ٿا تہ ڪڏهن تہ اسين گھڻا هئاسين پر هاڻ ٿورڙا وڃي بچيا آهيون. 3 سو اوهين دعا گھرو تہ خداوند خدا اسان جي رهنمائي ڪري تہ اسين ڪيڏانهن وڃون ۽ ڇا ڪريون.“ 4 مون کين وراڻيو تہ ”مون اوهان جي ڳالهہ ٻڌي آهي. آءٌ پڪ ئي پڪ خداوند اسان جي خدا کان دعا گھرندس، جيئن اوهان عرض ڪيو آهي. آءٌ اوهان کي اهو سڀ ٻڌائيندس، جيڪي خداوند اوهان بابت ٻڌائيندو. آءٌ اوهان کان ڪجھہ بہ نہ لڪائيندس.“ 5 تڏهن هنن مون کي چيو تہ ”خداوند اسان جو خدا اوهان جي معرفت جيڪو بہ حڪم اسان کي ڏيندو، جيڪڏهن اسين ان تي عمل نہ ڪريون تہ پوءِ سچو ۽ وفا ڪندڙ خداوند شل اسان جي خلاف ٿئي. 6 اهو اسان جي لاءِ ڀلو هجي يا برو، پر اسين خداوند اسان جي خدا، جنهن کان دعا گھرڻ لاءِ اسين اوهان کي عرض ڪري رهيا آهيون تنهن جي فرمانبرداري ڪنداسين، تانتہ جڏهن اسين خداوند پنهنجي خدا جي تابعداري ڪريون تہ اسان جو ڀلو ٿئي.“ مصر وڃڻ کان خداوند جي منع 7 ڏهن ڏينهن کان پوءِ مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو. 8 سو مون يوحنان ولد قريح ۽ لشڪر جا جيڪي سالار ساڻس گڏ هئا تن سڀني کي ۽ ٻين ننڍن توڙي وڏن ماڻهن کي پاڻ وٽ سڏايو. 9 مون کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا، جنهن کان دعا گھرڻ لاءِ اوهان مون کي عرض ڪيو هو، سو فرمائي ٿو تہ 10 ’جيڪڏهن اوهين هن ملڪ يهوداہ ۾ ئي آباد رهندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس، ڊاهيندس نہ، آءٌ اوهان جا پير ڄمائيندس، اُکيڙيندس نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت مون اوهان تي آندي تنهن کان مون کي ڏک پهتو آهي. 11 جنهن بابل جي بادشاهہ کان اوهين ڊڄو ٿا تنهن کان هاڻ نہ ڊڄو. ان کان ڪوبہ خوف نہ ڪريو، ڇو تہ آءٌ خداوند اوهان سان گڏ آهيان. آءٌ اوهان کي بچائيندس ۽ هن جي هٿان ڇڏائيندس. 12 آءٌ اوهان تي مهربان ٿيندس، تہ جيئن هو اوهان تي رحم ڪري اوهان کي پنهنجن پنهنجن گھرن ۾ آباد ٿيڻ ڏئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘ 13 پر جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي نافرماني ڪندا ۽ چوندا تہ ’اسين هن ملڪ ۾ نہ رهنداسين، 14 هرگز نہ، بلڪ اسين مصر جي ملڪ ۾ وڃي رهنداسين، جتي نہ اسين جنگ ڏسنداسين، نڪي انهيءَ جي نفيلن جو آواز ئي ٻڌنداسين ۽ نہ وري مانيءَ لاءِ بکايل رهنداسين،‘ 15 تہ پوءِ خداوند جو فرمان ٻڌي ڇڏيو، اي يهوداہ جا باقي بچيل رهاڪؤ! قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن مصر ۾ وڃي رهڻ جو اوهان جو ارادو پڪو آهي ۽ واقعي اتي وڃي رهندا تہ پوءِ 16 ياد رکو، جنهن جنگ کان اوهين ڊڄو ٿا سا اتي اوهان تي اچي ڪڙڪندي ۽ جنهن ڏڪار کان اوهين خوفزدہ آهيو سو مصر ۾ بہ اوهان جو پيڇو ڪندو ۽ اوهين اتي ئي مري کپي ويندا. 17 يقيناً ائين ئي ٿيندو جو جن مصر ۾ وڃي رهي پوڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي، سي اتي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري کپي ويندا. انهن مان ڪوبہ انهيءَ مصيبت کان بچي ڪين سگھندو جيڪا آءٌ مٿن آڻيندس. 18 سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘ 19 اي يهوداہ جا باقي بچيل رهاڪؤ! خداوند اوهان کي مصر ڏانهن وڃڻ جي منع فرمائي آهي. ياد رکو، اڄ مون اوهان کي آگاهہ ڪري ڇڏيو آهي. 20 حقيقت ۾ اوهان پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪيو آهي جو مون کي خداوند اسان جي خدا کان دعا گھرڻ لاءِ عرض ڪري چيو اٿوَ تہ جيڪي ڪجھہ هو چوندو سو ئي اوهين ڪندا. 21 اڄ مون اوهان کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي، جيڪي خداوند اسان جي خدا اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ مون کي فرمايو. پر اوهين انهن سڀني ڳالهين جي نافرماني ڪري رهيا آهيو. 22 سو هاڻي پڪ ڄاڻو تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جو ارادو رکو ٿا، اتي اوهين جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري کپي ويندا.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society