Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 40 - Muslim Sindhi Bible


يرمياہ نبيءَ جو يهوداہ ۾ ئي رهڻ

1 جڏهن يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي قيدين سان گڏ مون يرمياہ کي بہ زنجيرن ۾ ٻڌي اتان کان بابل ڏانهن جلاوطن ڪري نيو پئي ويو، تڏهن شاهي محافظن جي سالار نبوزرادان مون کي رامہ شهر ۾ ئي آزاد ڪرائي ڇڏيو. تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو.

2 آزاد ڪرڻ وقت محافظن جي سالار مون کي سڏائي چيو هو تہ ”هن ملڪ ۾ جيڪا آفت آئي آهي تنهن جو فرمان خداوند تنهنجي خدا جاري ڪيو هو.

3 هاڻ خداوند اها آفت آڻي پوري ڪئي آهي ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ئي ڪيو اٿس. اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ ان جي نافرماني ڪئي آهي.

4 پر اڄ آءٌ تو کي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جيڪي تنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل آهن. جيڪڏهن تون مون سان گڏ بابل ملڪ ڏانهن هلڻ چاهين تہ ڀلي هل، آءٌ تنهنجي سنڀال ڪندس. پر جيڪڏهن تون هلڻ نہ چاهين تہ پوءِ ڀلي نہ هل. ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جيڏانهن تو کي وڻي تيڏانهن هليو وڃ.“

5 آءٌ اڃا اتان روانو ئي نہ ٿيو هئس تہ نبوزرادان مون کي وڌيڪ چيو تہ ”چڱو تہ ائين آهي جو تون موٽي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن وٽ وڃ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي شهرن تي گورنر مقرر ڪيو آهي. تون پنهنجي قوم منجھہ ئي وٽس وڃي رهہ، يا جتي تو کي وڻي اتي وڃي رهہ.“ پوءِ انهيءَ سالار مون کي کاڌو ۽ سوکڙيون ڏيئي روانو ڪيو.

6 سو آءٌ مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ ولد اخيقام وٽ آيس ۽ وٽس باقي بچيل ماڻهن منجھہ رهڻ لڳس.


جِدلياہ جو يهوداہ وارن کي پاڻ وٽ آباد ڪرڻ
( 2.بادشاهَہ 25‏:22‏-24 )

7 يهوداہ جي لشڪر جي سالارن ۽ يهوداہ جي انهن ماڻهن جيڪي اڃا ٻاهر وڙهي رهيا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ جِدلياہ ولد اخيقام کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ ملڪ جو گورنر مقرر ڪيو آهي ۽ ان کي ملڪ جي بچيل سڀني ماڻهن، يعني اهي غريب ماڻهو جيڪي قيدي بڻائي بابل ڏانهن نہ موڪليا ويا هئا، تن جو نگران بڻايو اٿائين،

8 تڏهن اهي مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا. جيڪي آيا سي هي هئا: اسماعيل ولد نتنياہ، قريح جا پٽ يوحنان ۽ يونتن، سراياہ ولد تنحومت، عيفي نطوفاتيءَ جو اولاد ۽ معڪاتيءَ جو پٽ يازنياہ. اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت وٽس آيا.

9 تڏهن گورنر جِدلياہ انهن سڀني ماڻهن سان واعدو ڪندي کين چيو تہ ”بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر جي تابعداري ڪرڻ کان نہ گھٻرايو. اهو اوهان لاءِ چڱو ٿيندو، اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجي ئي ملڪ ۾ آباد ٿي ويندا.

10 ڏسو، آءٌ پاڻ مصفاہ شهر ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي بابلي اسان وٽ اچن تن اڳيان آءٌ اوهان جي نمائندگي ڪريان. پر اوهين مئي، اونهاري جا ميوا ۽ زيتون جو تيل ڪٺو ڪريو ۽ انهن جو پاڻ وٽ ذخيرو ڪريو ۽ انهن ئي شهرن ۾ رهي پئو جيڪي اوهان هٿ ڪيا آهن.“

11 ساڳيءَ طرح سڀيئي يهوداہ وارا جيڪي موآب، عمون، ادوم ۽ ٻين ملڪن ۾ هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بابل جو بادشاهہ ڪن ماڻهن کي ڇڏي ويو آهي ۽ انهن تي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن کي گورنر مقرر ڪيو اٿس،

12 تڏهن اهي جن هنڌن ڏانهن ڇڙوڇڙ ڪيا ويا هئا اتان موٽي يهوداہ ملڪ جي مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا، جتي هنن مئي ۽ اونهاري جا ميوا جھجھي مقدار ۾ گڏ ڪيا.

13 ڪجھہ ڏينهن بعد يوحنان ولد قريح ۽ يهوداہ جي لشڪر جا سڀ سالار جيڪي اڃا تائين ٻاهر وڙهي رهيا هئا، سي مصفاہ ۾ جِدلياہ وٽ آيا.

14 هنن اچي کيس چيو تہ ”ڇا اوهان کي خبر ناهي تہ اسماعيل ولد نتنياہ نالي هڪ ماڻهوءَ کي بني عمون جي بادشاهہ بعليس اوهان کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي؟“ پر جِدلياہ کي انهن جي ڳالهہ تي يقين نہ آيو.

15 تڏهن يوحنان جِدلياہ کي ڳجھہ ڳوهہ ۾ چيو تہ ”مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ اسماعيل ولد نتنياہ کي قتل ڪريان، انهيءَ ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوندي. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ هو اوهان جي جان وٺي ۽ پوءِ جيڪي يهوداہ وارا اوهان وٽ اچي گڏ ٿيا آهن سي وري ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو پڻ ناس ٿي وڃن.“

16 پر گورنر جِدلياہ يوحنان کي چيو تہ ”اهڙو ڪم هرگز نہ ڪجانءِ! ڇاڪاڻ تہ اسماعيل بابت جيڪي ڪجھہ تون چوين ٿو سو سچ ناهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan