Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 39 - Muslim Sindhi Bible


يروشلم جو زوال
( 2.بادشاهَہ 25‏:1‏-7 )

1 يروشلم تي هيئن قبضو ٿيو جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي نائين سال جي ڏهين مهيني ۾، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سڄو لشڪر ساڻ ڪري يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ ان کي گھيرو ڪري ويهي رهيو.

2 هنن صدقياہ جي بادشاهيءَ جي يارهين سال، چوٿين مهيني جي نائين تاريخ تي شهر جي ڀت ڀڃي وڌي.

3 تڏهن بابل جي بادشاهہ جا سڀ علمدار جن ۾ نيرگل‌سراضر، سمگرنبو، سرسڪيم، ٻيو نيرگل‌سراضر نالي اعليٰ عملدار پڻ شامل هئا، سي اندر لنگھي آيا ۽ شهر جي وچين دروازي وٽ انتظام سنڀالي ويهي رهيا.

4 جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سڄي لشڪر بابلين کي شهر اندر گھڙندي ڏٺو تڏهن وٺي ڀڳا. هو رات جي وڳڙي ۾ بادشاهہ جي باغ واري رستي کان ٻن ڀتين جي وچ واري دروازي مان ٻاهر نڪري شهر ڇڏي هليا ويا ۽ اردن ماٿري ڏانهن کڻي رخ رکيائون.

5 پر بابلي لشڪر هنن جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي بيابان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو. هو صدقياہ کي پڪڙي حمات جي علائقي ۾ ربلہ شهر منجھہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر وٽ وٺي آيا، جتي هن صدقياہ لاءِ سزا جو اعلان ڪيو.

6 تڏهن اتي ربلہ شهر ۾ صدقياہ جي پٽن کي بابل جي بادشاهہ سندس اکين اڳيان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ يهوداہ جا سڀ امير بہ مارائي ڇڏيائين.

7 پوءِ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍائي کيس زنجيرن ۾ بند ڪرايو تہ جيئن کيس بابل ڏانهن نيو وڃي.

8 بابلين عام ماڻهن جي گھرن سان گڏ بادشاهہ جي محل کي بہ باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيائون.

9 شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي اڳي ڀڄي بابلين سان وڃي مليا هئا، تن سڀني کي بابل جي شاهي محافظن جو سالار نبوزرادان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو.

10 پر يهوداہ جا ڪجھہ غريب ماڻهو، جن کي ڪابہ ملڪيت ڪانہ هئي، تن کي هن اتي ئي ڇڏي ڏنو ۽ انهيءَ کان علاوہ کين انگورن جا باغ ۽ ٻنيون بہ ڏنائين.


يرمياہ نبيءَ جو قيد مان آزاد ٿيڻ

11 ان وقت بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شاهي محافظن جي سالار نبوزرادان کي هي حڪم ڏنو تہ

12 ”تون يرمياہ کي قيد مان ڪڍي وڃي سندس سنڀال ڪر، کيس ڪوبہ ايذاءُ نہ رسائج. هو تو کي جيڪي چوي سو سندس لاءِ ڪج.“

13 سو نبوزرادان، نبوشزبان، ٻيو نيرگل‌سراضر ۽ بابل جي بادشاهہ جي ٻين اعليٰ علمدارن پنهنجا ڪي ماڻهو موڪلي

14 مون کي شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري مان گھرائي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن جي حوالي ڪيو ۽ کيس حڪم ڪيائون تہ ”يرمياہ کي موٽائي سندس گھر ڇڏي اچ.“ اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي قوم وارن سان گڏ رهڻ لڳس.


عبدملڪ لاءِ خدا جو واعدو

15 جڏهن آءٌ شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد هئس، تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ

16 ”اي يرمياہ! تون وڃي عبدملڪ سوڊانيءَ کي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ پنهنجيون چڱائيءَ واريون ڳالهيون نہ، بلڪ اڳ مقرر ڪيل مصيبت واريون ڳالهيون هن شهر تي آڻي پوريون ڪرڻ وارو آهيان. هائو، اهي مقرر ڏينهن تي تنهنجي اکين اڳيان پوريون ٿينديون.

17 پر انهيءَ ڏينهن آءٌ تو کي ڇڏائيندس ۽ جن ماڻهن کان تون ڊڄين ٿو، تن جي هٿن ۾ وڃڻ کان تو کي بچائيندس.

18 هائو، آءٌ تو کي محفوظ رکندس. سو تون قتل نہ ڪيو ويندين ۽ تنهنجي جان بچي ويندي، ڇاڪاڻ تہ تون مون تي ڀروسو رکندڙ آهين. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan