Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 38 - Muslim Sindhi Bible


يرمياہ جو کوهہ ۾ اڇلائجڻ

1 صدقياہ بادشاهہ جي عملدارن سفطياہ ولد متان، جِدلياہ ولد فشحور، يهوڪل ولد سلمياہ ۽ فشحور ولد ملڪياہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، جيڪي مون سڀني ماڻهن کي پئي ٻڌايون.

2 مون خداوند جو هي فرمان پئي ٻڌايو تہ ”جيڪو بہ هن شهر يروشلم ۾ ترسندو سو جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري ويندو، پر جيڪو هتان نڪري بابلين ڏانهن هليو ويندو سو بچي ويندو، اهڙيءَ طرح سندس جان تہ بچي پوندي.“

3 خداوند جا هي لفظ بہ مون ٻڌايا پئي تہ ”هي شهر ضرور بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ اهو مٿس قبضو ڪري وٺندو.“

4 تڏهن انهن عملدارن بادشاهہ کي چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي ڳالهين سان انهن سپاهين کي بي‌همت ٿو ڪري جيڪي هن شهر ۾ باقي وڃي بچيا آهن، بلڪ سڄي قوم کي پڻ. هي ماڻهو هن قوم جي خيرخواهي نہ پر بدخواهي ٿو چاهي.“

5 تنهن تي صدقياہ بادشاهہ کين وراڻيو تہ ”هو اوهان جي حوالي آهي، آءٌ اوهان جي راءِ جي مخالفت ڪري نہ ٿو سگھان.“

6 سو هنن مون کي شهزادي ملڪياہ جي اونهي کوهہ ۾ وڌو، جيڪو محل واري اڱڻ ۾ هو. مون کي رسن جي ذريعي کوهہ ۾ هيٺ لاٿو ويو. کوهہ ۾ پاڻي ڪونہ هو، رڳو گپ هئي، جنهن ۾ آءٌ گچي پيس.

7 عبدملڪ سوڊاني، جيڪو بادشاهہ جي محل ۾ ملازم هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ مون کي کوهہ ۾ اڇلايو ويو آهي، انهيءَ وقت بادشاهہ شهر جي بنيامين دروازي وٽ درٻار لڳايو ويٺو هو.

8 تڏهن عبدملڪ محل مان نڪري وڃي بادشاهہ کي عرض ڪيو تہ

9 ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! هنن ماڻهن يرمياہ نبيءَ سان ڏاڍي خراب هلت ڪئي آهي. هن کي کوهہ ۾ کڻي اڇلايو اٿن، جتي هو بک وگھي مري ويندو، ڇاڪاڻ تہ شهر ۾ ڪو کاڌو نہ آهي.“

10 تڏهن عبدملڪ کي بادشاهہ حڪم ڏنو تہ ”تون هتان پاڻ سان ٽي ماڻهو وٺي وڃ ۽ يرمياہ نبيءَ کي مرڻ کان اڳ ۾ ئي کوهہ مان ٻاهر ڪڍي وٺ.“

11 سو عبدملڪ سوڊاني پاڻ سان ماڻهو وٺي بادشاهہ جي محل ۾ خزاني واري ڪمري جي هيٺان ويو. اتان هن پراڻا ڦاٽل ڪپڙا ۽ پراڻيون اڳڙيون ڪڍيون ۽ اهي رسن ذريعي هيٺ لاهي مون کي ڏنائين.

12 عبدملڪ مون کي چيو تہ ”اهي پراڻيون اڳڙيون ۽ ڦاٽل ڪپڙا رسن ۽ پنهنجي بغلن جي وچ ۾ رک.“ مون ائين ئي ڪيو.

13 اهڙيءَ طرح هنن مون کي رسن سان مٿي کنيو ۽ کوهہ مان ڪڍي ٻاهر آندائون. پوءِ مون کي وري محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ رکيو ويو.


يرمياہ نبيءَ کان ٻيهر پڇا ڳاڇا

14 پوءِ صدقياہ بادشاهہ ماڻهو موڪلي مون يرمياہ کي خداوند جي گھر جي ٽئين دروازي وٽ پاڻ وٽ گھرايو. بادشاهہ مون کي چيو تہ ”آءٌ تو کان هڪڙي ڳالهہ پڇان ٿو، مون کان ڪجھہ بہ نہ لڪائجانءِ.“

15 تڏهن مون صدقياہ کي چيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ تو کي صحيح جواب ڏيان تہ ڇا تون مون کي مارائي نہ ڇڏيندين؟ ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ آءٌ تو کي چڱي صلاح ڏيندس، تہ بہ تون منهنجي نہ ٻڌندين.“

16 پر صدقياہ بادشاهہ ٻين کان لڪ ۾ مون سان هي قسم کنيو تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن اسان ۾ ساهہ وڌو آهي تہ نڪي آءٌ تو کي مارائيندس ۽ نہ وري آءٌ تو کي انهن جي حوالي ڪندس جيڪي تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن.“

17 تڏهن مون صدقياہ کي چيو تہ ”قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي سالارن اڳيان آڻ مڃيندين تہ پوءِ تو کي جيئدان ملندو ۽ تون ۽ تنهنجو خاندان جيئرا رهندءُ. تڏهن هن شهر کي بہ نہ ساڙيو ويندو.

18 پر جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي سالارن اڳيان آڻ نہ مڃيندين، تہ پوءِ جڏهن بابلي هن شهر تي قبضو ڪري وٺندا تڏهن انهيءَ کي ساڙي ڇڏيندا ۽ تون بہ انهن جي هٿان بچي نہ سگھندين.‘“

19 بادشاهہ صدقياہ مون کي چيو تہ ”آءٌ انهن يهوداہ وارن کان ڊڄان ٿو، جيڪي غداري ڪري بابلين سان وڃي مليا آهن، ڇاڪاڻ تہ ٿي سگھي ٿو تہ بابلي مون کي انهن جي حوالي ڪن ۽ اهي مون سان خراب هلت هلن.“

20 تنهن تي مون کيس وراڻيو تہ ”هو تو کي انهن جي حوالي نہ ڪندا. تون خداوند جو هي حڪم مڃ، جيڪو آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو. پوءِ تنهنجو ڀلو ٿيندو ۽ تو کي جيئدان ملندو.

21 پر جيڪڏهن تون بابلين جي آڻ مڃڻ کان انڪار ڪندين تہ پوءِ ٻڌ، خداوند مون تي ظاهر ڪيو آهي تہ

22 جيڪي عورتون تو يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ بچيل آهن سي سڀ بابل جي بادشاهہ جي سالارن جي حوالي ڪيون وينديون. انهيءَ وقت اهي عورتون تو تي ٺٺوليون ڪري چونديون وينديون تہ ’تنهنجي خيرخواهن کان تو کي دوکو مليو، هو تو تي غلبو حاصل ڪري وٺندا هئا. سو هاڻي جڏهن تنهنجا پير گپ ۾ گپجي ويا آهن، تڏهن اهي تو کي ڇڏي ڀڄي ويا آهن.‘

23 پوءِ تنهنجيون سڀ زالون ۽ ٻار بابلين وٽ آندا ويندا. تون پاڻ بہ انهن کان بچي ڪين نڪرندين ۽ هي شهر ساڙيو ويندو.“

24 تڏهن صدقياہ مون کي چيو تہ ”هن گفتگوءَ متعلق ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي، نہ تہ ٿي سگھي ٿو جو تون ماريو وڃي.

25 جيڪڏهن عملدارن کي معلوم ٿي ويو تہ مون تو سان ڪا ڳالهہ ٻولهہ ڪئي آهي، تہ پوءِ اهي تو وٽ اچي تو کان پڇندا تہ ’اسان کي ٻڌاءِ تہ تو بادشاهہ کي ڇا چيو آهي ۽ بادشاهہ تو کي ڇا چيو آهي. تون اسان کان ڪجھہ بہ نہ لڪاءِ، نہ تہ اسين تو کي ماري ڇڏينداسين.‘

26 تڏهن تون کين ٻڌائج تہ ’مون بادشاهہ کي منٿ ميڙ پئي ڪئي تہ مون کي يونتن جي گھر واري قيدخاني ۾ واپس نہ موڪليو وڃي، جو آءٌ اتي مري ويندس.‘“

27 سو جڏهن سمورا عملدار واقعي مون وٽ آيا ۽ مون کان پڇا ڳاڇا ڪيائون، تڏهن مون کين اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو، جيڪو بادشاهہ مون کي ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو هو. سو هنن مون کي وڌيڪ ڪي بہ ڪين چيو، ڇو تہ بادشاهہ سان ٿيل منهنجو گفتگو ڪنهن بہ نہ ٻڌو هو.

28 اهڙيءَ طرح آءٌ ان ڏينهن تائين شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد رهيس، جيستائين يروشلم تي ٻين جو قبضو ٿي ويو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan