Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 37 - Muslim Sindhi Bible


صدقياہ جو دعا لاءِ يرمياہ کي عرض

1 بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صدقياہ ولد يوسياہ کي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيو، جيڪو يهوياڪين ولد يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.

2 هاڻ نہ صدقياہ، نڪي سندس عملدارن ۽ نہ وري سندس عوام ئي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان ڏنو، جيڪي منهنجي معرفت خداوند فرمايون هيون.

3 تنهن هوندي بہ صدقياہ بادشاهہ يهوڪل ولد سلمياہ ۽ ڪاهن صفنياہ ولد معسياہ جي معرفت مون ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اسان جي قوم لاءِ خداوند اسان جي خدا کان دعا گھر.“

4 ان وقت تائين آءٌ آزاديءَ سان ماڻهن منجھہ ايندو ويندو هئس، ڇاڪاڻ تہ اڃا مون کي قيد نہ ڪيو ويو هو.

5 فرعون جو لشڪر مصر مان نڪري چڪو هو، سو يروشلم کي گھيري هيٺ رکيو ويٺل بابلين جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو يروشلم کي ڇڏي هليا ويا.

6 تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو

7 ۽ جن کي صدقياہ بادشاهہ خدا کان دعا گھرڻ لاءِ مون ڏانهن موڪليو هو، تن جي معرفت مون صدقياہ بادشاهہ کي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان چوائي موڪليو تہ ”فرعون جو لشڪر جيڪو تنهنجي مدد لاءِ نڪتو آهي سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏانهن هليو ويندو.

8 پوءِ بابلي واپس اچي هن شهر يروشلم تي ڪاهہ ڪندا. هو انهيءَ تي قبضو ڪري ان کي ساڙي ڇڏيندا.

9 آءٌ خداوند اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ اوهين هي سوچيندي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ’هاڻي بابلي يقيناً اسان تي موٽي ڪاهہ نہ ڪندا.‘ پر اهي ضرور موٽي ايندا.

10 پوءِ بابلين جو لشڪر جيڪو اوهان تي حملو ڪري ايندو، تنهن کي جيڪڏهن اوهين شڪست بہ کڻي ڏيو ۽ سندن خيمي‌گاهہ ۾ رڳو زخمي ئي وڃي بچن، تہ بہ اهي ٻاهر نڪري هن شهر کي ضرور ساڙي ڇڏيندا.“


يرمياہ جو قيد ٿيڻ

11 جڏهن فرعون جي لشڪر جي ڊپ کان بابلين جو لشڪر يروشلم ڇڏي ڀڄي هليو ويو،

12 تڏهن آءٌ يروشلم مان نڪري بنيامين جي علائقي ۾ وڃڻ وارو هئس، انهيءَ لاءِ تہ اتي مائٽن وٽ جيڪو منهنجي ملڪيت جو حصو هو سو انهن کان وٺان،

13 پر جڏهن آءٌ اڃا يروشلم شهر جي بنيامين دروازي وٽ مس پهتس، تڏهن ارياہ ولد سلمياہ ولد حننياہ نالي پهريدارن جي سالار مون کي روڪي ورتو ۽ چيائين تہ ”تون غداري ڪري بابلين ڏانهن ڀڳو ٿو وڃين!“

14 مون وراڻيو تہ ”اهو ڪوڙ آهي، آءٌ بابلين ڏانهن ڀڳو ڪونہ ٿو وڃان.“ پر ارياہ منهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، اٽلندو مون کي گرفتار ڪري عملدارن وٽ پيش ڪيائين.

15 هو مون تي ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ مون کي چهبڪ هڻائي شاهي محرر يونتن جي گھر ۾ کڻي قيد ڪيائون. ان وقت يونتن جو گھر قيدخاني ۾ تبديل ڪيو ويو هو.

16 سو مون کي ان قيدخاني جي تهہ‌خاني ۾ رکيو ويو، جتي آءٌ گھڻو عرصو رهيس.

17 پوءِ بادشاهہ صدقياہ مون کي پنهنجي محل ۾ گھرائي ورتو جتي ڳجھيءَ طرح مون کان پڇيائين تہ ”خداوند وٽان ڪو پيغام آيو آهي يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”هائو، تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.“

18 پوءِ مون بادشاهہ صدقياہ کان پڇيو تہ ”مون تنهنجو يا تنهنجي عملدارن جو يا تنهنجي رعيت جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو تو مون کي قيد ۾ وڌو آهي؟

19 تون پنهنجي انهن نبي سڏائيندڙن کي تہ ڪا سزا نہ ٿو ڏين، جن ڪوڙي اڳڪٿي ڪري تو کي چيو هو تہ ’بابل جو بادشاهہ تو تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو.‘

20 پر هاڻي اي بادشاهہ سلامت! منهنجي ڳالهہ تي ڪجھہ ڌيان ڏيو، منهنجو هي عرض قبول ڪريو جو مون کي موٽائي شاهي محرر يونتن جي گھر نہ موڪليو، نہ تہ آءٌ اتي مري ويندس.“

21 تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم جاري ڪيو تہ مون کي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ڪيو وڃي ۽ روزانو نانوائين جي بازار مان مون کي ماني ڏني وڃي. پوءِ جيستائين شهر مان ماني بلڪل کپي نہ ويئي، تيستائين آءٌ محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan