Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 36 - Muslim Sindhi Bible


باروڪ جو هيڪل ۾ خداوند جو فرمان پڙهڻ

1 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال خداوند وٽان مون يرمياہ تي هي فرمان نازل ٿيو تہ

2 ”تون چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو کڻ ۽ ان تي اهي سڀ ڳالهيون لک، جيڪي مون تو سان يوسياہ جي بادشاهيءَ کان وٺي اڄ تائين اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ۽ ٻين سڀني قومن متعلق ڪيون آهن.

3 ٿي سگھي ٿو جڏهن يهوداہ وارا ان سڄي مصيبت بابت ٻڌن جيڪا آءٌ مٿن آڻڻ جو ارادو رکان ٿو، تڏهن اهي سڀيئي پنهنجي بڇڙين واٽن کان مڙي پون. پوءِ آءٌ انهن جي بڇڙائي ۽ گناهہ معاف ڪري ڇڏيندس.“

4 سو مون باروڪ ولد نيرياہ کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون باروڪ کي چوندو ويس جيڪي خداوند مون کي فرمايون هيون. باروڪ انهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي تي لکندو ويو.

5 پوءِ مون باروڪ کي هدايت ڪئي تہ ”جيئن تہ مون کي منع ڪئي ويئي آهي، سو آءٌ خداوند جي گھر ۾ نہ ٿو وڃي سگھان،

6 تنهنڪري خداوند جون ڳالهيون جيڪي مون تو کي لکرايون آهن سي تون خداوند جي هيڪل ۾ وڃي روزي واري ڏينهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح پڙهي ٻڌاءِ، جو خداوند جي گھر ۾ موجود مقامي ماڻهو توڙي يهوداہ جي مختلف شهرن کان آيل ماڻهو بہ چڱيءَ طرح ٻڌي سگھن.

7 ٿي سگھي ٿو تہ هو خداوند اڳيان آزي نيزاري ڪن ۽ انهن مان هر ڪو پنهنجي غلط رستي کان باز اچي وڃي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا ڪاوڙ ۽ جيڪو غضب خداوند انهيءَ قوم خلاف ظاهر ڪيو آهي سو تمام شديد آهي.“

8 باروڪ ائين ئي ڪيو جيئن مون کيس چيو هو. هو خداوند جون ڳالهيون پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چمڙي جو اهو ويڙهوٽو کڻي هيڪل ڏانهن روانو ٿيو.

9 اهو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي پنجين سال جو نائون مهينو هو، جڏهن يروشلم جي سڀني ماڻهن توڙي يهوداہ جي ٻين شهرن کان يروشلم ۾ آيل سڀني ماڻهن خداوند جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ روزو رکيو.

10 تڏهن باروڪ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ بالا اڱڻ ۾ شاهي محرر سافن جي پٽ جمرياہ جي ڪمري مان سڀني ماڻهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي مان خداوند جون مون کي ٻڌايل ڳالهيون پڙهي ٻڌايون.


باروڪ جو عملدارن آڏو خداوند جو فرمان پڙهڻ

11 جڏهن ميڪاياہ ولد جمرياہ ولد سافن چمڙي جي انهيءَ ويڙهوٽي مان خداوند جون سڀ ڳالهيون ٻڌيون،

12 تڏهن هو لهي شاهي محل ۾ شاهي محرر اليسمع جي ڪمري ۾ ويو، جتي شاهي محرر سان گڏ گھڻا عملدار گڏجاڻي ڪري رهيا هئا. انهن ۾ دلاياہ ولد سمعياہ، الناتن ولد عڪبور، جمرياہ ولد سافن، صدقياہ ولد حننياہ ۽ ٻيا عملدار شامل هئا.

13 جڏهن ميڪاياہ اهي سڀ ڳالهيون هنن کي ٻڌايون جيڪي هن باروڪ کان ماڻهن کي پڙهي ٻڌائيندي ٻڌيون هيون،

14 تڏهن سڀني عملدارن يهودي ولد نتنياہ ولد سلمياہ ولد ڪوشيءَ هٿان باروڪ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”چمڙي وارو اهو ويڙهوٽو جنهن مان تو ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو آهي سو پاڻ سان کڻي اچ.“ سو باروڪ اهو ويڙهوٽو پنهنجي هٿ ۾ کڻي هنن وٽ آيو.

15 هنن کيس چيو تہ ”مهرباني ڪري ويهي اسان کي اهو پڙهي ٻڌاءِ.“ سو باروڪ اهو کين پڙهي ٻڌايو.

16 جڏهن هنن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خوف وچان هڪٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا ۽ باروڪ کي چوڻ لڳا تہ ”اسين هي سڀ ڳالهيون ضرور بادشاهہ کي ٻڌائينداسين.“

17 پوءِ هنن باروڪ کان پڇيو تہ ”ٻڌاءِ تہ اهي سڀ ڳالهيون تو ڪيئن لکيون؟ ڇا يرمياہ تو کي لکرايون؟“

18 باروڪ کين وراڻيو تہ ”هائو، هن مون کي لکرايون ۽ مون اهي مس سان چمڙي جي ويڙهوٽي تي لکيون.“

19 پوءِ عملدارن باروڪ کي چيو تہ ”تون ۽ يرمياہ وڃي لڪو ۽ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي تہ اوهين ڪٿي آهيو.“


يهويقيم جو چمڙي جو ويڙهوٽو ساڙڻ

20 پوءِ انهن عملدارن چمڙي جو اهو ويڙهوٽو شاهي محرر اليسمع جي ڪوٺيءَ ۾ رکي ڇڏيو ۽ پاڻ بادشاهہ وٽ درٻار ۾ آيا ۽ کيس اهي ڳالهيون ٻڌايائون.

21 تڏهن بادشاهہ يهودي نالي انهيءَ ماڻهوءَ کي موڪليو تہ وڃي چمڙي جو اهو ويڙهوٽو کڻي اچي. يهودي وڃي شاهي محرر اليسمع جي ڪوٺيءَ مان اهو کڻي آيو ۽ بادشاهہ ۽ ان جي ڀر ۾ بيٺل عملدارن کي اهو پڙهي ٻڌايائين.

22 جيئن تہ اها سياري جي موسم هئي، سو بادشاهہ پنهنجي محل جي سياري واري رهائش‌گاهہ جي درٻار ۾ ويٺو هو ۽ سندس اڳيان مچ پئي ٻريو.

23 جڏهن يهوديءَ ويڙهوٽي مان ٽي يا چار صفحا پڙهيا تہ بادشاهہ ننڍي ڇري کڻي اهي صفحا ڪٽي مچ ۾ اڇلائي ڇڏيا، ائين جيڪي صفحا هو پڙهندو ويو بادشاهہ انهن کي ڪٽي باهہ ۾ اڇلائيندو ويو، ايستائين جو سڄو ويڙهوٽو سڙي رک ٿي ويو.

24 پر بادشاهہ توڙي ان جي عملدارن کي خداوند جون اهي ڳالهيون ٻڌي نہ ڪو خوف ٿيو، نہ ئي وري ڪو ڏک جو اظهار ڪيائون.

25 البت الناتن، دلاياہ ۽ جمرياہ نالي عملدارن بادشاهہ کي منٿ ڪئي تہ ويڙهوٽي کي نہ ساڙيو وڃي، پر هن سندن هڪ بہ نہ ٻڌي.

26 اٽلندو بادشاهہ پنهنجي شهزادي يرحمئيل ۽ شراياہ ولد عزري ايل ۽ سلمياہ ولد عبدي ايل نالي عملدارن کي حڪم ڏنو تہ ”وڃو، باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ کي گرفتار ڪري اچو.“ پر خداوند اسان کي لڪائي ڇڏيو هو.


يرمياہ جو ٻيهر ويڙهوٽو لکرائڻ

27 جڏهن بادشاهہ اُهو ويڙهوٽو ساڙي ڇڏيو جنهن تي اهي ڳالهيون لکيل هيون جيڪي مون يرمياہ باروڪ کان لکرايون هيون، تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ

28 ”تون چمڙي جو ٻيو ويڙهوٽو کڻ ۽ انهيءَ ۾ ان پهرئين ويڙهوٽي واريون سڀيئي ڳالهيون لکراءِ، جيڪو ويڙهوٽو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ساڙي ڇڏيو آهي.

29 ٻيو تہ بادشاهہ يهويقيم کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’چمڙي جو اهو ويڙهوٽو ساڙڻ جي تو کي ڪيئن جرئت ٿي ۽ تو يرمياہ جي لکت کي ڇو رد ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو تہ بابل جو بادشاهہ ضرور اچي هن ملڪ کي ناس ڪندو ۽ اتي جي ماڻهن توڙي جانورن کي نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو؟

30 تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند تو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بابت چوان ٿو تہ دائود جي تخت تي ويهڻ لاءِ تو وٽ ڪوبہ ڪونہ رهندو. تنهنجو لاش ٻاهر ڪڍي اڇلايو ويندو، جيڪو ڏينهن جو اُس ۾ تہ رات جو پاري ۾ پيو هوندو.

31 آءٌ تو کي، تنهنجي اولاد کي ۽ تنهنجي عملدارن کي اوهان جي ڪيل بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس. آءٌ اوهان تي، يروشلم جي رهاڪن تي، بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي هر اها مصيبت آڻيندس جنهن جي آڻڻ بابت مون اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي آهي.‘“

32 تڏهن مون يرمياہ ٻيو ويڙهوٽو کڻي باروڪ ولد نيرياہ ڪاتب کي ڏنو ۽ انهيءَ ۾ هن کان پهرئين ويڙهوٽي واريون سڀ ڳالهيون لکرايم، جيڪو ويڙهوٽو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو هو. انهيءَ کان علاوہ انهن جهڙيون ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ان ۾ شامل ڪيون ويون.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan