يرمياہ 34 - Muslim Sindhi Bibleصدقياہ کي تنبيهہ 1-2 بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر دنيا جي انهن بادشاهتن جي لشڪرن سميت، جيڪي سندس ئي راڄ هيون، يروشلم ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن سان جنگ ڪري رهيو هو. ان وقت خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون يرمياہ کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ لاءِ هي پيغام ڏنو تہ ”آءٌ هي شهر يروشلم بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو ان کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو. 3 تون بہ هن جي هٿان بچي نہ سگھندين، بلڪ يقيناً پڪڙيو ويندين ۽ ان جي حوالي ڪيو ويندين. تو کي بابل جي بادشاهہ آڏو آندو ويندو ۽ هو تو سان ڳالهائيندو. پوءِ تو کي بابل ڏانهن نيو ويندو. 4 تنهن هوندي بہ، اي يهوداہ جا بادشاهہ صدقياہ! تون منهنجي هن ڳالهہ تي ڌيان ڏي تہ آءٌ خداوند تو سان اهو واعدو ٿو ڪريان تہ تون تلوار سان نہ ماريو ويندين، 5 بلڪ تون طبعي موت مرندين. پوءِ جيئن تنهنجي ابن ڏاڏن يعني تو کان اڳوڻن بادشاهن جي مان ۾ لوبان ساڙيو ويندو هو، تيئن تنهنجي لاءِ بہ ساڙيو ويندو. تنهنجي لاءِ هيئن چئي رنو رڙيو ويندو تہ ’هاءِ! اسان جا آقا!‘ آءٌ خداوند پاڻ اهو واعدو ڪريان ٿو.“ 6 تڏهن مون يرمياہ اهي سڀ ڳالهيون يروشلم ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي اچي ٻڌايون. 7 ان وقت بابل جي بادشاهہ جي لشڪر يهوداہ جي شهرن يروشلم، لڪيس ۽ عزيقہ سان جنگ پئي ڪئي، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ جي شهرن مان فقط اِهي ئي ڪوٽن وارا شهر باقي وڃي بچيا هئا. غلامن بابت ڪيل عهد جي ڀڃڪڙي 8 بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان گڏجي عهد ڪندي اعلان ڪيو هو تہ 9 ”هر ڪو پنهنجي عبراني ٻانهن ۽ ٻانهين کي آزاد ڪري ڇڏي، ڪوبہ پنهنجي همقوم يهوداہ وارن کي غلاميءَ ۾ نہ رکي.“ 10 سو سڀ عملدار ۽ سڀيئي ماڻهو ان عهد ۾ شامل ٿيا تہ هو پنهنجا ٻانها ۽ ٻانهيون آزاد ڪندا ۽ اڳتي انهن کي غلاميءَ ۾ نہ رکندا. هنن اها ڳالهہ قبول ڪندي انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو. 11 پر بعد ۾ هو ڦري ويا ۽ جن ٻانهن ۽ ٻانهين کي آزاد ڪيو هئائون تن کي موٽائي وري غلام بڻايائون. 12 تڏهن ئي خداوند جو فرمان مون يرمياہ تي نازل ٿيو تہ 13 ”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان يعني غلاميءَ واري جاءِ مان ٻاهر ڪڍي آندو هو، تنهن ڏينهن مون انهن سان عهد ٻڌو هو. مون کين چيو هو تہ 14 ’هر ستين سال اوهان مان هر ڪو پنهنجي هر انهيءَ همقوم عبرانيءَ کي ضرور آزاد ڪري، جنهن پنهنجو پاڻ کي اوهان وٽ وڪيو هجي. هائو، ڇهن سالن جي خدمت چاڪريءَ کان پوءِ اوهين ان کي لازماً آزاد ڪريو.‘ پر اوهان جي ابن ڏاڏن منهنجي نہ ٻڌي ۽ مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنائون. 15 تازو ئي اوهان توبهہتائب ٿيا ۽ اهو ڪي ڪيوَ جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو هو. هائو، اوهان مان هر ڪنهن پنهنجي همقوم کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر اوهان منهنجي نالي سان سڏجڻ واري گھر ۾ منهنجي اڳيان اهڙو عهد بہ ڪيو. 16 پر هاڻ اوهين وري ڦري ويا آهيو ۽ منهنجي نالي جي بيادبي ڪئي اٿوَ. اوهان مان هر ڪنهن پنهنجي آزاد ڪيل ٻانهي ۽ ٻانهيءَ کي وري موٽائي آندو آهي. سو جيڪي ٻانها ۽ ٻانهيون پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ ٿيڻ لاءِ آزاد ٿيا هئا تن کي اوهان وري غلام بڻجڻ تي مجبور ڪيو آهي. 17 تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي قوم وارن کي آزاديءَ جي نعمت کان محروم رکندي منهنجي نافرماني ڪئي آهي، سو مون خداوند وٽ اوهان لاءِ آزاديءَ جي هيءَ نعمت آهي تہ هاڻ ڀلي اوهين جنگ، وبا ۽ ڏڪار سان وڃي منهن ڏيو. اوهان جي اهڙي حالت ٿيندي جو اوهان کي ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. 18-19 يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي سڀني اڳواڻن منهنجي اڳيان درٻاري عملدارن ۽ ڪاهنن سميت هڪ عهد ڪيو هو، جڏهن هو گابو ڪهي ٻہ ٽڪر ڪري انهن جي وچان لنگھي ويا هئا. پر هاڻي هنن اهو عهد ٽوڙيو آهي ۽ ان عهد جي ڳالهين تي قائم نہ رهيا آهن. سو آءٌ هنن سان بہ ائين ئي ڪندس جيئن ان گابي سان ڪيو ويو. 20 آءٌ هنن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪندس جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. انهن جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ ٿيندا. 21 آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس عملدارن کي پڻ انهن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. هائو، آءٌ کين بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيتوڻيڪ اهو يهوداہ سان جنگ ڪرڻ کان هٽي پاسي ٿيو آهي. 22 آءٌ حڪم ڏيئي وري لشڪر کي يروشلم شهر ڏانهن موٽائي وٺي ايندس. هو هن شهر سان جنگ ڪري مٿس قبضو ڪندا ۽ ان کي ساڙي ڇڏيندا. ان کان علاوہ آءٌ يهوداہ جي ٻين شهرن کي بہ اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو منجھن ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society