يرمياہ 31 - Muslim Sindhi Bibleاسرائيل وارن جي وطن واپسي 1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ان وقت آءٌ بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.“ 2 خداوند اسرائيل وارن کي فرمائي ٿو تہ ”جيڪي ماڻهو قتل ٿيڻ کان بچي ويا، تن کي بيابان ۾ منهنجو فضل حاصل ٿيو. جيئن تہ گھڻو اڳي بيابان ۾ بني اسرائيل آرام جي ڳولا ۾ هئا، 3 سو مون خداوند اتي کين ڏيکاري ڏني. اي اسرائيل وارؤ! مون دائمي شفقت سان اوهان سان پيار ڪيو آهي، جيڪو هميشہ قائم وَ دائم رهندو. 4 آءٌ اوهان کي وري بحال ڪندس ۽ اوهين خوشحال ٿيندا. تڏهن اوهان اڳي وانگر پنهنجا دڦ کڻي خوشيءَ وچان نچندا ٽپندا. 5 اوهين وري سامريہ جي جبلن تي انگورن جا باغ لڳائيندا. هائو، هاري انهن کي پوکيندا ۽ انهن جو ميوو کائيندا. 6 هڪڙو ڏينهن اهڙو ايندو، جڏهن نگهباني ڪندڙ افرائيم جي ٽڪرين تان پڪاري چوندا تہ ’اچو تہ صيئون ۾ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن هلون.‘“ 7 خداوند فرمائي ٿو تہ ”يعقوب جي نسل لاءِ خوشيءَ جا گيت ڳايو، قومن جي هن سردار قوم لاءِ نعرا هڻو. هائو، نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڪندي چئو تہ ’اي خداوند! تون ئي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي باقي بچي ويلن کي ڇڏائڻ وارو آهين.‘ 8 ڏسو، آءٌ هنن کي اتر طرف کان موٽائي آڻيندس، بلڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان آڻي کين گڏ ڪندس. انهن منجھہ انڌا ۽ منڊا هوندا، پيٽ واريون ۽ ويم جي سورن واريون عورتون پڻ شامل هونديون. هائو، هڪ وڏو هجوم موٽي ايندو. 9 هو ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، تڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندس. آءٌ کين مٺي پاڻيءَ وارين نهرن وٽان هموار رستي تان آڻيندس، جتي هو ڪو ٿاٻو نہ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن جو ابو آهيان، هائو، بني افرائيم منهنجو پهريتو ٻار آهي.“ 10 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي قومون! اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو، ۽ ڏورانهن ساحلي علائقن ۾ وڃي اهو اعلان ڪريو تہ ’جنهن خداوند بني اسرائيل کي ڪڻو ڪڻو ڪيو سو ئي کين وري گڏ ڪندو، ۽ انهن جي ائين سنڀال ڪندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي سنڀال ڪندو آهي.‘ 11 مون خداوند اسرائيل وارن کي آزاد ڪرائي ورتو آهي، هائو، جيڪو کانئن ڏاڍو هو تنهن جي هٿان کين ڇڏايو اٿم. 12 سو هو ايندا، ۽ صيئون جبل جي چوٽيءَ تي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، ڇوجو منهنجي ڏنل هنن نعمتن جي ڪري بيحد خوش هوندا: اناج، مئي، زيتون جو تيل، رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جا ڌڻ. هو سرسبز باغ جيان ٿيندا ۽ کين وري ڏک نہ پهچندو. 13 تڏهن ڪنواريون ڇوڪريون نچنديون ۽ خوشيون ڪنديون، بلڪ جوان مرد توڙي پوڙها پڻ. آءٌ انهن جي غم کي خوشيءَ ۾ بدلائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ کين غم جي عيوض خوشي ۽ راحت عطا ڪندس. 14 آءٌ ڪاهنن کي سکيو ستابو ڪري ڇڏيندس، ۽ منهنجي قوم منهنجي نعمتن سان مالا مال ٿي ويندي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“ اسرائيل وارن تي خداوند جو رحم 15 خداوند فرمائي ٿو تہ ”رامہ شهر مان روئڻ ۽ رڙڻ جو هڪڙو آواز ٿو ٻڌجي، هائو، راخل پنهنجي اولاد لاءِ روئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهو وٽس موجود ناهي، سو هن کي ڪابہ تسلي نہ ٿي ملي. 16 اي راخل! تون روئڻ بند ڪر، ۽ لڙڪ وهائڻ ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند تو سان واعدو ٿو ڪريان تہ تو کي پنهنجي ٻارن ڄڻڻ جو اجر ضرور ملندو، جو تنهنجو اولاد دشمنن جي ملڪن مان موٽي تو وٽ ايندو. 17 مستقبل ۾ آءٌ انهن بابت تنهنجيون اميدون پوريون ڪندس. بيشڪ تنهنجو اولاد موٽي پنهنجي وطن ۾ ايندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي. 18 يقيناً مون اسرائيل وارن کي روئندي رڙندي ۽ هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’اي خداوند! تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني آهي، جهڙي جڙ گابي کي ڏبي آهي، ۽ اسين سکي ويا آهيون. سو تون اسان کي توفيق ڏي تہ هاڻ اسين تو آڏو توبهہتائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا آهين. 19 گمراهيءَ کان پوءِ اسان توبهہ ڪئي. سمجھي وٺڻ کان پوءِ اسان پنهنجي گوڏن تي هٿ هنيا. اسين شرمندا ٿياسين ۽ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيوسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم شروع کان ئي ذلت کنئي هئي.‘ 20 ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟ هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي، تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن. توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن. بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي، سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ 21 سو اي پيارا اسرائيل وارؤ! پنهنجي لاءِ رستي جا نشان کڙا ڪريو، رستي جي سڃاڻپ لاءِ اوهين ٿنڀا لڳايو. شاهي رستي ڏانهن ڌيان ڏيو، يعني اهو رستو جنهن تان اوهان کي هلي اچڻو آهي. هاڻي اوهين پنهنجن شهرن ڏانهن موٽي اچو. 22 اي اوهين! جيڪي نٺر ڌيءَ مثل آهيو، ڪيستائين پيا رلندا رهندا؟ خداوند دنيا ۾ هڪڙي نئين ڳالهہ پيدا ڪئي آهي، جيڪا هن مثال جهڙي آهي جو عورت کي مرد جو محافظ بڻايو وڃي. خدا جي قوم جو روشن مستقبل 23 قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس، تڏهن ماڻهو يهوداہ جي شهرن بلڪ سڄي ملڪ ۾ وري هيئن چوندا تہ ’اي پاڪ جبل صيئون! جيڪو سچائيءَ سان ڀرپور آهين، شل خداوند تو کي برڪتون عطا ڪندو رهي.‘ 24 تڏهن سڀ ماڻهو هاري توڙي ڌنار پنهنجن ڌڻن سميت يهوداہ جي شهرن بلڪ سڄي ملڪ ۾ آباد ٿي ويندا. 25 آءٌ ٿڪجي پيلن کي آرام ڏيندس ۽ ساڻو ٿي پيلن کي سگھہ عطا ڪندس. 26 تڏهن اهي مٺڙي ننڊ ڪندا ۽ تازا توانا ٿي اٿندا.“ 27 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ يهوداہ توڙي اسرائيل ملڪ کي انسانن توڙي ڍورن ڍڳن سان ڀري ڇڏيندس. 28 جهڙيءَ طرح مون مٿن چوڪسي رکندي سندن پاڙون پٽيون، کين ٽڪرا ٽڪرا ڪيم، سندن تختو اونڌو ڪيم ۽ کين تباهہ وَ برباد ڪيم، تهڙيءَ ئي طرح آءٌ انهن کي پوکڻ ۽ نئين سر اڏڻ ۾ مٿن چوڪسي رکندس. 29 انهن ڏينهن ۾ ماڻهو وري ائين نہ چوندا تہ ’کٽا انگور کاڌا ابن ڏاڏن، ڏند کٽا ٿي پيا وري سندن اولاد جا.‘ 30 پر جيئن تہ جيڪو کٽا انگور کائيندو آهي تنهن جا ئي ڏند کٽا ٿيندا آهن، تيئن ئي هر ڪو پنهنجي گناهن جي ڪري ئي مرندو، نڪي پنهنجي وڏن جي گناهن ڪري.“ 31 خداوند ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، اهو وقت اچي ٿو جڏهن آءٌ اسرائيل توڙي يهوداہ ملڪ وارن سان هڪڙو نئون عهد ٻڌندس. 32 اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس. 33 اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا. 34 هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي ڪنهن همقوم کي ائين چئي نہ سمجھائيندو تہ ’خداوند کي سڃاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هر ڪو مون کي سڃاڻيندو هوندو. آءٌ هنن جون بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ 35 اهو جنهن سج کي ڏينهن جي روشنيءَ لاءِ ۽ چنڊ ۽ تارن کي رات جي روشنيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي، اهو، جيڪو سمنڊ ۾ هلچل پيدا ٿو ڪري، جنهن سان ان جون ڇوليون گجگوڙ ڪن ٿيون، تنهن جو ئي نالو قادرِمطلق خداوند آهي، 36 هاڻ اهو ئي پنهنجي قوم سان واعدو ٿو ڪري تہ ”جيستائين منهنجو اهو مقرر ڪيل نظام قائم رهندو، تيستائين بني اسرائيل جو اولاد بہ منهنجي آڏو هميشہ قائم رهندو. 37 جهڙيءَ طرح ڪو آسمان جي ماپ ڪري نہ ٿو سگھي، نڪي زمين جو بنياد ئي ڪو لهي ٿو سگھي، تهڙيءَ طرح آءٌ بني اسرائيل کي سندن ڪيل گناهن جي باوجود بہ هرگز رد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ 38 خداوند ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن حننايل ٺُلهہ کان وٺي اولهہ پاسي جي ڪنڊ واري دروازي تائين مون خداوند جي نالي سان سڏيو ويندڙ شهر يروشلم وري تعمير ٿي ويندو. 39 شهر جي حد اڃا بہ جاريب جي ٽڪريءَ تائين اڳتي سڌي سنئين هلي ويندي ۽ ڦري جوعاتہ تائين ايندي. 40 اها سڄي ماٿري جتي لاش ۽ رک اڇلائي ويندي آهي ۽ اوڀر طرف سڀ پوٺا قدرون جي برساتي نهر تائين، ويندي اوڀر طرف گھوڙي واري دروازي جي ڪنڊ تائين، مون خداوند جي نالي مخصوص ٿيندي. اهو شهر وري ڪڏهن بہ پاڙان نہ پٽبو، نہ وري ڪڏهن ڊاٿو ويندو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society