Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 30 - Muslim Sindhi Bible


بني اسرائيل جي بحالي

1 خداوند طرفان مون يرمياہ تي هي فرمان نازل ٿيو تہ

2 ”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ هڪڙي ڪتاب ۾ لک.

3 ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم يعني اسرائيل وارن ۽ يهوداہ وارن جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. هو انهيءَ ملڪيت جا وارث ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

4 خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ وارن بابت هي فرمائي ٿو تہ

5 ”ڊپ جو آواز ٻڌجي پيو، يعني دهشت جو، نہ امن وَ سلامتيءَ جو.

6 سوچي سمجھي ٻڌايو تہ ڇا ڪو مرد بہ ٻار ڄڻيندو آهي؟ تہ پوءِ ڇو آءٌ ڏسان ٿو تہ هر مرد کي پنهنجي ڍاڪن تي هٿ آهن، جيئن ڪا سورن واري عورت ڪندي آهي؟ ڇو هر چهرو خوف وچان ڦري ڦڪو ٿي پيو آهي؟

7 آہ! اهو ڏينهن ڪيڏو نہ هيبتناڪ هوندو! ان جهڙو ڏينهن نہ ڪڏهن ٿيو آهي ۽ نہ ٿيندو. اهو ڏينهن منهنجي قوم لاءِ مصيبت جو ڏينهن هوندو، پر هو انهيءَ منجھان بچي نڪرندا.“

8 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن آءٌ سندن ڳچين مان غلاميءَ جي پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏيندس ۽ سندن قيد جا رسا ٽوڙي ڇڏيندس. پوءِ ڌاريا ماڻهو وري اڳتي کين پنهنجو غلام بڻائي نہ سگھندا.

9 ان جي برعڪس هو مون خداوند پنهنجي خدا جي ۽ دائود جي نسل واري بادشاهہ جي خدمت ڪندا، جنهن کي آءٌ هنن لاءِ کڙو ڪندس.

10 سو، اي منهنجي قوم بني اسرائيل! اوهين نہ ڊڄو، نڪي اوهين پريشان ٿيو. آءٌ اوهان کي يقيناً ڏورانهن هنڌن کان بچائيندس، يعني اوهان جي نسل کي جلاوطنيءَ وارن ملڪن کان موٽائي آڻيندس. آءٌ اوهان کي وري امن ۽ سلامتي عطا ڪندس، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڊيڄاري نہ سگھندو.

11 آءٌ اوهان سان آهيان ۽ اوهان کي بچائيندس. جن قومن ۾ مون اوهان کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو آڻيندس. آءٌ اوهان کي ختم نہ ڪندس، پر اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

12 خداوند پنهنجي قوم کي وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اوهان جو زخم لاعلاج آهي، اوهان جو ڦٽ ڇٽڻ محال آهي.

13 اوهان جو اهڙو ڪوبہ حمايتي ڪونهي، جيڪو اوهان جي ملم پٽي ڪري، اوهان جي دردن جو دارون ڪونهي، هائو، اوهان لاءِ شفا آهي ئي ڪونہ.

14 اوهان جي سڀني اتحادين اوهان کي وساري ڇڏيو آهي، اهي اوهان جي سار ڪين ٿا لهن. مون اوهان کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي، جهڙو ڪو دشمن ڪنهن کي هڻي، ۽ اهڙي سزا ڏني اٿم جهڙي ڪو ظالم ڪنهن کي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جون بدڪاريون تمام گھڻيون آهن، ۽ اوهان جا گناهہ بي‌شمار آهن.

15 اوهين پنهنجي انهن زخمن تي ڇو ٿا روئو رڙو، جيڪي ڇٽي ئي نہ ٿا سگھن؟ اوهان جي وڏي بدڪاريءَ ۽ بي‌شمار گناهن جي ڪري ئي مون اوهان سان ائين ڪيو آهي.

16 پر هاڻي اڳتي جيڪي اوهان کي ڳڙڪائيندا، سي پاڻ ڳڙڪجي ويندا، اوهان جا سڀ دشمن جلاوطن ٿي ويندا. جيڪي اوهان کي لٽين ٿا سي پاڻ لٽجي ويندا. جيڪي اوهان کي شڪار بڻائين ٿا، تن کي آءٌ شڪار بڻائي ڇڏيندس.

17 پر اوهان کي آءٌ وري تندرست ڪندس ۽ اوهان جا ڦٽ ڇٽائيندس، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي دشمن ائين نہ چون تہ ’اي صيئون! تون تہ رد ڪيل آهين، ڪنهن کي بہ تنهنجي پرواهہ ناهي.‘“

18 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي نسل تي رحم ڪندس، ۽ سندن گھرن ۾ وري خوشحالي آڻيندس، يروشلم شهر پنهنجي دڙي تي وري اڏيو ويندو، ۽ انهيءَ جو قلعو پنهنجي اصلي هنڌ تي وري قائم ٿيندو.

19 ماڻهو شڪرگذاري ڪندا ۽ خوشيون ملهائيندا. آءٌ انهن جو تعداد وڌائيندس، سو هو گھٽبا ئي ڪين. آءٌ انهن کي عزت وارو ڪندس، سو هو ذليل نہ ڪيا ويندا.

20 آءٌ انهن جو ٽڙيل پکڙيل اولاد پهريان وانگر گڏ ڪندس، ۽ اهي منهنجي حضور ۾ عبادت ڪندا رهندا. جيڪي انهن کي ستائيندا تن کي آءٌ سزا ڏيندس.

21-22 انهن جو اڳواڻ انهن منجھان ئي هوندو. هائو، انهن جو حاڪم سندن منجھان ئي ٿيندو. آءٌ هن کي سڏيندس تڏهن هو منهنجي ويجھو ايندو، نہ تہ ڪنهن جي مجال آهي جو ڪو پاڻ منهنجي ويجھو اچي سگھي؟ سو آءٌ ئي سندن خدا هوندس ۽ اهي منهنجي قوم هوندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

23 خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو، هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.

24 خداوند جو خوفناڪ غضب تيستائين نہ هٽندو، جيستائين هو پنهنجو ارادو پورو نہ ڪندو. اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهين اها ڳالهہ سمجھي ويندا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan