يرمياہ 28 - Muslim Sindhi Bibleيرمياہ ۽ نبي سڏائيندڙ حننياہ 1 ساڳئي سال، يعني يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال جي پنجين مهيني ۾ جِبعون جي رهاڪو نبي سڏائيندڙ حننياہ ولد عزور خداوند جي گھر ۾ ڪاهنن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي روبرو مون يرمياہ کي چيو تہ 2 ”قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون بابل جي بادشاهہ جي غلاميءَ واري پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي. 3 ٻن سالن اندر آءٌ هيڪل جو اهو سڄو سامان هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جيڪو بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هتان بابل ڏانهن کڻي ويو هو. 4 آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي بابل ڏانهن جلاوطن ڪيل يهوداہ جي ٻين سڀني ماڻهن سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“ 5 تڏهن مون ڪاهنن ۽ خداوند جي گھر ۾ بيٺل ٻين ماڻهن جي روبرو نبي سڏائيندڙ حننياہ کي چيو تہ 6 ”آمين! شل خداوند ائين ئي ڪري! جيڪي ڳالهيون اڳڪٿي ڪري تو ڪيون آهن سي شل خداوند پوريون ڪري ۽ هيڪل جو سامان ۽ سڀ جلاوطن ڪيل ماڻهو بابل مان موٽائي هن هنڌ آڻي. 7 تنهن هوندي بہ هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، جيڪا آءٌ تنهنجي ۽ هنن سڀني ماڻهن جي روبرو ڪريان ٿو. 8 مون کان ۽ تو کان اڳي جيڪي نبي قديم زماني کان ٿي گذريا آهن، تن گھڻن ئي ملڪن ۽ وڏين بادشاهتن جي خلاف اڪثر ڪري جنگ، مصيبت ۽ وبا بابت اڳڪٿيون پئي ڪيون هيون. 9 پر جيڪو امن وَ امان بابت اڳڪٿي ڪري ٿو، تنهن کي خداوند جو موڪليل نبي تڏهن ئي تسليم ڪبو جڏهن ان جي اڳڪٿي سچي ثابت ٿئي.“ 10 تڏهن نبي سڏائيندڙ حننياہ منهنجي ڳچيءَ مان پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏي. 11 پوءِ حننياہ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’انهيءَ ئي طرح آءٌ ٻن سالن اندر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي غلاميءَ جي پاڃاري سڀني قومن جي ڳچيءَ مان ڪڍي ڀڃي ڇڏيندس.‘“ پوءِ آءٌ پنهنجي واٽ وٺي هليو ويس. 12 جڏهن حننياہ منهنجي ڳچيءَ مان پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏي، تنهن کان ٿوري دير پوءِ خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيو تہ 13 ”وڃ، تون حننياہ کي وڃي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’تو ڪاٺيءَ جي پاڃاري ڀڳي آهي، پر هاڻ ان جي عيوض آءٌ لوهہ جي پاڃاري جوڙيندس. 14 آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ هنن سڀني قومن جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجھندس، تہ جيئن هو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي تابعداري ڪن، يقيناً هو ائين ئي ڪندا. آءٌ جھنگ جا جانور بہ هن جي تابع ڪري ڇڏيندس.‘“ 15 سو مون وڃي حننياہ کي اهو پيغام ٻڌائيندي وڌيڪ چيو تہ ”اي حننياہ! ٻڌ، جيئن تہ خداوند تو کي ڪونہ موڪليو آهي، تہ بہ تو هن قوم کي ڪوڙ مٿان يقين ڪرڻ تي قائل ڪيو آهي. 16 تنهنڪري خداوند تو بابت فرمائي ٿو تہ ’آءٌ تو کي روءِزمين تان مِٽائڻ وارو آهيان. هن ئي سال تون مري ويندين، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“ 17 سو انهيءَ ساڳئي سال جي ستين مهيني ۾ نبي سڏائيندڙ حننياہ مري ويو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society