يرمياہ 24 - Muslim Sindhi Bibleسٺن ۽ خراب انجيرن جو مثال 1 بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي سندس عملدارن، ڪاريگرن ۽ هنرمندن سميت يروشلم مان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو. انهيءَ ڳالهہ کان پوءِ خداوند مون کي هڪ رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏٺيون. 2 هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ آڳاٽن پڪل انجيرن جهڙا نهايت عمدا انجير هئا ۽ ٻي ٽوڪريءَ ۾ اهڙا تہ خراب انجير هئا جو کائڻ جهڙا بلڪل نہ هئا. 3 تڏهن خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي يرمياہ! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”انجير. چڱا انجير تمام سٺا آهن، پر خراب انجير اهڙا تہ خراب آهن، جو کائڻ جي لائق ئي ناهن.“ 4 تڏهن خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيو تہ 5 ”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا يهوداہ جي انهن جلاوطن ٿيل ماڻهن کي هنن چڱن انجيرن وانگر سمجھان ٿو، جن کي مون هن هنڌان ڪڍي بابل ڏانهن موڪليو آهي. 6 آءٌ هنن تي چڱائيءَ جي نظر ڪندس ۽ موٽائي کين هن ملڪ ۾ آڻيندس. آءٌ هنن کي نہ ڊاهيندس، نڪي پاڙان پٽيندس بلڪ کين اڏائيندس ۽ آباد ڪندس. 7 آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جو هو مون کي سڃاڻين تہ آءٌ خداوند آهيان. تڏهن هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ ئي هنن جو خدا هوندس، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان مون آڏو توبهہتائب ٿيندا. 8 پر يهوداہ جو بادشاهہ صدقياہ، سندس عملدار ۽ يروشلم ۾ باقي بچي ويل ماڻهو، پوءِ اهي هن ئي ملڪ ۾ يا مصر ۾ رهندا هجن، تن کي آءٌ خداوند انهن خراب انجيرن وانگر ٿو سمجھان، جيڪي کائڻ جي لائق ناهن. 9 آءٌ انهن کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو انهن جو حال ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن ملڪن ڏانهن آءٌ انهن کي هڪالي ڪڍندس، اتي هو ملامت، پهاڪي، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا رهندا. 10 آءٌ انهن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، تان جو جيڪو ملڪ مون هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن مان هو مٽجي ويندا.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society