يرمياہ 21 - Muslim Sindhi Bibleبادشاهہ صدقياہ جو يرمياہ کي عرض 1 فشحور ولد ملڪياہ ۽ صفنياہ ولد مسعياہ ڪاهن جي هٿان يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ مون يرمياہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ 2 ”جيئن تہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر اسان تي حملو ڪيو آهي، سو مهرباني ڪري اسان جي باري ۾ خداوند کان دعا گھرو، تہ جيئن خداوند ماضيءَ وانگر اسان لاءِ ڪي معجزا ڪري تانتہ بابل جو بادشاهہ اسان جي پچر ڇڏي هليو وڃي.“ 3 تڏهن مون يرمياہ تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو. سو مون کين خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان بادشاهہ صدقياہ کي وڃي ٻڌائڻ لاءِ چيو تہ 4 ”جنگ جا جيڪي هٿيار تنهنجي لشڪر جي هٿن ۾ آهن ۽ جن سان اهي ڪوٽ جي ٻاهران گھيرو ڪري ويٺل بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر سان وڙهن ٿا، سي ڦيرائي آءٌ اوهان تي استعمال ڪرائيندس. آءٌ اوهان جا هٿيار هن شهر جي وچ ۾ ڍير ڪرائيندس. 5 آءٌ پاڻ پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ۽ غصي، جوش ۽ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ تو سان وڙهندس. 6 آءٌ هن شهر جي گھڻن ئي رهاڪن کي وبا ۾ مبتلا ڪري ماري ڇڏيندس، پوءِ اهي ماڻهو هجن توڙي جانور. 7 تنهن کان پوءِ آءٌ تو کي، تنهنجي عملدارن کي ۽ وبا، جنگ ۽ ڏڪار کان بچي ويل تنهنجي رعيت کي تنهنجي جاني دشمن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. بابل جو بادشاهہ اوهان سڀني کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيندو ۽ اوهان تي ڪو ترس، ڪو قياس ۽ ڪابہ ڪهل نہ آڻيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ 8 پوءِ مون هنن کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”اي يروشلم وارؤ! ڏسو، آءٌ خداوند اوهان کي زندگي يا موت ٻنهي مان هڪڙي جي چونڊ ڪرڻ جو موقعو ڏيان ٿو. 9 جيڪو بہ هن شهر ۾ رهندو سو جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري ويندو. پر جيڪو اتان نڪري اوهان کي گھيرو ڪري ويٺل بابلين آڏو وڃي پيش پوندو سو بچي ويندو، اهڙيءَ طرح سندس جان تہ بچي پوندي. 10 مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي تہ هن شهر کي فائدي جي بدران نقصان رسايان. هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ 11 انهيءَ کان سواءِ يهوداہ جي شاهي گھراڻي بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ 12 ”اي دائود جا گھراڻا! مون خداوند جو حڪم آهي تہ هر روز انصاف ڪريو. جنهن تي ظلم ٿئي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، نہ تہ منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪي اٿندي ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳندي جو ڪوبہ انهيءَ کي وسائي نہ سگھندو.“ 13 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين جيڪي جبل جي چوٽيءَ تي رهو ٿا ۽ هيٺ ماٿرين ڏانهن نهاري سمجھو ٿا تہ اوهين محفوظ آهيو. سو اوهين چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي ڪاهہ ڪري ايندو؟ ڪير اسان جي گھرن ۾ گھڙندو؟‘ پر ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. 14 آءٌ اوهان کي اوهان جي عملن مطابق سزا ڏيندس. آءٌ اوهان جي ديال وارن محلن ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جو جيڪي ڪجھہ انهن جي آسپاس آهي سو سڀ بہ سڙي چٽ ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society