يرمياہ 19 - Muslim Sindhi Bibleڀڳل گھُگھيءَ جو مثال 1 خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”وڃ ۽ ڪنڀر وٽان ٺڪر جي هڪڙي گھُگھي خريد ڪر. قوم جي اڳواڻن ۽ وڏن ڪاهنن مان بہ ڪن کي تون پاڻ سان وٺي وڃ. 2-3 پوءِ ٺڪراٽي جي دروازي جي سامهون هنوم ماٿريءَ ڏانهن نڪري وڃ. اتي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم جا رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ خداوند هن ماٿريءَ تي اهڙي مصيبت آڻڻ وارو آهيان جو جيڪو بہ انهيءَ جي باري ۾ ٻڌندو تنهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا. 4 انهيءَ سبب جو اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هن ماٿريءَ کي ديوتائن جو مرڪز بڻايو اٿوَ. هن هنڌ تي اوهان انهن غير معبودن لاءِ قربانيون پئي پيش ڪيون آهن، جن معبودن کي نہ تہ اوهان پاڻ ٿي ڄاتو ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن ۽ يهوداہ جي بادشاهن ئي ٿي ڄاتو. هن هنڌ کي اوهان بيگناهن جي رت سان ڀري ڇڏيو آهي. 5 اوهان بعل ديوتا جي واسطي قربانگاهون ٺهرايون آهن تہ جيئن پنهنجن پٽن کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور اتي بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙيو. اهو هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن جو مون ڪڏهن بہ حڪم ناهي ڏنو، نہ ڪو ذڪر ڪيو اٿم ۽ نہ وري اهڙو ڪو خيال بہ منهنجي دل ۾ آيو. 6 سو ڄاڻي ڇڏيو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن ڪوبہ ماڻهو اڳتي هن هنڌ کي ”توفت“ يا ”هنوم ماٿري“ نہ سڏيندو، بلڪ انهيءَ کي ”ڪوس جي ماٿري“ ڪري سڏيو ويندو. 7 آءٌ هن هنڌ اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن جا منصوبا ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي اوهان جي جاني دشمنن جي هٿان تلوار سان مارائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن کي کاڌي طور ڏيئي ڇڏيندس. 8 آءٌ هن شهر کي اجاڙي ڇڏيندس ۽ ان کي ڦٽڪار واري شيءِ بڻائيندس. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا. 9 آءٌ اوهان جي هن شهر تي اوهان جا جاني دشمن موڪليندس جن جي گھيري ۾ تنگ اچي اوهان بک وچان هڪٻئي جو بلڪ پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جو بہ گوشت کائيندا.‘ 10 اي يرمياہ! اهو پيغام ٻڌائڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو تو سان گڏ هنوم ماٿريءَ ۾ آيا هجن تن جي روبرو تون اها گھُگھي ڀڃي ڇڏ 11 ۽ انهن کي منهنجو هي فرمان بہ ٻڌاءِ تہ ’آءٌ قادرِمطلق خداوند هن قوم ۽ هن شهر کي ائين ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس جيئن هيءَ گھُگھي ڀورا ڀورا ڪئي ويئي آهي، جنهن کي وري نہ ٿو جوڙي سگھجي. اوهان جي قتل ٿي ويلن جي لاشن پورڻ جي جاءِ نہ هئڻ سبب توفت بہ قبرستان بڻجي ويندو. 12-13 آءٌ خداوند هن شهر يروشلم کي لاشن سان ڀري توفت جيان پليت ڪري ڇڏيندس. هن هنڌ سان ۽ هتان جي رهاڪن سان آءٌ ائين ئي ڪندس، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ جي بادشاهن جي محلن توڙي يروشلم جي انهن سڀني گھرن جي ڇتين تي اوهان آسماني ستارن لاءِ لوبان ساڙيو آهي ۽ غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون اٿوَ.‘“ 14 پوءِ آءٌ يرمياہ توفت ۾ خداوند جو پيغام ٻڌائي موٽي هيڪل ۾ آيس، جتي اڱڻ ۾ بيهي مون سڀني ماڻهن کي چيو تہ 15 ”ٻڌو، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڪجھہ وقت اڳ اوهان کي آگاهہ ڪيو هو تہ هو يروشلم جي رهاڪن ۽ آسپاس جي ڳوٺن وارن تي آفتون نازل ڪندو. پر اوهان پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا ۽ خداوند جي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏنوَ. سو هاڻي خداوند اوهان تي اهي آفتون آڻڻ وارو آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society