يرمياہ 18 - Muslim Sindhi Bibleڪنڀر جي ڪم جو مثال 1 خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ 2 ”ڪنڀر جي گھر وڃ، اتي آءٌ تو کي پنهنجو پيغام ڏيندس.“ 3 سو آءٌ ڪنڀر جي گھر ويس، جتي ڏٺم تہ هو چڪ تي ڪم ڪري رهيو هو. 4 ڏٺم تہ جيڪو ٿانءُ هن مٽيءَ مان ٺاهيو ويٺي، سو جيڪڏهن صحيح نہ ٿي ٺهيو تہ هن انهيءَ ئي مٽيءَ مان پنهنجي پسند جو ٻيو ٿانءُ ٿي ٺاهيو. 5 تڏهن خداوند مون کي يهوداہ وارن لاءِ هي پيغام ڏنو تہ 6 ”اي يهوداہ وارؤ! ڇا آءٌ اوهان سان اهڙو سلوڪ نہ ٿو ڪري سگھان جيئن هي ڪنڀر ڪري ٿو؟ ياد رکو، جيئن مٽي ڪنڀر جي هٿ ۾ آهي تيئن اوهين بہ منهنجي هٿ ۾ آهيو. 7 جيڪڏهن ڪنهن وقت آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ فلاڻي قوم يا فلاڻي حڪومت جون پاڙون پٽجڻ واريون آهن يا اها ڊهڻ ۽ تباهہ ٿيڻ واري آهي، 8 تڏهن جنهن قوم کي مون مصيبت کان آگاهي ڏني هوندي، سا جيڪڏهن پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز ايندي تہ آءٌ مٿس اها مصيبت نہ آڻيندس جيڪا مون رٿي هوندي. 9 جيڪڏهن ڪنهن ٻئي وقت آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ ڪا قوم يا ڪا حڪومت ٺهڻي ۽ قائم ٿيڻي آهي، 10 تہ پوءِ جي اها قوم منهنجي نظر ۾ بڇڙائي ڪندي ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيندي تہ آءٌ بہ ان چڱائيءَ ڪرڻ کان باز ايندس جيڪا مون ساڻس ڪرڻ چاهي هوندي. 11 تنهنڪري هاڻي اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي آءٌ خداوند خبردار ٿو ڪريان تہ ڏسو، آءٌ اوهان تي هڪ مصيبت آڻڻ لاءِ پيو سوچيان ۽ اوهان جي خلاف هڪ رٿ ويٺو رٿيان. سو اوهين سڀ پنهنجي پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز اچو ۽ پنهنجا طور طريقا ۽ عمل سڌاريو. 12 پر هو وراڻيندا تہ ’تون جيڪي چوين ٿو تنهن جي اسان کي ڪا پرواهہ ڪانهي. اسين پنهنجين تجويزن کي جاري رکنداسين. اسان مان هر ڪو پنهنجي شرير دل جي هوڏ تي هلندو.‘“ خداوند جي قوم جو ڪراهت جهڙو ڪم 13 تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين قومن کان پڇا ڳاڇا ڪري ڏسو تہ ڪنهن اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ٻڌيون آهن؟ منهنجي قوم جيڪا هڪ ڪنواريءَ مثل آهي، تنهن تمام ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي. 14 ڇا لبنان جي وڏن پهاڙن تي منهنجي ڪيرايل برف ڪڏهن غائب ٿئي ٿي؟ ڇا ان تان منهنجا وهايل ٿڌا پاڻي ڪڏهن سڪي وڃن ٿا؟ 15 تنهن هوندي بہ منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي. هو بيڪار بتن جي اڳيان قربانيون پيش ٿا ڪن. هو منهنجي اصلي واٽ کان گمراهہ ٿي ويا آهن ۽ بتن جي پوڄا ڪندي پنهنجي لاءِ سوڙهن ۽ ڪچن رستن کي چونڊيو اٿائون. 16 انهيءَ ڪري سندن ملڪ اجڙي برباد ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ هڪڙي ڦٽڪار واري شيءِ بڻيل رهندو. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا. 17 سو جڏهن دشمن مٿن حملو ڪندا تہ آءٌ کين ائين پکيڙي ڇڏيندس، جيئن تيز هوا مٽيءَ کي پکيڙي ڇڏيندي آهي. سندن انهيءَ مصيبت جي ڏينهن آءٌ هنن کان منهن ڦيري ڇڏيندس.“ يرمياہ جي خلاف سازش سِٽڻ 18 تڏهن ماڻهن چيو تہ ”اچو تہ يرمياہ جي خلاف ڪي منصوبا جوڙيون، ڇاڪاڻ تہ هن جي نہ هجڻ سان اسان جي ڪاهنن وٽان خدا جي شريعت هلي ڪين ويندي، نڪي اسان جي ڏاهن وٽان صلاح مصلحت ۽ نبين وٽان خداوند جو فرمان ختم ٿي ويندو. تنهنڪري اچو تہ سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪو ڏوهہ ڏيئي کيس ڦاسايون.“ 19 سو مون خداوند کان دعا گھري تہ ”اي خداوند! مون ڏانهن ڌيان ڏي، ۽ ٻڌ تہ مون تي الزام هڻندڙ ڇا ٿا چون. 20 مون تہ هنن سان ڀلائي ڪئي آهي، پر انهيءَ جي عيوض ۾ هنن مون لاءِ کڏ کوٽي آهي. ياد ڪر تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن لاءِ سفارش ڪئي هئي، تہ جيئن هنن تان تنهنجو ڏمر هٽي وڃي. 21 پر هاڻ منهنجو عرض آهي تہ تون سندن اولاد کي ڏڪار منجھہ وجھي ڇڏ، ۽ دشمن جي تلوار جي حوالي ڪري ڇڏين. هنن جون زالون سنڍ ۽ بيوہ بڻائي ڇڏ، هنن جا مرد وبا جي حوالي ڪري ماري ڇڏ، ۽ سندن نوجوان جنگ ۾ تلوار سان ڪهائي ڇڏ. 22 مٿن اوچتو ڪو لشڪر آڻي ڪڙڪاءِ، تہ سندن گھرن مان دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اچن، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي راهن ۾ ڪوڙڪي اڏائي اٿن. 23 پر اي خداوند! تون هنن جون اهي سڀ سازشون ڄاڻين ٿو، جيڪي مون کي مارڻ لاءِ رٿيون اٿائون. سو تون هنن جي بدڪاري کين معاف نہ ڪر، هائو، سندن گناهن کي نظرانداز نہ ڪر، بلڪ هنن کي پنهنجي آڏو اونڌو ڪري ڪيراءِ. هائو، پنهنجو غضب نازل ڪري کين سزا ڏي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society