Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 13 - Muslim Sindhi Bible


سڻيءَ جو پوتڙو

1 خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”وڃي پنهنجي لاءِ هڪڙو پوتڙو خريد ڪر ۽ اهو چيلهہ سان ٻڌ. پر ڏس، انهيءَ تي پاڻي نہ لڳي.“

2 سو مون خداوند جي حڪم موجب هڪڙو پوتڙو خريد ڪري پنهنجي چيلهہ سان ٻڌي ڇڏيو.

3 پوءِ ٻيو ڀيرو خداوند مون کي فرمايو تہ

4 ”جيڪو پوتڙو تو خريد ڪيو آهي ۽ تنهنجي چيلهہ سان ٻڌل آهي، سو لاهي فرات نديءَ ڏانهن کڻي وڃ ۽ اتي ٽڪريءَ جي ڪنهن سوراخ ۾ اهو لڪائي ڇڏ.“

5 سو مون خداوند جي حڪم موجب اهو کڻي وڃي فرات نديءَ وٽ لڪايو.

6 گھڻن ڏينهن کان پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اُٿ، فرات نديءَ ڏانهن وڃ ۽ جيڪو پوتڙو مون تو کي لڪائڻ لاءِ چيو هو سو وڃي اتان ڪڍي اچ.“

7 سو آءٌ فرات نديءَ ڏانهن ويس ۽ جتي اهو پوتڙو لڪايو هئم سو اتان کوٽي ڪڍيم. مون ڏٺو تہ اهو پوتڙو اهڙو تہ خراب ٿي پيو هو جو ڪنهن بہ ڪم جو ڪين رهيو هو.

8 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ

9 ”انهيءَ پوتڙي وانگر آءٌ يروشلم وارن، بلڪ سڄي يهوداہ وارن جي وڏي مغروريءَ کي ناس ڪري ڇڏيندس.

10 هيءَ خراب قوم، جيڪا منهنجي ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري ۽ پنهنجي دل جي هوڏ سببان غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ٿي ڪري، سا بہ انهيءَ پوتڙي جهڙي ٿيندي، جيڪو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي رهيو.

11 جيئن پوتڙو ماڻهوءَ جي چيلهہ سان ٻڌل هوندو آهي، تيئن مون بہ اسرائيل ۽ يهوداہ وارن کي پاڻ سان ٻڌو هو تہ جيئن هو منهنجي ئي قوم رهندي منهنجي نالو جي واکاڻ ڪن ۽ منهنجي عظمت ظاهر ڪن. پر هنن ان پاسي ڪو ڌيان ئي ڪونہ ڏنو.“


مئي جا مَٽَ

12 خداوند مون کي چيو تہ ”بني اسرائيل کي ٻڌاءِ تہ هو مئي جو هر مٽ مئي سان ڀري رکن. جيڪڏهن هو تو کي چون تہ ’اسان کي خبر ناهي ڇا تہ هر مٽ مئي سان ڀربو آهي؟‘

13 تڏهن تون کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ آءٌ سندن ملڪ يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ڪاهنن کي، نبي سڏائيندڙن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ڄڻ تہ نشو پيئاري مدهوش ڪري ڇڏيندس.

14 آءٌ هنن مان سڀني کي پوءِ اهي توڙي جو پيئر هجن يا پٽ، مَٽن جيان هڪٻئي مٿان اڇلائي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، انهن تي ڪو قياس نہ ڪندس، نڪي ترس کائيندس. کين ناس ڪرڻ وقت رحم نہ ڪندس.“


مغروريءَ خلاف يرمياہ جو چتاءُ

15 اي بني اسرائيل! خداوند جو فرمان ٻڌو، هٺيلا نہ ٿيو، بلڪ انهيءَ تي عمل ڪريو.

16 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي تعظيم ڪرڻ سکو، انهيءَ کان اڳ جو هو اونداهي آڻي ۽ اوهان جا پير اونداهين ٽڪرين تي ٿاٻڙجڻ لڳن. هائو، انهيءَ کان اڳ جو جڏهن اوهين روشنائيءَ جا منتظر هجو، تڏهن هو ان کي موت جي پاڇي ۾ بدلائي گھُگھُہ اونداهيءَ ۾ ڦيرائي ڇڏي.

17 پر جيڪڏهن اوهين نہ ٻڌندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي مغروريءَ جي ڪري لڪي لڪي روئندس. هائو، ان وقت منهنجيون اکيون زار وَ قطار روئنديون ۽ ڳوڙها ڳاڙينديون، جڏهن خداوند جي پياري قوم قيد ڪئي ويندي.

18 خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون يهوداہ جي بادشاهہ ۽ سندس والدہ راڻيءَ کي چئُہ تہ ’پنهنجي پنهنجي تخت تان هيٺ لهو، ڇو تہ اوهان جو شان وَ شوڪت وارو تاج اوهان جي مٿي تان لاٿو وڃي ٿو.

19 اوهان جا ڏکڻ وارا شهر گھيري ۾ اچي ويا آهن، ۽ ڪوبہ اندر اچي يا ٻاهر وڃي نہ ٿو سگھي. سڄي يهوداہ کي قيد ڪيو ٿو وڃي، انهن مان ڪوبہ باقي نہ بچندو.‘“

20 اي يروشلم جي وسندي! پنهنجيون اکيون کڻي اتر کان چڙهائي ڪري آيل پنهنجي دشمنن کي ڏس. هاڻ ٻڌاءِ تہ تنهنجي ملڪ جو پاليل ڌڻ ڪٿي آهي؟ هائو، تنهنجا اهي رهاڪو ڪٿي آهن جن تي تو کي وڏو ناز هو؟

21 هاڻي تون ڇا ٿي چوين جو اها قوم تو تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڪاهہ ڪيو ٿي اچي، جنهن کي تو پنهنجو سڄڻ ٿي سمجھيو؟ هاڻ تہ تون ڪنهن ويم ڪندڙ عورت جهڙن سورن ۾ هوندينءَ.

22 پوءِ جي تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ ”مون سان ائين ڇو ٿيو آهي؟“ تہ پوءِ ٻڌ، اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي گناهن جي گھڻائيءَ ڪري آهي، جو ڪپڙا ڦاڙي تو کي اگھاڙو ڪيو ويو آهي، ۽ تو سان زوريءَ زنا ڪئي ويئي آهي.

23 ڇا ڪو حبشي پنهنجي کل جو رنگ بدلائي سگھي ٿو؟ يا ڪو چيتو پاڻ تان دٻڪن جا نشان مَٽائي سگھي ٿو؟ ساڳيءَ طرح تون بہ نيڪي ڪري نہ ٿي سگھين، جيڪا بڇڙائيءَ جي عادي آهين.

24 خداوند ٿو فرمائي تہ ”آءٌ تنهنجي رهاڪن کي ان بُهہ وانگر ٽيڙي پکيڙي ڇڏيندس، جيڪو بيابان جي هوا سان اڏامي ڪڻو ڪڻو ٿي ويندو آهي.

25 اهو ئي تنهنجي رهاڪن جو مقدر آهي، اهو ئي هنن جو حصو آهي، جيڪو مون سندن لاءِ مقرر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ باطل معبودن تي ڀروسو ڪيو اٿائون.“

26 سو اي يروشلم جي وسندي! خداوند پاڻ تنهنجا ڪپڙا لاهيندو ۽ تنهنجو شرم اُگھاڙيندو.

27 اي يروشلم! خدا تنهنجي رهاڪن کي اهي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي، جن ڪراهت جهڙن ڪمن کان هن کي نفرت آهي. هن کين ٽڪرين ۽ ٻنين ۾ ڌارين معبودن پٺيان ويندي ڏٺو آهي، جيئن ڪو زناڪار ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پوندو آهي، يا جيئن ڪو سانهِي گھوڙو گھوڙيءَ جي پٺيان پوندو آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان لاءِ ويل آهي! ڪيستائين اوهين ناپاڪ رهندءُ.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan