Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 12 - Muslim Sindhi Bible


يرمياہ جو فرياد ۽ خدا جي ورندي

1 اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ تو سان بحث ڪريان تہ تون ئي سچو ثابت ٿيندين. تنهن هوندي بہ آءٌ تو سان تنهنجي انصاف بابت ڳالهائڻ ٿو گھران تہ بڇڙائي ڪندڙ ڇو خوشحال رهن ٿا؟ سمورا دغابازي ڪندڙ ڇو آرام ۾ ٿا گذارين؟

2 تو هنن کي وڻ وانگر پوکيو آهي ۽ هاڻي هو پاڙ هڻي ويا آهن. هو وڌن ويجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا. تون هنن جي چپن تي تہ آهين، پر سندن دلين کان دور آهين.

3 پر اي خداوند! تون مون کي ڄاڻين ٿو. تون مون کي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل کي پرکين ٿو تہ اها تو سان ئي آهي. سو تون انهن بڇڙن کي رڍن وانگر ڪهڻ لاءِ ڇڪي ٻاهر ڪڍ. انهن کي ذبح ڪرڻ جي ڏينهن لاءِ الڳ ڪري بيهار.

4 هيءَ زمين ڪيستائين سڪي سڙي پيئي هوندي ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومايل رهندي؟ منجھس رهندڙ بدڪارن جي ڪري پکي ۽ جانور بہ ناس ٿي ويا آهن. اهي بدڪار ائين بہ چون ٿا پيا تہ ”اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو خدا نہ ٿو ڏسي.“

5 خداوند ورندي ڏيندي چيس تہ ”اي يرمياہ! جيڪڏهن تون پيادن سان ڊوڙيو آهين ۽ انهن تو کي ٿڪائي وڌو آهي، تہ پوءِ تون گھوڙيسوارن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگھندين؟ جيڪڏهن تون کُليل ميدان ۾ ئي ٿاٻڙجين ٿو، تہ پوءِ تون اردن درياءَ جي ٻيلن ۾ ڪيئن ڪندين؟

6 سو تون ان شڪايت کي ڇڏ ۽ پنهنجي مائٽن ڏانهن نهار، جيڪي تنهنجي ابي جو اولاد آهن تن بہ تو سان دغا ڪئي آهي. انهن بہ تنهنجي خلاف وڏيون دانهون ڪيون آهن. سو انهن تي اعتبار نہ ڪر، توڙي جو هو تو سان مٺو ٿا ڳالهائين.“


نافرمانيءَ جي سزا

7 خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون يهوداہ وارن کي ڇڏي ڏنو آهي، هائو، پنهنجي چونڊيل قوم کي وساري ڇڏيو اٿم. مون پنهنجي پياري قوم کي سندس دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.

8 منهنجي چونڊيل قوم منهنجي خلاف ٿي پيئي آهي، اها ٻيلي جي شينهن جيان مون تي گجگوڙ ٿي ڪري. تنهنڪري مون کي ساڻس نفرت ٿي پيئي آهي.

9 هاڻ منهنجي چونڊيل قوم جو ملڪ ڄڻ تہ گدڙن جي جُوءِ بڻجي ويو آهي، جنهن جي چوڌاري مردار خور پکي لامارا ڏيندا ٿا وتن. سو وڃ، وڃي جھنگ جي سڀني جانورن کي سڏي اچ، تہ اهي اچي هنن گدڙن جو شڪار کائي چٽ ڪري ڇڏين.

10 جيئن ڌنار انگورن جي باغ کي ڀيلي ٿا ڇڏين، ۽ ٻنيءَ کي لتاڙي ناس ٿا ڪن، تيئن ڪيترن ئي ڌارين بادشاهن منهنجي قوم جي سرسبز ملڪ کي اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيو آهي.

11 هنن ان کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، ويران ٿي اهو منهنجي اڳيان دانهون پيو ڪري. سڄو ملڪ بيابان بڻجي ويو آهي، پر ڪنهن کي بہ انهيءَ جي پرواهہ ڪانهي.

12 تباهي مچائڻ وارا حملي ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ کُليل ٽڪرين تي اچي پهتا آهن. اهي مون خداوند جي موتمار تلوار بڻجي هڪڙيءَ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏيندا، ۽ ملڪ ۾ ڪوبہ سلامت نہ رهندو.

13 منهنجي قوم ڪڻڪ پوکي، پر لڻڻ لاءِ وٽن ڪنڊا ئي رهيا آهن، هنن سخت پورهيو ڪيو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ڪيو اٿائون. منهنجي سخت ڪاوڙ جي ڪري اهي پنهنجي پيداوار کان نااميد ٿيا آهن.“


آس‌پاس وارين قومن بابت اڳڪٿي

14 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏس، آس‌پاس جي بڇڙن غير قوم وارن ان ملڪ کي نقصان رسايو آهي، جيڪو مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنو هو. سو آءٌ انهن سڀني کي سندن ملڪن مان وڻ وانگر پاڙان پٽي ڪڍندس ۽ يهوداہ وارن کي کانئن بچائي وٺندس.

15 کين ائين جلاوطن ڪري ڇڏڻ کان پوءِ، آءٌ وري مٿن رحم ڪندس ۽ منجھائن هر قوم کي سندس ورثي واري ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس.

16 جيڪڏهن هو پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي قوم جا رستا سکندا ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ ’خداوند جيئري جو قسم آهي،‘ جيئن هنن منهنجي قوم کي بعل ديوتا جو قسم کڻڻ سيکاريو هو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم منجھہ قائم ٿي ويندا.

17 پر جيڪڏهن ڪا قوم منهنجي نہ ٻڌندي تہ پوءِ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ان کي پٽي آءٌ بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan