يرمياہ 10 - Muslim Sindhi Bibleخداپرستي ۽ بتپرستي 1 اي اسرائيل وارؤ! ٻڌو، خداوند اوهان کي ڇا ٿو فرمائي. 2 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين ٻين قومن وارا طور طريقا نہ سکو ۽ آسمان وارين نشانين کان خوفزدہ نہ ٿيو، جن کان ٻيون قومون خوفزدہ ٿين ٿيون. 3 انهيءَ ڪري جو انهن قومن جا مذهبي رسم وَ رواج باطل آهن. هو ٻيلي مان وڻ وڍين ٿا ۽ پوءِ ڪو ڪاريگر ان کي واهوليءَ سان گھڙي ڪا شڪل ٺاهي ٿو. 4 ان کي هو سون ۽ چانديءَ سان سينگارين ٿا. هو انهيءَ کي مترڪن سان ڪوڪا هڻي قابو ڪن ٿا تہ جيئن لچڪي نہ. 5 واڙيءَ ۾ فصل جي حفاظت لاءِ کوڙيل بوتي جيان هنن جا بت ڳالهائي نہ ٿا سگھن. اهي گھمي ڦري نہ ٿا سگھن، تنهنڪري ضروري آهي تہ کين کڻي هلجي. سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، هو ڪوبہ نفعو يا نقصان پهچائي نہ ٿا سگھن.“ 6 بيشڪ اي خداوند! تنهنجو ثاني ڪوبہ ڪونهي، تون عظيم آهين، ۽ تنهنجو نالو وڏيءَ قدرت وارو آهي. 7 اي قومن جا بادشاهہ! ڪير نہ تنهنجو خوف رکندو؟ ڇو تہ رڳو تون ئي انهيءَ لائق آهين. قومن جي سڀني دانائن ۾، ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 8 جڏهن تہ هي سڀ بيعقل ۽ بيوقوف آهن، هي ڪاٺ جي بتن مان ڪهڙي تعليم ٿا پرائي سگھن! 9 هنن جي بتن تي نج سون ۽ عمدي چانديءَ جا پترا چڙهيل آهن، جيڪي ڪاريگرن ۽ سونارن جي هٿن جي ڪاريگري آهن. انهن کي نيري ۽ واڱڻائي رنگ جي پوشاڪ پهرائي وڃي ٿي، جيڪا ماهر ڪاريگر جي هٿ جو ڪم آهي. 10 پر اي خداوند! تون سچو خدا آهين، تون جيئرو خدا ۽ قائم وَ دائم بادشاهہ آهين. جڏهن تون ڪاوڙجين ٿو تہ دنيا ڪنبي ٿي وڃي، ۽ قومون تنهنجي ڪاوڙ سهي نہ ٿيون سگھن. 11 (اوهين انهن کي ٻڌايو تہ اهي معبود، جن زمين ۽ آسمان پيدا نہ ڪيو آهي سي روءِزمين تان ناس ٿي ويندا). خدا جي واکاڻ جو گيت 12 خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس. 13 هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو. 14 اهو ڏسندي هر بتپرست ماڻهو بيسمجھہ ۽ اڻڄاڻ ثابت ٿئي ٿو. هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت مان نااميد ٿئي ٿو، ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن، منجھن ساهہ ئي ڪونهي. 15 اهي مورتيون باطل ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، جڏهن انهن جي سزا جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون. 16 يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي. جلاوطنيءَ جي وقت جو ويجھو اچڻ 17 اي يروشلم جا رهاڪؤ! اوهين جيڪي گھيري هيٺ آهيو، پنهنجو وطن ڇڏي وڃڻ جي تياري ڪندي پنهنجي مڏي ميڙي گڏ ڪريو. 18 انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، جيڪي هن ملڪ ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ کانڀاڻيءَ ۾ پيل پٿر وانگر اڇلائڻ وارو آهيان. آءٌ مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس جو پاڻيهي ياد ڪندا.“ 19 يروشلم جا رهاڪو دانهون ڪري چون ٿا تہ ”هاءِ! اسان جي خستہحالي! اسان جا زخم لاعلاج آهن! اسان تہ سمجھي ورتو آهي تہ اها مصيبت برداشت ڪرڻ کان سواءِ اسان کي ٻيو ڪوبہ رستو ڪونهي. 20 اسان جا گھر ڊاهي تباهہ ڪيا ويا آهن. اسان جا ٻار اسان کان کسيا ويا آهن، ڪوبہ ڪونهي جيڪو اسان جي پناهہ لاءِ وري گھر جوڙي.“ 21 مون کين وراڻيو تہ ”اسان جا اڳواڻ بيسمجھہ آهن، ڇوجو خداوند کان ڪابہ پڇا نہ ٿا ڪن. تنهنڪري ئي هو ناڪام ٿي ويا آهن، ۽ اسين رڍن وانگر ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهيون. 22 ٻڌو، خبر آئي آهي تہ اتر واري قوم ۾ وڏو هل هنگامو آهي! انهيءَ جو لشڪر يهوداہ جي شهرن کي ويران ڪري گدڙن جي جوءِ بڻائي ڇڏيندو.“ يرمياہ جي دعا 23 اي خدواند! مون کي خبر آهي تہ انسان جو رستو سندس وس ۾ ناهي. اهو سندس اختيار ۾ ناهي تہ جيڏانهن وڻيس تيڏانهن پنهنجيون وکون کڻي. 24 اي خداوند! جيتري سيکت جا اسين لائق آهيون سا ڀلي ڏي، پر پنهنجي ڪاوڙ سان نہ، متان اسين ناس ٿي وڃون. 25 بلڪ پنهنجو غضب تون انهن قومن تي نازل ڪر، جيڪي تو کي نہ ٿيون مڃين، هائو، انهن پيڙهين تي جيڪي تنهنجو نالو نہ ٿيون وٺن، ڇاڪاڻ تہ انهن تنهنجي قوم کي ماري ڇڏيو آهي. هائو، انهن اسان کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي ملڪ کي مٽيءَ جا ڍير ڪري ڇڏيو اٿن. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society