يرمياہ 1 - Muslim Sindhi Bibleيرمياہ جي خدمت جو دور 1 هي ڳالهيون يرمياہ ولد خلقياہ جون چيل آهن، جيڪو بني بنيامين جي علائقي واري ڳوٺ عنتوت جي ڪاهنن مان هو. 2 يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال خداوند جو فرمان يرمياہ تي نازل ٿيو. 3 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند جو فرمان مٿس وري وري نازل ٿيندو رهيو. انهيءَ کان پوءِ يهوداہ جي ٻئي بادشاهہ صدقياہ ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي دوران بہ يرمياہ تي خداوند جو فرمان نازل ٿيندو رهيو. صدقياہ جي بادشاهيءَ جي يارهين سال جي پنجين مهيني ۾ يروشلم جا ماڻهو جلاوطن ڪيا ويا. يرمياہ جو نبيءَ طور چونڊجڻ 4 خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ 5 ”جڏهن مون تو کي ماءُ جي پيٽ ۾ خلقيو، تنهن کان اڳ ئي مون تو کي چونڊي ڇڏيو هو. تنهنجي ڄمڻ کان اڳ مون تو کي مخصوص ڪري دنيا کان ڌار ڪيو هو ۽ تو کي قومن جو نبي مقرر ڪري ڇڏيو هو.“ 6 تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کي تہ ڳالهائڻ جي بہ خبر ناهي، آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان.“ 7 تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”ائين نہ چئُہ تہ ’آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان،‘ بلڪ جنهن ڏانهن بہ آءٌ تو کي موڪليان، تنهن ڏانهن تو کي وڃڻو آهي، ۽ جيڪي حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو پهچائڻو آهي. 8 تون انهن کي ڏسي کانئن هرگز نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان ۽ تنهنجي حفاظت ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ 9 پوءِ خداوند پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي وات کي ڇهيو ۽ مون کي چيائين تہ ”مون پنهنجو فرمان تنهنجي وات ۾ وڌو آهي. 10 ياد رک، اڄ مون تو کي قومن ۽ حڪومتن تي اختيار ڏنو آهي تہ تون کين پاڙؤن پٽين، ڀڃين ڊاهين، اونڌو يا ناس ڪرين، يا وري کين اڏائين ۽ آباد ڪرين.“ ٻہ رويائون 11 پوءِ خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي يرمياہ! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ بادام جي وڻ جي هڪڙي ٽاري ٿو ڏسان.“ 12 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”تو صحيح ڏٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي فرمان کي پوري ڪرڻ لاءِ سجاڳ ٿو رهان.“ 13 پوءِ خداوند ٻيو ڀيرو مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ هڪڙي ٽهڪندڙ ديڳ ٿو ڏسان، جنهن جو منهن اتر طرف کان هيڏانهن جھڪيل آهي.“ 14 تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ”هن ملڪ تي اتر کان مصيبت اچي ڪڙڪندي. 15 هائو، آءٌ ئي اتر وارين بادشاهتن جي سڀني ماڻهن کي سڏائڻ وارو آهيان. انهن جا بادشاهہ ڪاهہ ڪري ايندا ۽ ڪوٽ واري شهر يروشلم ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن کي چوڌاري گھيرو ڪندا. هو يروشلم جي ڪوٽ واري هر دروازي تي پنهنجو شاهي اختيار قائم ڪندا. 16 آءٌ پنهنجي قوم جي بڇڙائيءَ سبب مٿن پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، غير معبودن آڏو قربانيون پيش ڪيون اٿائون ۽ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل شين جي پوڄا ڪئي اٿائون. 17 سو تون سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ! جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو وڃي انهن کي ٻڌاءِ. انهن کان نہ ڊڄ، نہ تہ آءٌ تو کي انهن اڳيان گھڻو ڊنل بڻائيندس. 18 ڏس، اڄ مون تو کي هن سڄي ملڪ جي سامهون يعني يهوداہ جي بادشاهن، ان جي عملدارن، ان جي ڪاهنن ۽ ملڪ جي ماڻهن جي مقابلي ۾ هڪڙو ڪوٽ وارو شهر، لوهہ جو ٿنڀو ۽ پتل جي ڀت ڪري بڻايو آهي. 19 هو تو سان وڙهندا، پر تو مٿان غالب پئجي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان ۽ تنهنجي حفاظت ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society