Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

قاضين 9 - Muslim Sindhi Bible


ابيملڪ جو ظلم

1 تڏهن ابيملڪ ولد جِدعون پنهنجي مامن وٽ سڪم شهر ۾ ويو ۽ انهن کي ۽ پنهنجي ناناڻن جي سڄي گھراڻي کي چيائين تہ

2 ”سڪم جي سڀني رهاڪن کان پڇي ڏسو تہ ڇا اوهان جي لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي تہ جِدعون جا سڀيئي يعني ستر ئي پٽ اوهان تي حڪومت ڪن يا اها ڳالهہ تہ هڪڙو ئي ماڻهو اوهان تي حڪومت ڪري؟ اهو پڻ ياد رکو تہ آءٌ اوهان جو هڏ رت آهيان.“

3 جڏهن هن جي مامن اهي سڀ ڳالهيون سڪم جي سڀني رهاڪن کي چئي ٻڌايون، تڏهن هنن جي دل ابيملڪ جي پٺيان لڳڻ تي مائل ٿي، ڇاڪاڻ تہ هنن چيو تہ ”هو اسان جو ڀاءُ آهي.“

4 هنن بعل‌بريت ديوتا جي مندر مان ستر چانديءَ جا سڪا ڪڍي آڻي ابيملڪ کي ڏنا، جن سان هن ڪي لچا‌لفنگا ماڻهو ڀاڙي ڪيا جيڪي سندس پوئلڳ ٿيا.

5 پوءِ هو عفرہ ۾ پنهنجي پيءُ جي گھر ويو ۽ پنهنجي ماٽيلن ڀائرن يعني جِدعون جي ستر ئي پٽن کي هڪڙي ئي پٿر تي ڪٺائين. پر جِدعون جو سڀ کان ننڍو پٽ يوتام بچي ويو، ڇاڪاڻ تہ هن وڃي پاڻ کي لڪايو هو.

6 تڏهن سڪم ۽ بيت‌ملو جا سڀ رهاڪو سڪم ۾ شاهہ‌بلوط وڻ جي ڀر واري مذهبي ٿنڀي وٽ گڏ ٿيا ۽ اتي ابيملڪ کي پنهنجو بادشاهہ بڻايائون.

7 جڏهن يوتام کي اها خبر پيئي تڏهن هو گرزيم جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي بيٺو ۽ وڏي آواز سان سڏ ڪري هنن کي چوڻ لڳو تہ ”اي سڪم جا رهاڪؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو تہ خدا بہ اوهان جي ٻڌي.

8 ڪنهن زماني ۾ وڻ اُٿي هليا تہ ڪنهن کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ بڻائين. سو انهن زيتون جي وڻ کي اچي چيو تہ ’تون اسان تي بادشاهي ڪر.‘

9 پر زيتون جي وڻ کين چيو تہ ’وڻن مٿان لهرائڻ خاطر ڇا آءٌ پنهنجو سڻڀ ڇڏي ڏيان، جنهن سان معبودن ۽ انسانن کي تعظيم ڏني ويندي آهي؟‘

10 تڏهن وڻن انجير جي وڻ کي چيو تہ ’تون اچي اسان تي بادشاهي ڪر.‘

11 پر انجير جي وڻ کين چيو تہ ’وڻن مٿان لهرائڻ خاطر ڇا آءٌ پنهنجو مٺاڻ ۽ پنهنجو سٺو ميوو ڇڏي ڏيان؟‘

12 تڏهن وڻن انگورن جي وَل کي چيو تہ ’تون اچي اسان تي بادشاهي ڪر.‘

13 پر انگورن جي ول کين چيو تہ ’وڻن مٿان لهرائڻ خاطر ڇا آءٌ پنهنجو رس ڇڏي ڏيان، جيڪو معبودن ۽ انسانن کي خوش ٿو ڪري؟‘

14 تڏهن سڀني وڻن ڪنڊيءَ جي ٻوٽي کي چيو تہ ’تون ئي اچي اسان تي بادشاهي ڪر.‘

15 ڪنڊيءَ جي ٻوٽي کين چيو تہ ’جيڪڏهن سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اچو ۽ منهنجيءَ ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو. پر جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ ڀلي مون ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري ۽ لبنان جي ديال جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي.‘“

16 يوتام وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي جڏهن تہ اوهان ابيملڪ کي بادشاهہ ڪيو آهي تہ ڇا اوهان اها سچائي ۽ خلوص جي هلت ڪئي آهي؟ ڇا جِدعون ۽ ان جي گھراڻي سان سٺو سلوڪ ڪيو اٿوَ؟ ڇا انهيءَ جي ڪيل احسانن موجب هليا آهيو؟

17 ياد رکو تہ منهنجو پيءُ اوهان جي خاطر وڙهيو، پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي اوهان کي مديانين جي هٿن مان ڇڏايائين.

18 پر اوهان اڄ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي خلاف بغاوت ڪري، سندس ستر پٽن کي ساڳئي ئي پٿر تي ڪٺو آهي ۽ منهنجي پيءُ جي ويهاريل ٻانهيءَ جي پٽ ابيملڪ کي سڪم جو بادشاهہ ڪيو اٿوَ، رڳو انهيءَ ڪري جو هو اوهان جو مائٽ آهي.

19 سو جيڪڏهن اوهان اڄ جِدعون ۽ سندس گھراڻي سان سچائي ۽ خلوص جي هلت ڪئي آهي تہ ڀلي اوهين ابيملڪ مان خوش رهو ۽ هو بہ اوهان مان خوش رهي.

20 پر جي نہ، تہ پوءِ ڀلي ابيملڪ مان باهہ نڪري سڪم جي ماڻهن ۽ بيت‌ملو جي گھراڻي کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي ۽ ڀلي تہ سڪم جي ماڻهن ۽ بيت‌ملو جي گھراڻي مان باهہ نڪري ابيملڪ کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي.“

21 پوءِ يوتام اُٿي بير ڏانهن وٺي ڀڳو ۽ پنهنجي ڀاءُ ابيملڪ جي خوف کان اتي ئي رهڻ لڳو.


سڪم جي رهاڪن جي سازش

22 ابيملڪ بني اسرائيل مٿان ٽي سال بادشاهي ڪئي.

23 تڏهن خدا ابيملڪ ۽ سڪم جي اڳواڻن جي دلين ۾ نفاق وڌو ۽ هنن ابيملڪ سان دغا ڪئي.

24 خدا ائين انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن جِدعون جي ستر پٽن جي خون جو بدلو سندن ڀاءُ ابيملڪ کان ورتو وڃي، جنهن هنن کي مارايو هو ۽ سڪم جي ماڻهن کان بہ بدلو ورتو وڃي جن سندس ڀائرن جي مارڻ ۾ ابيملڪ جي مدد ڪئي هئي.

25 سو سڪم جي اڳواڻن ابيملڪ جي خلاف جبلن جي چوٽين تي ماڻهو لڪائي ويهاري ڇڏيا. اهي انهيءَ رستي سان لنگھندڙ سڀني ماڻهن کي پيا لٽيندا ڦريندا هئا. اها ڳالهہ ابيملڪ کي ٻڌائي ويئي.

26 تڏهن جعل ولد عبد پنهنجي گھراڻي وارن سميت سڪم شهر ۾ آيو ۽ اتان جي ماڻهن مٿس اعتماد ڪيو.

27 هنن ٻنين ۾ وڃي انگور پٽي گڏ ڪيا ۽ انهن مان رس ڪڍي مئي ٺاهي پيتائون ۽ جشن ملهايائون. هو پنهنجي معبود جي مندر ۾ ويا اتي کاڌائون پيتائون ۽ ابيملڪ تي لعنتون وسايائون.

28 پوءِ جعل چيو تہ ”ابيملڪ جو سڪم سان ڪهڙو واسطو؟ ڇو اسين انهيءَ جي اطاعت ڪريون؟ ڇا هو جِدعون جو پٽ ناهي! ڇا زبول هن جو عملدار ناهي! اوهين سڪم جي وڏي حمور جي اولاد جي ئي اطاعت ڪريو. اسين ڇو ابيملڪ جي اطاعت ڪريون؟

29 جيڪر اهي ماڻهو منهنجي هٿ هيٺ هجن ها! تہ پوءِ آءٌ ابيملڪ کي معزول ڪري ڇڏيان ها! آءٌ ابيملڪ کي چوان ها تہ ’پنهنجو لشڪر وٺي ميدان ۾ نڪري اچ.‘“

30 جڏهن شهر جي گورنر زبول، جعل جون هي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن تپي باهہ ٿي ويو.

31 هن ابيملڪ ڏانهن ارومہ ۾ قاصدن سان چوائي موڪليو تہ ”جعل ولد عبد ۽ سندس گھراڻو سڪم ۾ آيو آهي ۽ هو شهر کي توهان جي خلاف اڀارين ٿا.

32 تنهنڪري هاڻي توهين ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي توهان سان گڏ آهن سي رات جو وڃي ٻنيءَ ۾ لڪي ويهي رهو.

33 صبح جو سج اڀرڻ شرط اُٿي شهر تي حملو ڪريو. جڏهن جعل پنهنجي ماڻهن سميت توهان سان وڙهڻ لاءِ ٻاهر نڪري اچي تڏهن توهان کان جيڪي پڄي سگھي سو ساڻن ڪريو.“

34 سو ابيملڪ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ رات جو اٿيا ۽ چار ٽوليون ٺاهي سڪم جي ويجھو تاڙ ۾ ويهي رهيا.

35 جڏهن جعل ٻاهر نڪري سڪم شهر جي دروازي وٽ اچي بيٺو، تڏهن ابيملڪ ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا سي پنهنجي لِڪڻ وارين جاين تان اٿيا.

36 جعل هنن ماڻهن کي ڏٺو تڏهن زبول کي چيائين تہ ”ڏس، هو لشڪر جبلن جي چوٽين تان هيٺ لهي رهيو آهي.“ زبول کيس وراڻيو تہ ”اهو جبلن جو پاڇو آهي جيڪو تو کي ماڻهن وانگر نظر ٿو اچي.“

37 پر جعل وري چيس تہ ”ڏس، ميدان جي بلڪل وچان ماڻهو لهندا ٿا اچن ۽ هڪڙو ٽولو تہ فال ڪڍندڙن جي شاهہ‌بلوط وڻ واري رستي کان ٿو اچي.“

38 تڏهن زبول کيس چيو تہ ”هاڻي تنهنجي بڪواس ڪٿي آهي؟ تو ئي تہ چيو ٿي تہ ’ابيملڪ ڪير آهي جو اسين انهيءَ جي اطاعت ڪريون؟‘ ڇا هي اهي ئي ماڻهو نہ آهن جن تي تو ٺٺوليون ٿي ڪيون؟ هاڻي ٻاهر نڪري انهن سان وڙهي تہ ڏيکار!“

39 تنهن تي جعل سڪم شهر جي ماڻهن جي اڳيان ٿي نڪتو ۽ وڃي ابيملڪ سان وڙهيو.

40 ابيملڪ هن جو پيڇو ڪيو ۽ هو ابيملڪ جي اڳيان وٺي ڀڳو. گھڻا ئي ماڻهو انهيءَ ڀاڄ ۾ شهر جي دروازي واري لنگھہ تائين زخمي ٿي ڪري پيا.

41 تنهن بعد ابيملڪ واپس موٽي اچي ارومہ ۾ ترسي پيو. جعل ۽ سندس گھراڻي وارن کي زبول سڪم شهر مان تڙي ڪڍي ڇڏيو، تہ جيئن هو اڳتي لاءِ اتي نہ رهن.

42 ابيملڪ کي خبر پيئي تہ ٻئي ڏينهن تي صبح جو ماڻهو سڪم شهر مان نڪري ٻنيءَ ڏانهن ويندا.

43 سو ابيملڪ پنهنجو لشڪر وٺي انهيءَ کي ٽن ٽولن ۾ ورهايو ۽ ٻنيءَ ۾ لڪي ويهي رهيو. جڏهن هن ڏٺو تہ ماڻهو شهر مان نڪري پيا اچن تڏهن هو کين مارڻ لاءِ اُٿي سامهون ٿيو.

44 ابيملڪ هڪ ٽولي سان گڏ ڊوڙي شهر جي دروازي جي لنگھہ تي گھٽ وٺي بيٺو ۽ جيڪي ماڻهو ٻنيءَ ۾ هئا تن سڀني تي ابيملڪ جي ٻين ٻن ٽولن ڪاهہ ڪري کين ماري وڌو.

45 ابيملڪ اهو سڄو ڏينهن شهر وارن سان وڙهندو رهيو، آخرڪار شهر تي قبضو ڪري منجھس جيڪي ماڻهو هئا تن کي قتل ڪيائين. پوءِ هن شهر کي ڊاهي ميدان ڪرائي مٿس لوڻ ڇٽرائي ڇڏيو.

46 جڏهن سڪم جي ٺُلهہ وارن سڀني مُکيہ ماڻهن اهو ٻڌو، تڏهن بعل‌بريت ديوتا جي مندر واري قلعي ۾ گھڙي پناهہ ورتائون.

47 جيئن ئي ابيملڪ کي خبر پيئي تہ سڪم جي ٺُلهہ وارا سڀ مُکيہ ماڻهو اتي هڪ هنڌ وڃي گڏ ٿيا آهن،

48 تيئن ئي هو پنهنجي لشڪر سميت ضلمون جي جبل تي چڙهي ويو. تڏهن ابيملڪ پنهنجي هٿ ۾ ڪهاڙو کڻي وڻ مان هڪڙي ٽاري وڍي ۽ اها مٿي کڻي پنهنجي ڪلهي تي رکيائين. پوءِ پنهنجي لشڪر کي چيائين تہ ”جيئن اوهان مون کي ڪندي ڏٺو آهي سو اوهين بہ جلدي ائين ئي ڪريو.“

49 تڏهن هر هڪ ڄڻي اهڙيءَ طرح هڪڙي هڪڙي ٽاري وڍي ۽ ابيملڪ جي پٺيان لڳي پيا. انهن اهي قلعي جي چوڌاري رکيون ۽ پوءِ انهيءَ قلعي کي کڻي باهہ ڏنائون. سو سڪم جي ٺُلهہ مان نڪتل سڀ مُکيہ ماڻهو سڙي مري ويا جيڪي اٽڪل هڪ هزار مرد ۽ عورتون هئا.


ابيملڪ جو موت

50 تنهن کان پوءِ ابيملڪ تيبض ڏانهن ويو ۽ انهيءَ شهر کي گھيرو ڪري مٿس قبضو ڪري ورتائين.

51 انهيءَ شهر جي اندر هڪڙو تمام مضبوط ٺُلهہ هو. شهر جا سڀ ماڻهو، مرد توڙي عورتون اُٿي اوڏانهن ڀڳا، انهيءَ ۾ گھڙي اندران دروازو بند ڪري ٺُلهہ جي ڇت تي چڙهي ويا.

52 ابيملڪ ٺُلهہ وٽ اچي ان جو گھيرو ڪري اڳتي وڌيو. جڏهن هو ٺُلهہ جي در کي تمام ويجھو وڃي ٿيو تان‌تہ انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏي،

53 تڏهن ڪنهن عورت جنڊ جو مٿيون پُڙ کڻي ابيملڪ جي مٿي تي اڇلائي ڏنو ۽ سندس کوپڙي ڀڃي وڌائين.

54 تنهن تي هن جلدي پنهنجي هٿياربردار جوان کي سڏي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي مار، تہ جيئن منهنجي باري ۾ ائين چوڻ ۾ نہ اچي تہ ’هڪڙي عورت هن کي ماري وڌو.‘“ سو سندس هٿياربردار تلوار منجھس ٽُنبي ڏني ۽ هو مري ويو.

55 جڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ابيملڪ مري ويو آهي، تڏهن اهي سڀ پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي ويا.

56 اهڙيءَ طرح خدا ابيملڪ کي انهيءَ برائيءَ جو بدلو ڏنو، جيڪا هن پنهنجي ستر ڀائرن کي ماري پنهنجي پيءُ سان ڪئي هئي.

57 خدا سڪم جي ماڻهن کان پڻ سندن برائيءَ جو بدلو ورتو. يوتام ولد جِدعون جي لعنت انهن تي سچي ثابت ٿي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan