قاضين 8 - Muslim Sindhi Bibleمديانين جي آخري شڪست 1 تنهن بعد افرائيم جي ماڻهن جِدعون کي چيو تہ ”تو اسان سان ائين ڇو ڪيو جو جڏهن تون مديانين سان وڙهڻ لاءِ وئين تڏهن اسان کي سڏ بہ نہ ڪيئِہ؟“ هو انهيءَ ڳالهہ بابت ساڻس تکو ڳالهائڻ لڳا. 2 تڏهن هن کين چيو تہ ”اوهان ايڏا تہ وڏا ڪم ڪيا آهن جو انهن جي ڀيٽ ۾ مون ڪجھہ بہ نہ ڪيو آهي. اوهان جي قبيلي افرائيم جا عمل اهڙا تہ اعليٰ آهن جو ڄڻ اوهان جي انگورن جي هڪڙيءَ ول جا داڻا منهنجي گھراڻي ابيعزر جي انگورن جي سڄي فصل کان بهتر آهن. 3 خدا مديانين جا اڳواڻ عوريب ۽ زئيب اوهان جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيا آهن. اوهان جي ڀيٽ ۾ مون ڇا ڪيو آهي.“ تڏهن هن جي ايتري چوڻ تي هنن جي جيڪا ڪاوڙ مٿس هئي سا جھڪي ٿي. 4 پوءِ جِدعون ۽ ساڻس گڏ جيڪي ٽي سؤ ماڻهو هئا سي ٿڪل هجڻ جي باوجود دشمن جو پيڇو ڪندي اردن درياءَ تي آيا ۽ اتان اوڀر پار لنگھيا. 5 جڏهن هو سڪات ۾ پهتا، تہ جِدعون اتان جي ماڻهن کي چيو تہ ”مهرباني ڪري منهنجي لشڪر جي ماڻهن کي کاڌو ڏيو، هو ڏاڍا ٿڪل آهن ۽ آءٌ مديانين جي بادشاهن زبح ۽ ضلمنع جو پيڇو ٿو ڪريان.“ 6 پر سڪات جي اڳواڻن چيس تہ ”ڇا زبح ۽ ضلمنع تنهنجي قبضي ۾ اچي چڪا آهن جو اسين تنهنجي لشڪر کي ماني ڏيون؟“ 7 تڏهن جِدعون وراڻيو تہ ”چڱو ڀلا، جڏهن خداوند زبح ۽ ضلمنع کي منهنجي حوالي ڪندو، تڏهن آءٌ بيابان جي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن سان اوهان جو ماس چچريندس.“ 8 پوءِ جِدعون اتان مٿي فنوايل ڏانهن چڙهي ويو ۽ اتي جي ماڻهن کي ساڳيو ئي عرض ڪيائين، پر انهن بہ سڪات جي ماڻهن وارو ئي جواب ڏنس. 9 سو هن فنوايل جي ماڻهن کي بہ چيو تہ ”جڏهن آءٌ سوڀارو ٿي موٽي ايندس تڏهن آءٌ اوهان جو هي ٺُلهہ ڪيرائي ڇڏيندس.“ 10 هوڏانهن زبح ۽ ضلمنع پنهنجي لشڪرن سميت قرقور ۾ هئا. اوڀر جي ماڻهن جي لشڪرن مان رڳو اهي اٽڪل پندرهن هزار ماڻهو وڃي بچيا هئا، جڏهن تہ هڪ لک ويهہ هزار تلوارباز قتل ٿي ويا هئا. 11 سو جِدعون نبح ۽ يُگبهاہ شهر جي اوڀر طرف خانہبدوشن وارو رستو وٺي وڃي اوچتو لشڪر تي حملو ڪري ڏنو، ڇاڪاڻ تہ اهي بيفڪر ويٺا هئا. 12 تڏهن مديان جا ٻئي بادشاهہ زبح ۽ ضلمنع وٺي ڀڳا، پر هن پٺيان پئي کين پڪڙي ورتو ۽ سندن سڄي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيائين. 13 پوءِ جڏهن جِدعون حرس لڪ وٽان جنگ تان موٽيو ٿي آيو، 14 تڏهن سڪات جي ماڻهن مان هڪڙي نوجوان کي پڪڙي کانئس پڇا ڳاڇا ڪيائين. انهيءَ نوجوان جِدعون کي سڪات جي ستهتر اڳواڻن ۽ سردارن جا نالا لکي ڏنا. 15 پوءِ جِدعون سڪات جي ماڻهن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”ڏسو، هي آهن اهي زبح ۽ ضلمنع، جن جي باري ۾ توهان مون تي ٺٺولي ڪري چيو هو تہ ’ڇا زبح ۽ ضلمنع تنهنجي قبضي ۾ اچي ويا آهن جو اسين تنهنجي ٿڪل لشڪر کي کاڌو ڏيون؟‘“ 16 تڏهن هن سڪات جي انهن اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ۽ بيابان جا ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا کڻي انهن سان کين مار ڏنائين. 17 هن فنوايل جو ٺُلهہ بہ ڊاهي ڇڏيو ۽ ان شهر جي ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. 18 پوءِ هن زبح ۽ ضلمنع کان پڇيو تہ ”جن ماڻهن کي اوهان تبور ۾ قتل ڪيو هو سي ڪيئن هئا؟“ هنن وراڻيو تہ ”اهي تو جهڙا هئا. انهن مان هر ڪو بادشاهزادو پئي لڳو.“ 19 تڏهن جِدعون کين چيو تہ ”اهي منهنجا ڀائر هئا، منهنجي ماءُ جا پٽ. جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جيڪڏهن اوهان انهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو ها تہ آءٌ بہ اوهان کي قتل نہ ڪريان ها.“ 20 پوءِ هن پنهنجي وڏي پٽ يتر کي چيو تہ ”اُٿي هنن کي قتل ڪر.“ پر يتر ڊپ وچان پنهنجي تلوار نہ ڪڍي، ڇاڪاڻ تہ هو اڃا ننڍي عمر جو هو. 21 تڏهن زبح ۽ ضلمنع جِدعون کي چيو تہ ”تون پاڻ اسان تي وار ڪر، ڇو تہ مرد ئي مرداڻو ڪم ڪندا آهن.“ تڏهن جِدعون اٿيو ۽ زبح ۽ ضلمنع کي قتل ڪري ڇڏيائين ۽ سندن اٺن جي ڳچين ۾ جيڪي نئين چنڊ جي شڪل جا پنڙا پيل هئا سي لاهي هٿ ڪيائين. جِدعون جو مجسمو ٺاهڻ 22 تنهن بعد بني اسرائيل جي ماڻهن جِدعون کي چيو تہ ”تون اسان تي حڪومت ڪر ۽ تو کان پوءِ تنهنجا پٽ ۽ پوٽا اسان تي حڪومت ڪن، ڇاڪاڻ تہ تو اسان کي مديانين جي هٿان ڇڏايو آهي.“ 23 پر جِدعون کين چيو تہ ”نڪي آءٌ اوهان تي حڪومت ڪندس ۽ نہ وري منهنجو پٽ، بلڪ خداوند ئي اوهان تي حڪومت ڪندو.“ 24 جِدعون کين وڌيڪ چيو تہ ”البت، آءٌ اوهان کي هڪڙو عرض ٿو ڪريان تہ اوهان مان هر ڪو ڄڻو لٽ جي مال مان پنهنجي پنهنجي مليل حصي منجھان مون کي هڪ هڪ والي ڏئي.“ مديانين ۾ اسماعيل جو گھراڻو ئي هو جنهن ۾ سونيون واليون پائڻ جو رواج هو ۽ اهي کانئن لٽيون ويون هيون. 25 هنن جواب ڏنو تہ ”اسين اهي خوشيءَ سان ڏينداسين.“ پوءِ هنن هڪڙي چادر وڇائي ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي لٽ جي مال مان هڪ هڪ والي انهيءَ ۾ اڇلائي وڌي. 26 اهي سونيون واليون جيڪي هن گھريون هيون تن جو وزن اٽڪل ويهہ ڪلوگرام ٿيو، سواءِ انهن نئين چنڊ جي شڪل وارن پنڙن، ٻين زيورن ۽ واڱڻائي پوشاڪن جي، جيڪي مديانين جي بادشاهن کي پهريل هيون ۽ انهن زنجيرين جي جيڪي انهن جي اٺن جي ڳچيءَ ۾ پيل هيون. 27 جِدعون انهيءَ مان هڪڙو مجسمو ٺهرايو جيڪو پنهنجي شهر عفرہ ۾ کوڙي ڇڏيائين. تڏهن بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خدا سان بيوفائي ڪندي انهيءَ جي پوڄا ڪرڻ لڳا. سو اهو مجسمو جِدعون ۽ سندس گھراڻي لاءِ هڪڙو ڦندو بڻجي پيو. 28 اهڙيءَ طرح مديانين بني اسرائيل جي هٿان شڪست کاڌي ۽ وري پنهنجا منهن مٿي نہ ڪيائون. انهيءَ ملڪ ۾ جِدعون جي حياتيءَ ۾ چاليهہ سال امن وَ سڪون رهيو. جِدعون جي وفات 29 جِدعون موٽي وڃي پنهنجي گھر ۾ رهڻ لڳو. 30 هن کي ستر سڳا پٽ هئا، ڇاڪاڻ تہ کيس گھڻيون ئي زالون هيون. 31 سندس هڪڙي سريت جيڪا سڪم شهر ۾ رهندي هئي تنهن مان بہ کيس هڪڙو پٽ ڄائو جنهن جو نالو ابيملڪ رکيائين. 32 جِدعون چڱي وڏي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ کيس بني ابيعزر واري عفرہ شهر ۾ سندس پيءُ يوآس جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. 33 جِدعون جي مرڻ شرط بني اسرائيل وري خدا کان ڦري وڃي بعل ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن بعلبريت ديوتا کي پنهنجو معبود بڻايو. 34 بني اسرائيل قوم خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين هر طرف وارن سڀني دشمنن جي هٿان کين ڇڏايو هو. 35 جِدعون جيڪي بني اسرائيل سان ڀلايون ڪيون هيون تن لاءِ هو نڪي وري سندس گھراڻي جا شڪرگذار ئي رهيا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society