Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

قاضين 7 - Muslim Sindhi Bible


جِدعون جو مديانين کي شڪست ڏيڻ

1 هڪڙي ڏينهن جِدعون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي ساڻس گڏ هئا سي سڀ صبح جو سوير اٿيا ۽ حرود چشمي جي ڀرسان وڃي پنهنجا خيما کوڙيائون. مديانين جي خيمي‌گاهہ هنن جي اتر طرف مورہ ٽڪريءَ جي ڀرسان ماٿريءَ ۾ هئي.

2 تڏهن خداوند جِدعون کي چيو تہ ”جيڪي ماڻهو تو سان گڏ آهن سي ايترا تہ گھڻا آهن جو آءٌ مديانين کي انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ نہ ٿو گھران. متان بني اسرائيل منهنجي اڳيان ٻٽاڪ هڻي چون تہ ’اسان پنهنجي طاقت سان پاڻ کي ڇڏايو آهي.‘

3 تنهنڪري تون هاڻي ئي وڃي چٽيءَ طرح اعلان ڪر تہ ’جيڪو بہ ڊڄي ۽ ڏڪي رهيو هجي سو ڀلي جِلعاد جبل تان لهي پنهنجي گھر موٽي وڃي.‘“ سو انهن مان ٻاويهہ هزار ڄڻا موٽي ويا ۽ باقي ڏهہ هزار اتي وڃي بچيا.

4 پوءِ خداوند جِدعون کي چيو تہ ”اڃا بہ ماڻهو گھڻا آهن. سو تون انهن کي هيٺ چشمي وٽ وٺي اچ ۽ اتي آءٌ انهن کي تنهنجي لاءِ الڳ ڪندس. جنهن جي لاءِ آءٌ تو کي چوان تہ هي تو سان هلي، سو هلندو ۽ جنهن جي لاءِ آءٌ تو کي چوان تہ هي تو سان نہ هلي، سو نہ هلندو.“

5 تڏهن جِدعون ماڻهن کي هيٺ چشمي وٽ وٺي آيو ۽ خداوند کيس چيو تہ ”جيڪو ڪتي وانگر پنهنجي زبان سان پاڻي لَڪي پيئي تنهن کي گوڏن ڀر جھڪي ٻُڪ سان پاڻي پيئڻ واري کان ڌار ڪر.“

6 سو اهڙا ٽي سؤ ماڻهو هئا جن پاڻي لَڪي پيتو، باقي ٻين سڀني گوڏن ڀر جھڪي ٻُڪ سان پاڻي پيتو.

7 تڏهن خداوند جِدعون کي چيو تہ ”جن ٽن سَون ماڻهن پاڻي لَڪي پيتو آهي، تن جي وسيلي آءٌ اوهان کي ڇڏائيندس ۽ مديانين کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس. باقي ٻيا سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر هليا وڃن.“

8 سو جِدعون ٻين سڀني ماڻهن کان سندن سيڌو سامان ۽ نفيلون وٺي کين گھرن ڏانهن روانو ڪيو، پر انهن ٽي سؤ ماڻهن کي پاڻ وٽ رهايائين. مديانين جي خيمي‌گاهہ سندن هيٺان ماٿريءَ ۾ هئي.

9 انهيءَ ئي رات خداوند جِدعون کي چيو تہ ”اُٿ ۽ هيٺ لهي خيمي‌گاهہ تي حملو ڪر، آءٌ تو کي مٿس سوڀ ڏيندس.

10 پر جيڪڏهن تون حملي ڪرڻ کان ڊڄين ٿو تہ پنهنجي نوڪر فُوراہ کي ساڻ ڪري هيٺ خيمي‌گاهہ ڏانهن وڃ.

11 جيڪي هو چون ٿا سو تون ٻُڌ. تنهن کان پوءِ حملي ڪرڻ لاءِ تو کي همت ٿيندي.“ جِدعون پنهنجي نوڪر فوراہ سان گڏجي دشمن فوج جي خيمي‌گاهہ جي آخري حصي ڏانهن ويو.

12 مدياني، عماليقي ۽ سڀ اوڀر وارا ماڻهو ماٿريءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا. سندن اٺ سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جي ذرڙن وانگر بي‌شمار هئا.

13 جڏهن جِدعون اتي پهتو تڏهن هن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي سنگتيءَ کي خواب ٻڌائيندي ٻڌو. هن چيو پئي تہ ”مون خواب ۾ ڏٺو تہ جَون جي اٽي مان پڪل هڪڙو ڍوڍو اوچتو اچي اسان مديانين جي خيمي‌گاهہ تي ڪريو ۽ هڪڙي تنبوءَ کي اهڙي تہ زور سان اچي لڳو جو اهو تنبو ڪلٽي کائي ڪري پيو.“

14 هن جي سنگتيءَ وراڻيو تہ ”پڪ سان اها بني اسرائيل جي انهيءَ شخص جِدعون ولد يوآس جي تلوار آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ ناهي. خدا مديانين ۽ سڄي خيمي‌گاهہ کي انهيءَ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“

15 جِدعون جڏهن اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌو تڏهن سجدي ۾ ڪري پيو. پوءِ هو موٽي بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ ۾ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اُٿو، خداوند مديانين جو خيمي‌گاهہ اوهان جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“

16 هن پنهنجا ٽي سؤ ماڻهو ٽن ٽولين ۾ ورهايا. هن انهن سڀني جي هٿن ۾ نفيلون ۽ خالي دلا ڏنا. هر هڪ دلي ۾ هڪ مشعل هئي.

17 هن کين چيو تہ ”جڏهن آءٌ دشمن جي خيمي‌گاهہ جي ٻاهرين پاسي وٽ پهچان، تڏهن مون ڏانهن نهارجو ۽ جيئن آءٌ ڪريان تيئن اوهين بہ ڪجو.

18 جڏهن آءٌ ۽ منهنجي ٽوليءَ وارا نفيلون وڄائين، تڏهن اوهين بہ خيمي‌گاهہ جي چوڌاري هر طرف کان نفيلون وڄائجو ۽ هي نعرو هڻجو تہ ’خداوند جي لاءِ! جِدعون جي لاءِ!‘“

19 سو جِدعون ۽ سندس ٽوليءَ جا هڪ سؤ ماڻهو اڌ رات جو دشمن جي خيمي‌گاهہ ۾ تازن پهريدارن جي بيهڻ کان ٿورو ئي پوءِ خيمي‌گاهہ جي ٻاهرئين ڀاڱي وٽ آيا. تڏهن انهن پنهنجيون نفيلون وڄايون ۽ جيڪي دلا سندن هٿن ۾ هئا سي ڀڃي ڇڏيائون.

20 اهڙيءَ طرح ٽنهي ٽولين نفيلون وڄايون ۽ دلا ڀڳا. انهن پنهنجي کاٻي هٿ ۾ مشعلون ۽ ساڄي هٿ ۾ وڄائڻ لاءِ نفيلون جھليندي نعرو هڻي چيو تہ ”تلوار خداوند جي! تلوار جِدعون جي!“

21 هر ڪو ماڻهو خيمي‌گاهہ جي چوڌاري پنهنجي پنهنجي جاءِ وٺي بيهي رهيو ۽ مديانين جو سڄو لشڪر رڙيون ڪندو ڀڄي ويو.

22 جڏهن جِدعون جي ٽي سؤ ماڻهن نفيلون وڄايون تڏهن خداوند مدياني لشڪر کان پاڻ ۾ هڪٻئي تي تلوار هلرائي. هو اتان صريرات جي پاسي بيت‌سطہ تائين ۽ طبات جي سامهون ابيل‌محولہ جي سرحد تائين ڀڄي ويا.

23 تڏهن بني اسرائيل جا ٻيا ماڻهو جيڪي نفتالي ۽ آشر قبيلن ۽ منسي قبيلي جي ٻنهي حصن مان هئا، تن کي گڏ ڪيو ويو ۽ پوءِ هو مديانين جي پٺيان ڪاهي پيا.

24 جِدعون افرائيم جي سڄي جابلو علائقي ۾ قاصدن وسيلي چوائي موڪليو تہ ”مديانين سان وڙهڻ لاءِ نڪري اچو ۽ بيت‌برہ تائين اردن درياءَ جا سمورا گھٽ هٿ ڪريو تہ جيئن مدياني ٽپي نہ وڃن.“ سو افرائيم جا سڀيئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ بيت‌برہ تائين اردن درياءَ جا گھٽ قبضي ڪيائون.

25 هنن مديانين جي پيڇي ڪرڻ دوران ٻن مدياني سردارن عوريب ۽ زئيب کي گرفتار ڪيو. هنن عوريب کي عوريب ٽڪريءَ تي ۽ زئيب کي، زئيب جي انگورن واري چيچڙي وٽ قتل ڪري ڇڏيو. هنن عوريب ۽ زئيب جون سسيون اردن درياءَ پار ڪري اوڀر طرف جِدعون وٽ آنديون.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan