Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

قاضين 5 - Muslim Sindhi Bible


دبورہ ۽ برق جو گيت

1 تڏهن انهيءَ ئي ڏينهن برق ولد ابي‌نوعم سان گڏجي دبورہ هي گيت ڳايو تہ

2 ”خداوند جي واکاڻ ڪريو. جڏهن بني اسرائيل جي پيشوائن عوام جي اڳواڻي ڪئي، تڏهن ماڻهو خوش خوش ڀرتي ٿيا.

3 اي بادشاهؤ ۽ سردارؤ! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند لاءِ گيت ڳائينديس، هائو، آءٌ بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪنديس.

4 اي خداوند! جڏهن تون ادوم جي جبلن کان هلي اڳتي وڌئين، تڏهن ڌرتي لرزي ويئي ۽ آسمان پڻ اٿلي پيو هو، هائو، تڏهن ڪڪرن بہ ڏاڍو پاڻي وسايو هو.

5 اي خداوند! تون جيڪو سينا جبل تي لٿو هئين، تنهن جي آڏو پهاڙ بہ ڌڏڻ لڳا هئا، هائو، تو خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان اهي ڏڪڻ لڳا هئا.

6 رهبر شمجر جي ڏينهن ۾ ياعيل نالي هڪ عورت هئي. تن ڏينهن ۾ شاهي رستن تي سفر ڪرڻ ۾ بيحد خطرو هوندو هو، سو هر ماڻهو وروڪڙ پيچرن تان سفر ڪندو هو.

7 انهن حالتن سبب بني اسرائيل جا سمورا ڳوٺ ويران ٿي ويا هئا. تڏهن مون دبورہ اختيار سنڀالي بني اسرائيل کي ائين بچائي ورتو، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ٻارن کي بچائيندي آهي.

8 بني اسرائيل جڏهن نوان نوان معبود چونڊي ڪڍيا هئا، تڏهن هڪ غير قوم شهرن تي چڙهائي ڪئي هئي. جڏهن تہ ملڪ جي چاليهہ هزار جنگي جوڌن وٽ مقابلي لاءِ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ئي ڪونہ هو.

9 پوءِ بہ آءٌ بيحد شڪر ڪريان ٿي بني اسرائيل جي انهن سالارن ۽ سپاهين لاءِ، جيڪي پنهنجي رضا خوشيءَ سان لشڪر ۾ اچي ڀرتي ٿيا. خداوند جي واکاڻ هجي.

10 اي اڇن گڏهن تي قيمتي گدن مٿان سواري ڪرڻ وارؤ! ۽ رستي تي پنڌ هلڻ وارؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ جو ذڪر ڪريو.

11 اي ٻڌڻ وارؤ! اوهين کوهن وٽ ڳائڻ وارن جو آواز ٻڌو، اهي بہ خداوند جي سوڀ بيان ٿا ڪن، هائو، اها ئي سوڀ جيڪا اسان جي جنگي جوڌن حاصل ڪئي. اها سوڀ ان وقت ملي جڏهن خداوند جي قوم اُٿي کڙي ٿي، ۽ شهر جي دروازن کان هيٺ لهي آئي.

12 هنن اسان کي سڏيندي چيو تہ ’جاڳ، اي دبورہ! جاڳ، اچ ۽ ڳاءِ ڪو راڳ! اُٿ، اي برق! اُٿ، اي ابي‌نوعم جا پٽ! اُٿ! هل، تون پنهنجي دشمنن کي قيد ڪرڻ لاءِ هل!‘

13 ان وقت جيڪي باقي بچيل عام ماڻهو هئا، سي بہ لشڪر جي سالارن وٽ ماٿريءَ ۾ لهي آيا. هائو، خداوند جا ماڻهو زورآورن سان وڙهڻ لاءِ برق وٽ لهي آيا.

14 بنيامين قبيلي وارن کان پوءِ افرائيم قبيلي وارا بہ لهي آيا، بلڪ مڪير ولد منسي گھراڻي جا سردار، ۽ زبولون جا سالار پڻ هيٺ لهي آيا.

15 مون دبورہ سان گڏ اِسڪار جا امير آيا، جيئن برق آيو هو تيئن ئي اِسڪار وارا آيا، برق جي پٺيان پٺيان هو واديءَ ۾ اچي پهتا. پر اي بني روبن! اوهان جي قبيلي مان ڇو ڪوبہ نہ آيو؟

16 اوهين ڇو پنهنجي رڍن جي واڙن ۾ ويٺي ڌنارن جا آواز پيا ٻڌو؟ آہ! اوهان جو قبيلو ڪيڏو نہ مونجھاري ۾ هو!

17 اوهين بہ اي جِلعاد علائقي جا گھراڻؤ! ڇو اردن جي هُن پار ئي رهيئُہ؟ اي دان قبيلي وارؤ! ڇو سمنڊ ۾ ٻيڙين تي ئي رهجي ويئُہ؟ ۽ اي آشر جي قبيلي وارؤ! سمنڊ ڪناري تي ڇو ماٺ ڪيو ويٺا رهيئُہ؟ ڇو پنهنجين سمنڊ وارين کارين وٽ ئي رهي پيئُہ؟

18 جڏهن تہ بني زبولون ۽ بني نفتالي جنگ جي ميدان ۾ اچي نڪتا، بيشڪ اهي موت سان کيڏڻ وارا جوڌا هئا.

19 تڏهن ڪنعان جا بادشاهہ اسان تي حملو ڪرڻ آيا. هو تعناڪ شهر جي ڀرسان مجدو جي چشمن وٽ اچي وڙهيا. پر اسان کي لُٽڻ‌ڦرڻ سندن نصيب ۾ ئي نہ هو،

20 ڇوجو آسمان مان تارا لهي سپهہ‌سالار سيسرا سان اچي وڙهيا. هائو، انهن پنهنجي منزلن کان لهي اچي ساڻن جنگ جوٽي.

21 سو دشمن لشڪر برساتي نهر قيسون ۾ لڙهي ويو، هائو، اها ئي برساتي نهر جيڪا ڏاڍي قديمي آهي. آءٌ زور سان ڌوڪيندي اڳتي هلنديس،

22 ڇوجو دشمنن جي لشڪر جا گھوڙا ڀڳا ٿا وڃن، هائو، سندن گھوڙن جي تيز ڊوڙڻ جو دٻڪو پيو ٻڌجي.

23 خداوند جي ملائڪ چيو تہ ’ميروز ڳوٺ تي لعنت هجي، هائو، ميروز جي رهاڪن تي بي‌شمار لعنت هجي.‘ انهيءَ سبب جو هنن خداوند جو ساٿ ڪين ڏنو، جڏهن هن زورآورن سان جنگ ٿي ڪئي.

24 پر سڀاڳي آهي حبر قينيءَ جي زال ياعيل، هائو، خيمن ۾ رهندڙ عورتن کان، بلڪ سڀني عورتن کان اها وڌيڪ سڀاڳي آهي.

25 سيسرا هن کان پاڻي گھريو پر هن کيس کير پيئاريو، بلڪ هن اميراڻي رڪابيءَ ۾ کيس ملائي پڻ آڻي ڏني.

26 پوءِ هن پنهنجي کاٻي هٿ ۾ ڪِلي کڻي ورتي، ۽ ساڄي هٿ ۾ واڍڪي مترڪي کنيائين. هن انهيءَ مترڪيءَ سان سيسرا جي لوندڙيءَ ۾ ڪِلي لنگھائي، هائو، هن ڌڪ هڻي سندس کوپڙي ڀڃي وڌي.

27 تڏهن سيسرا جھڪندي اچي سندس پيرن ۾ ڪريو، هائو، سندس پيرن ۾ هو اونڌو ٿي پئجي رهيو. جتي هو جھڪي ڪريو هو اتي ئي مري چٽ ٿي ويو.

28 سيسرا جي ماءُ پنهنجي محل جي ڄاريءَ واري دريءَ مان ڏسندي پڪاري هيئن چيو تہ ’ڇو سيسرا جي جنگي گھوڙي گاڏين جو اڃا آواز ٻڌڻ ۾ نہ ٿو اچي؟ ڇو سندس گھوڙي گاڏين اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؟‘

29 تڏهن سندس ڏاهين عورتن کيس هيءَ ورندي ڏني، بلڪ هن پاڻ بہ اهو ئي سوچيو تہ

30 ’پڪ هو مالِ‌غنيمت قبضي ڪري پاڻ ۾ ورهائيندا هوندا، هر مرد کي هڪ هڪ، بلڪ ٻہ ٻہ جوان ڇوڪريون مليون هونديون. سيسرا کي رنگ برنگي ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙا مليا هوندا، هائو، منهنجي پائڻ لاءِ عمدا ڀرت ڀريل رنگين وڳا.‘

31 اي خداوند! ڀل تنهنجا سڀ دشمن ائين برباد ٿين. تو کي پيار ڪرڻ وارا ڀل انهيءَ سج جيان هجن، جيڪو پوري آب وَ تاب سان اُڀري ٿو.“ پوءِ ملڪ ۾ چاليهن سالن تائين امن وَ امان رهيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan