قاضين 20 - Muslim Sindhi Bibleبني بنيامين کان بدلو وٺڻ ( 20:1-48 ) (بني اسرائيل جي جنگ لاءِ تياري) 1 تڏهن سمورا بني اسرائيل اوڀر ۾ جِلعاد علائقي کان ۽ اتر ۾ دان شهر کان وٺي ڏکڻ ۾ بيرسبع شهر تائين هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا. هو مصفاہ شهر ۾ خداوند جي حضور ۾ اچي گڏ ٿيا. 2 خدا جي قوم بني اسرائيل جا اڳواڻ ۽ سڀني قبيلن جا ماڻهو هن گڏجاڻيءَ ۾ موجود هئا، جيڪي چار لک پيادا تلوار بردار جنگي مرد هئا. 3 جڏهن تہ بني بنيامين کي خبر پيئي تہ هنن کان سواءِ ٻيا سمورا بني اسرائيل مصفاہ شهر ۾ وڃي گڏ ٿيا آهن. مصفاہ شهر ۾ بني اسرائيل هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اسان ۾ اها برائي ڪيئن ٿي؟“ 4 تنهن تي اهو لاوي جنهن جي سريت قتل ڪئي ويئي هئي، تنهن وراڻيو تہ ”آءٌ ۽ منهنجي سريت بنيامين جي علائقي واري جِبعت شهر ۾ رات گذارڻ لاءِ آياسين. 5 جِبعت شهر جا ماڻهو اچي منهنجي پٺيان پيا ۽ جنهن گھر ۾ آءٌ ترسيل هئس تنهن کي رات جو وڪوڙي ويا. هنن مون کي قتل ڪرڻ گھريو، پر پوءِ منهنجي سريت سان زوريءَ ايتري تہ زنا ڪيائون جو هوءَ مري ويئي. 6 پوءِ مون پنهنجي سُريت جي لاش کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن ڏانهن هڪ هڪ ٽڪر ڏياري موڪليم، ڇاڪاڻ تہ هنن اسان منجھہ هڪ بڇڙو ۽ شرمناڪ ڪم ڪيو آهي. 7 هاڻي اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين سڀ هتي پنهنجي صلاح ۽ فيصلو ڏيو.“ 8 تڏهن سڀيئي ماڻهو هڪ راءِ ٿي چوڻ لڳا تہ ”اسان مان ڪوبہ پنهنجي گھر ڏانهن موٽي ڪونہ ويندو. 9 بلڪ هاڻي اسين هيئن ڪنداسين جو جِبعت شهر تي حملو ڪرڻ لاءِ اسين ڪڻا وجھي ماڻهو چونڊي لشڪر تيار ڪنداسون. 10 پوءِ اسين بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان هڪ سؤ مان ڏهہ مرد، هڪ هزار مان هڪ سؤ ۽ ڏهن هزارن مان هڪ هزار مرد ڌار ڪنداسين تہ جيئن اهي لشڪر کي کاڌو خوراڪ پهچائين. جڏهن لشڪر بنيامين واري جِبعت شهر وٽ پهچي، تڏهن بني اسرائيل ۾ جيڪا برائي هنن ڪئي آهي تنهن جو کين پورو پورو بدلو ڏيون.“ 11 سو بني اسرائيل جا سڀيئي مرد انهيءَ شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ هڪ راءِ ٿي گڏ ٿيا. 12 بني اسرائيل جي قبيلن بنيامين جي سڄي قبيلي وارن ڏانهن ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”هي ڪهڙي برائي اوهان ۾ ٿي چڪي آهي؟ 13 سو هاڻ اوهين انهن جِبعت شهر جي رهاڪو بدڪار ماڻهن کي اسان جي حوالي ڪريو تہ اسين کين قتل ڪريون ۽ اهڙيءَ طرح بني اسرائيل مان برائي ڪڍي ڇڏيون.“ پر بني بنيامين پنهنجي بني اسرائيل جي ٻين قبيلن وارن جي ڳالهہ نہ مڃي. 14 اٽلندو هو پنهنجي پنهنجي ڳوٺ مان اچي جِبعت ۾ گڏ ٿيا تہ جيئن انهن ٻين قبيلن سان جنگ ڪن. 15 انهيءَ ڏينهن بني بنيامين جيڪي ڳوٺن مان اچي گڏ ٿيا سي ڇويهہ هزار ماڻهو هئا، انهن سڀني کي تلوارون هيون. انهن کان سواءِ جِبعت جا رهاڪو پڻ هئا، جيڪي شمار ۾ ست سؤ چونڊ ماڻهو هئا. 16 اهي ست سؤ چونڊ ماڻهو کاٻڙيا هئا، انهن مان هر هڪ اهڙو تہ نشاني باز هو جو کانڀاڻيءَ سان پٿر اڇلائڻ ۾ وار برابر بہ ان جو نشانو خطا نہ ٿيندو هو. 17 بني بنيامين کان سواءِ بني اسرائيل جا چار لک تلوارباز هئا. اهي سڀ جنگ جا ڄاڻو هئا. (بني بنيامين تي حملو) 18 پوءِ بني اسرائيل بيتايل شهر ۾ مقدس هنڌ تي ويا ۽ خدا کان ڪڻا وجھي صلاح پڇيائون تہ ”بني بنيامين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهريائين ڪير چڙهائي ڪري؟“ خداوند چيو تہ ”يهوداہ قبيلو پهريائين وڃي.“ 19 سو بني اسرائيل صبح جو اٿيا ۽ اتان روانا ٿي جِبعت شهر جي ٻاهران اچي پنهنجا تنبو کوڙيائون. 20 پوءِ هو بني بنيامين سان جنگ ڪرڻ واسطي جِبعت جي سامهون صفون ٻڌي بيهي رهيا. 21 تڏهن بني بنيامين جِبعت مان نڪري آيا ۽ انهيءَ ئي ڏينهن بني اسرائيل جا ٻاويهہ هزار ماڻهو ماري ڇڏيائون. 22-23 سو بني اسرائيل مقدس هنڌ تي موٽي وڃي شام تائين خداوند جي آڏو رنا. هنن شام جو خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجن همقوم بني بنيامين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري اڳتي وڌون يا نہ؟“ خداوند وراڻين تہ ”ڀلي هنن تي چڙهائي ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل جا ماڻهو همت ٻڌي جنهن هنڌ پهرئين ڏينهن صفون ٻڌي بيٺا هئا، انهيءَ ساڳئي هنڌ وري بہ جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا 24 ۽ ٻئي ڏينهن تي هو بني بنيامين سان وڙهڻ لاءِ هنن کي ويجھو ويا. 25 انهيءَ ڏينهن تي وري بني بنيامين جِبعت مان نڪري هنن تي ڪاهہ ڪئي ۽ وري بہ بني اسرائيل جا ارڙهن هزار ماڻهو ماري وڌائون، جيڪي سڀ تلوارباز هئا. 26 تڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو بيتايل ڏانهن موٽي ويا ۽ اتي خداوند اڳيان ويهي رنائون. هنن اهو سڄو ڏينهن روزو رکيو ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون. 27-28 جيئن تہ خدا جي عهد واري صندوق انهن ڏينهن ۾ اُتي ئي هئي ۽ فينحاس جيڪو هارون جو پوٽو ۽ اليعزر جو پٽ هو سو انهيءَ جي سنڀال ڪندو هو، تنهنڪري بني اسرائيل اتي وڃي خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجي همقوم بني بنيامين سان هڪ دفعو وري جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃون يا نہ؟“ تڏهن خداوند کين ورندي ڏني تہ ”وڃو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي آءٌ اوهان کي هنن تي فتح ڏيندس.“ 29 پوءِ بني اسرائيل جِبعت جي چوڌاري ڪجھہ ماڻهو لڪائي ويهاري ڇڏيا. 30 ان کان پوءِ هنن ٽئين ڏينهن تي وري بني بنيامين تي چڙهائي ڪئي ۽ اڳي وانگر جِبعت جي سامهون صفون ٻڌي بيهي رهيا. 31 بني بنيامين هنن تي ڪاهہ ڪري آيا ۽ بني اسرائيل کي ڀڄندو ڏسي سندن پٺيان شهر کان گھڻو پري نڪري آيا. هنن اڳي وانگر بني اسرائيل کي مارڻ شروع ڪيو، ايتري قدر جو بني اسرائيل جا اٽڪل ٽيهہ ماڻهو ميدان ۽ رستن تي ڪيري وڌائون، جن مان هڪ رستو بيتايل ڏانهن ٿي ويو تہ ٻيو جِبعت ڏانهن. 32 بني بنيامين سمجھن پيا تہ ”اسين اڳي وانگر کين شڪست ڏيون پيا.“ پر جڏهن تہ بني اسرائيل جو خيال هو تہ ”اتان ڀڄي انهن کي شهر مان ڪڍي شاهي رستن تي وٺي اچون.“ 33 بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پوئتي هٽيا ۽ بعلتمر واري هنڌ وٽ گڏ ٿي وري صفون ٻڌي بيهي رهيا. هوڏانهن جِبعت شهر جي اولهہ ۾ جيڪي بني اسرائيل لڪا ويٺا هئا سي نڪري نروار ٿيا. 34 پوءِ بني اسرائيل مان ڏهہ هزار چونڊ ماڻهن جِبعت شهر تي سامهون ڪاهہ ڪئي. جنگ ڏاڍي سخت هئي. پر بني بنيامين نہ ٿي ڄاتو تہ ڪا مصيبت مٿن ڪڙڪڻي آهي. (بني اسرائيل جي فتح) 35 خداوند بني بنيامين کي بني اسرائيل جي هٿان شڪست ڏني ۽ انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل بني بنيامين جا پنجويهہ هزار هڪ سؤ ماڻهو ماري ناس ڪيا، جيڪي سڀيئي جنگي جوڌا هئا. 36 پوءِ بني بنيامين سمجھيو تہ ”اسين شڪست کائي چڪا آهيون.“ بني اسرائيل جي ماڻهن اهڙيءَ طرح جنگ کٽي جو هو بني بنيامين جي اڳيان پوئتي هٽيا، انهيءَ لاءِ تہ هنن انهن ماڻهن تي ڀاڙيو پئي جيڪي جِبعت جي چوڌاري لڪائي ويهاريا هئائون. 37 تڏهن انهن لڪي ويٺل ماڻهن اوچتو جِبعت تي حملو ڪيو ۽ سڄي شهر کي تلوار جي ڌار سان ماري وڌائون. 38 بني اسرائيل جي ماڻهن لڪي ويٺل ماڻهن سان اها نشاني مقرر ڪري ڇڏي هئي تہ هو شهر مان هڪ وڏو دونهين جو ڪڪر مٿي چاڙهيندا، 39 تڏهن بني اسرائيل جا ماڻهو جنگ ۾ پٺتي هٽيا. انهيءَ دوران بني بنيامين هنن جا ٽيهہ ماڻهو ماري چڪا هئا. تڏهن بني بنيامين سمجھڻ لڳا تہ ”اسان اڳي وانگر هنن کي وري شڪست ڏيون ٿا.“ 40 پر جڏهن شهر مان دونهين جو ٿنڀو ڪڪر جيان مٿي چڙهڻ لڳو، تڏهن بني بنيامين پٺتي نهاريو ۽ ڇا ڏٺائون تہ سڄي شهر مان دونهون آسمان تائين پيو چڙهي. 41 پوءِ بني اسرائيل جي ماڻهن بني بنيامين تي موٽ ڪئي ۽ بني بنيامين جون متيون ئي منجھي ويون، ڇاڪاڻ تہ ڏٺائون تہ مصيبت اچي مٿن ڪڙڪي آهي. 42 سو هو بني اسرائيل جي ماڻهن کي پٺ ڏيئي بيابان واري رستي سان وٺي ڀڳا. تڏهن بہ بني اسرائيل انهن جو پيڇو نہ ڇڏيو ۽ جيڪي بني اسرائيل شهر ۾ پهچي چڪا هئا سي بہ ٻاهر نڪري مٿن اچي ڪڙڪيا ۽ انهن کي اتي ئي ناس ڪندا ويا. 43 اهڙيءَ طرح هنن بني بنيامين کي گھيري هيٺ آڻي انهن جو پيڇو ڪيو ۽ اوڀر طرف جِبعت جي آسپاس تائين کين آسانيءَ سان ڪچلي ڇڏيائون. 44 سو بني بنيامين جا ارڙهن هزار ماڻهو مئا، جيڪي سڀ جنگي جوڌا هئا. 45 بني بنيامين جا ٻيا ماڻهو موٽ کائي بيابان طرف رمون جي ٽڪر ڏانهن ڀڄي ويا. تن مان پنج هزار ماڻهن کي رستن ۾ ماري ڇڏيائون. بني اسرائيل جِدوم تائين باقي بچيلن جو پيڇو ڪندا ويا ۽ انهن مان ٻہ هزار ماڻهو ٻيا بہ ماري وڌائون. 46 سو انهيءَ ڏينهن بني بنيامين جا ڪل پنجويهہ هزار تلوارباز ماڻهو مري ويا، جيڪي سڀ جنگي جوڌا هئا. 47 پر ڇهہ سؤ ماڻهو بيابان طرف رمون جي ٽڪر ڏانهن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ هو اتي چار مهينا رهي پيا. 48 بني اسرائيل جي ماڻهن موٽي بني بنيامين جي شهر تي وري ڪاهہ ڪئي ۽ سڀيئي مرد، عورتون ۽ ٻار توڙي جانور تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون. تنهن کان سواءِ ان علائقي ۾ سندن جيڪي بہ شهر هئا سي سڀ ساڙي ڇڏيائون. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society