Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

قاضين 2 - Muslim Sindhi Bible


خداوند جو ملائڪ بوڪيم ۾

1 خداوند جو ملائڪ جِلجال مان بوڪيم ۾ آيو ۽ خداوند انهيءَ ملائڪ جي وسيلي بني اسرائيل کي چيو تہ ”مون اوهان کي مصر مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آندو آهي، جنهن جي ڏيڻ جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. مون چيو هو تہ ’اوهان سان ٻڌل پنهنجو عهد ڪڏهن بہ نہ ٽوڙيندس.

2 پر اوهين هن ملڪ جي رهندڙن سان ڪوبہ عهد نہ ڪجو، بلڪ هنن جون قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏجو.‘ مگر اوهان منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي. اوهان ائين ڇو ڪيو؟

3 تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ هنن کي اوهان جي ملڪ مان هڪالي نہ ڪڍندس، بلڪ اهي اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊا ۽ هنن جا معبود اوهان جي لاءِ ڦندو ٿيندا.“

4 جڏهن انهيءَ ملائڪ سڄي بني اسرائيل کي خداوند جو اهو فرمان ٻڌائي بس ڪئي تڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو دانهون ڪري روئڻ لڳا.

5 انهيءَ ڪري انهيءَ جاءِ جو نالو بوڪيم پئجي ويو. پوءِ اتي هنن خداوند جي لاءِ قربانيون پيش ڪيون.


يشوع جي وفات

6 جڏهن يشوع بني اسرائيل کي موڪل ڏئي روانو ڪيو، تڏهن انهن مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي ورثي جي زمين هٿ ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو.

7 بني اسرائيل يشوع جي پوري حياتيءَ ۾ ۽ کانئس پوءِ وارن انهن اڳواڻن جي حياتيءَ ۾ بہ خداوند جي عبادت ڪندا آيا، جن اهي وڏا ڪم ڏٺا هئا جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ ڪيا.

8 خداوند جي ٻانهي يشوع ولد نون هڪ سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.

9 کيس جعس جبل جي اتر ۾ بني افرائيم جي جابلو علائقي ۾ تمنت حرس منجھہ سندس ورثي واري زمين ۾ دفن ڪيو ويو.

10 انهيءَ پيڙهيءَ جا سمورا ماڻهو پڻ وفات ڪري پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيا. ان کان پوءِ جيڪا پيڙهي ساماڻي سا خداوند کان ۽ سندس انهن ڪمن کان بي‌خبر هئي جيڪي خداوند بني اسرائيل لاءِ ڪيا هئا.


بني اسرائيل جو خداوند جي عبادت کي ڇڏي ڏيڻ

11 پوءِ بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ هو بعل ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳا.

12 هنن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن سندن ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آندو هو. هو پنهنجي آس‌پاس وارين ٻين قومن جي معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن انهن کي سجدو ڪري خداوند کي ڪاوڙايو.

13 هو خداوند کي ڇڏي بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.

14 تنهن تي خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ هن کين ڦورن جي حوالي ڪري ڇڏيو جن کين ڦري لٽي ڇڏيو. هن انهن کي سندن آس‌پاس وارن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگھيا.

15 پوءِ جڏهن بہ بني اسرائيل جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويندا هئا تڏهن خداوند جو هٿ سندن خلاف رهندو هو. سو هو ڪيترن ئي مشڪلاتن ۾ پئجي ويا، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قسم موجب انهن جي خلاف ٿيو.

16 پوءِ خداوند انهن لاءِ رهبر مقرر ڪيا، جن انهن کي ڦورن جي هٿن مان ڇڏايو.

17 پر بني اسرائيل پنهنجن رهبرن ڏانهن بہ ڌيان ڪونہ ڏنو. هو خداوند سان بي‌وفائي ڪري غير معبودن جي پٺيان لڳي کين پوڄڻ لڳا. جنهن رستي تي انهن جا ابا ڏاڏا خداوند جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪندي هلندا هئا، تنهن کان هو جلدي ڦري ويا ۽ انهن وانگر نہ هليا.

18 جڏهن خداوند هنن جي لاءِ ڪو رهبر مقرر ڪندو هو تڏهن هو انهيءَ رهبر سان هوندو هو ۽ جيستائين رهبر جيئرو هوندو هو تيستائين خداوند بني اسرائيل کي سندن دشمنن جي هٿن کان بچائيندو رهندو هو. خداوند کي مٿن رحم ايندو هو، ڇو تہ هو ظلم ۽ تڪليف هيٺ دانهون ڪندا هئا.

19 پر جڏهن اهو رهبر مري ويندو هو تڏهن هو وري ڦري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ برائي ڪندا هئا. هو غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ڪندا هئا ۽ کين سجدو ڪندا هئا. هو پنهنجن برن ڪمن ۽ هوڏ واري رستي کان باز نہ ايندا هئا.

20 انهيءَ ڪري خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ چيائين تہ ”هن قوم جي ابن ڏاڏن سان مون جيڪو عهد ٻڌو هو سو هنن ٽوڙيو آهي ۽ منهنجي نافرماني ڪئي اٿن.

21 سو آءٌ بہ انهن قومن، جيڪي يشوع جي وفات وقت اڃان بہ انهيءَ ملڪ ۾ رهيون ٿي، تن مان ڪنهن هڪڙيءَ کي بہ اتان هڪالي نہ ڪڍندس.

22 آءٌ انهن جي ذريعي بني اسرائيل کي آزمائيندس ۽ ڏسندس تہ جهڙيءَ طرح سندن ابا ڏاڏا مون خداوند جي راهہ تي هلندا هئا تهڙيءَ طرح هي بہ انهيءَ تي هلن ٿا يا نہ.“

23 سو خداوند انهن قومن کي انهيءَ ملڪ ۾ رهڻ ڏنو. هن نڪي انهن کي يشوع جي هٿ ۾ ڏنو ۽ نہ وري يشوع جي وفات کان جلد پوءِ انهن کي اتان هڪالي ڪڍيائين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan