قاضين 19 - Muslim Sindhi Bibleهڪڙو بني لاوي ۽ سندس سُريت 1 جن ڏينهن ۾ بني اسرائيل تي ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، تن ڏينهن جي ڳالهہ آهي تہ افرائيم جي جابلو علائقي جي پرانهين پنڌ تي هڪڙو لاوي رهندو هو، جنهن يهوداہ واري بيتلحم شهر مان هڪڙي عورت سُريت ڪري پاڻ وٽ رکي هئي. 2 هڪڙي ڏينهن هوءَ کانئس ناراض ٿي هن وٽان نڪري يهوداہ واري بيتلحم شهر ۾، پنهنجي پيءُ جي گھر هلي ويئي. اُتي هوءَ چار مهينا کن رهي پيئي هئي. 3 پوءِ هن جو مڙس کيس پرچائي واپس وٺي اچڻ لاءِ هن جي پٺيان ويو. هن پاڻ سان پنهنجو نوڪر ۽ ٻہ گڏهہ بہ ڪاهيا. هو اتي پهتو تہ اها عورت کيس پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ وٺي ويئي. جڏهن انهيءَ عورت جي پيءُ کيس ڏٺو تڏهن خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪيائين. 4 سندس سهري کيس پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. هو وٽس ٽي ڏينهن رهيو، هن اتي کاڌو پيتو ۽ ننڊون ڪيون. 5 چوٿين ڏينهن صبح جو سوير هو اٿيا ۽ وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳا. پر سندس سهري چيس تہ ”ماني ٽڪي کائي تازو توانو ٿيو، پوءِ ڀلي هليا وڃجو.“ 6 تڏهن هو ٻئي ڄڻا ويهي رهيا ۽ گڏجي کاڌائون پيتائون. تنهن کان پوءِ سندس سهري چيس تہ ”جي مناسب سمجھين تہ اڄ رات بہ هتي ترسي پئُہ ۽ مزا ماڻ.“ 7 جڏهن هو وڃڻ لاءِ اٿيو تہ سندس سهري وري زور لاتس، سو هو اها رات بہ اتي رهي پيو. 8 پنجين ڏينهن صبح جو سوير هو وڃڻ لاءِ اٿيو، تڏهن سندس سهري چيس تہ ”ڪجھہ تازو توانو ٿيءُ ۽ مهرباني ڪري شام تائين ترسي پئُہ.“ پوءِ هنن ٻنهي گڏجي ماني کاڌي. 9 شام جو جڏهن اهو ماڻهو پنهنجي سريت ۽ پنهنجي نوڪر سان گڏ وڃڻ لاءِ اٿيو تڏهن سندس سهري چيس تہ ”ڏس، هاڻي سج لهڻ تي آهي، سو رات هتي ترسي پئُہ ۽ مزا ماڻ. سڀاڻي سوير اُٿي ڀلي پنهنجي گھر هليو وڃجانءِ.“ 10 پر هو اها رات اتي رهڻ تي راضي نہ ٿيو، سو هو اٿيو ۽ يبوس يعني يروشلم ڏانهن روانو ٿيو. هن سان گڏ زين پيل ٻہ گڏهہ ۽ سندس سريت هئي. 11 جڏهن هو يبوس يعني يروشلم کي ويجھو اچي پهتا تہ سج لهڻ تي هو. سو سندس نوڪر جيڪو ساڻس گڏ هو، تنهن کيس چيو تہ ”ڇو نہ اسين لڙي هلي رات يبوسين جي هن شهر ۾ رهون؟“ 12 هن جي مالڪ وراڻيو تہ ”نہ، اسين ڪنهن ڌارئي شهر ۾ نہ رهنداسين، جتي جا رهاڪو بني اسرائيل منجھان نہ هجن. اسين اِتان لنگھي جِبعت شهر ڏانهن هلنداسين.“ 13 هن وڌيڪ چيو تہ ”هلو تہ جِبعت يا رامہ ٻنهي شهرن مان ڪنهن هڪ ۾ هلي رات گذاريون.“ 14 سو هو اڳتي هلندا هليا، جڏهن بنيامين جي علائقي ۾ جِبعت شهر جي ويجھو پهتا تڏهن کين سج لهي ويو. 15 اُتي هو جِبعت ۾ رات گذارڻ لاءِ لڙي ويا. هو چونڪ تي وڃي ويٺا پر ڪنهن بہ کين رات رهائڻ لاءِ پنهنجي گھر نہ نيو. 16 هو اڃا اتي ويٺا ئي هئا تہ هڪڙو پوڙهو مرد پنهنجي ٻنيءَ مان ڪم تان موٽيو پئي آيو. اهو ماڻهو اصل ۾ افرائيم جي جابلو علائقي جو هو، پر پوءِ هو جِبعت ۾ اچي رهيو هو، جڏهن تہ جِبعت جا ٻيا رهاڪو بني بنيامين هئا. 17 اُنهيءَ پوڙهي مرد جڏهن مسافرن کي چونڪ تي ويٺل ڏٺو تڏهن کانئن پڇيائين تہ ”اوهين ڪٿان آيا آهيو ۽ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“ 18 انهيءَ بني لاويءَ وراڻيس تہ ”اسين يهوداہ واري بيتلحم کان آيا آهيون ۽ افرائيم جي جابلو علائقي جي پرانهين هنڌ ڏانهن پنهنجي گھر پيا وڃون. هتي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو اسان کي پاڻ وٽ رهائي. 19 اسان کي پنهنجي گڏهن لاءِ گاهہ ۽ داڻو آهي، ان کان سواءِ اسان تنهنجي خادمن وٽ ماني ۽ مئي پڻ موجود آهي. اسان کي ڪنهن بہ شيءِ جي گھرج ڪانهي.“ 20 تڏهن ان پوڙهي مرد چيس تہ ”اوهين منهنجي گھر هلو. اوهان کي جيڪي گھربو سو آءٌ اوهان کي ڏيندس. رڳو ايترو ڪريو جو رستي تي رات نہ گذاريو.“ 21 سو هو انهن کي پنهنجي گھر وٺي ويو ۽ انهن جي گڏهن کي گاهہ ڏنائين. هنن هٿ منهن ڌوئڻ کان پوءِ ماني کاڌي. 22 انهيءَ کان پوءِ جڏهن هو ارام سان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو شهر جا ڪي بدڪار ماڻهو ان گھر کي وڪوڙي ويا. هنن در تي سٽڪا لائي ڏنا ۽ گھر جي مالڪ کي چوڻ لڳا تہ ”ڪو ماڻهو تنهنجي گھر ۾ آيو آهي تنهن کي ٻاهر ڪڍي اچ تہ اسين ساڻس برو فعل ڪريون.“ 23 تڏهن گھر جي مالڪ ٻاهر نڪري کين چيو تہ ”نہ، اي منهنجا ڀائرؤ! مهرباني ڪري اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪريو. جيئن تہ اهو ماڻهو منهنجو مهمان آهي سو اهڙو ڪُڌو ڪم ساڻس نہ ڪريو. 24 ڏسو، منهنجي ڪنواري ڌيءَ ۽ هن جي عورت ٻئي موجود آهن. آءٌ انهن کي ٻاهر اوهان وٽ وٺي ٿو اچان، اوهين اهي وٺو ۽ جيڪي اوهين چاهيو سو ساڻن ڪريو. پر هن ماڻهوءَ سان اهڙو ڪُڌو ڪم نہ ڪريو.“ 25 پر هنن سندس ڳالهہ نہ مڃي. سو انهيءَ بني لاويءَ پنهنجي سريت کي پڪڙي گھر کان ٻاهر ڪڍي هنن جي حوالي ڪئي. هنن انهيءَ سان زوريءَ زنا ڪئي ۽ سڄي رات ساڻس بڇڙي هلت ڪيائون. جڏهن پرهہ ڦٽڻ لڳي تڏهن هنن کيس ڇڏي ڏنو. 26 پوءِ اها عورت پرهہ ڦٽيءَ مهل ان ماڻهوءَ جي گھر ڏانهن موٽي جتي سندس مڙس رهيل هو. هوءَ در تي اچي ڪري پيئي ۽ روشني ٿيڻ تائين اتي ئي پيئي رهي. 27 صبح جو جڏهن هن جو ڌڻي اٿيو ۽ پنهنجو رستو وٺي وڃڻ لاءِ دروازو کوليائين تہ ڇا ڏسي تہ سندس سريت چانئٺ تي پنهنجا هٿ رکيو ڪري پيئي آهي. 28 هن کيس چيو تہ ”اُٿ تہ هلون.“ پر ڪوبہ جواب ڪونہ مليس. پوءِ هن انهيءَ کي کڻي گڏهہ تي رکيو ۽ پنهنجي گھر ڏانهن راهي ٿيو. 29 جڏهن هو گھر پهتو، تڏهن هڪڙي ڇُري کڻي پنهنجي سريت جي لاش کي عضوو عضوو ڪري ٻارهن حصن ۾ ڪپيائين ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن ڏانهن هڪ هڪ عضوو ڏياري موڪليائين. 30 جن کي بہ انهيءَ بابت معلوم ٿيو تن چيو تہ ”جنهن ڏينهن کان اسين بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا آهيون تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، اسان اهڙو ڪم نہ ڪيو آهي، نہ ٻڌو ۽ نہ ڏٺو آهي. انهيءَ بابت غور ڪريو، ويچاريو ۽ ٻڌايو تہ ڇا ڪجي!“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society