قاضين 18 - Muslim Sindhi Bibleبني دان ۽ ميڪاہ جا بت 1 انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو. انهن ئي ڏينهن ۾ دان قبيلي وارا انهيءَ ڳولا ۾ هئا تہ پنهنجي رهائش لاءِ ڪو علائقو هٿ ڪن، ڇاڪاڻ تہ هنن کي اڃا تائين بني اسرائيل جي قبيلن منجھہ ڪو علائقو ڪونہ مليو هو. 2 سو بني دان صرعہ ۽ استال شهرن مان پنهنجي قبيلي جا پنج بهادر ماڻهو جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليا تہ وڃي ملڪ ۾ نظر ڊوڙائي ڪو چڱو علائقو جاچي اچن. سو انهن کي چيو ويو تہ ”وڃي ملڪ ۾ ڪو چڱو علائقو جاچي اچو.“ تڏهن هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آيا ۽ ميڪاہ جي گھر ۾ رات رهيا. 3 جڏهن هو ميڪاہ جي گھر ۾ هئا تہ اتي هنن انهيءَ جوان لاويءَ جو آواز سڃاتو. سو هو ڦري وٽس آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”تو کي هتي ڪنهن آندو؟ تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟ تنهنجو هتي ڪهڙو ڪم آهي؟“ 4 تنهن تي هن کين ميڪاہ جي سلوڪ بابت ٻڌايو ۽ چيو تہ ”هن مون کي پگھار تي ڪاهن ڪري رکيو آهي.“ 5 تڏهن هنن چيس تہ ”مهرباني ڪري خدا کان پڇي اسان کي ٻڌاءِ تہ اسان جو پنڌ سجايو ٿيندو يا نہ.“ 6 ڪاهن هنن کي چيو تہ ”سلامتيءَ سان هليا وڃو. اوهان جي انهيءَ سفر ۾ خداوند جي رضامندي شامل آهي.“ 7 سو اهي پنج ئي ڄڻا اُتان روانا ٿيا ۽ ليس شهر ۾ آيا. اُتي ڏٺائون تہ صيدانين وانگر ماڻهن امن ۽ آرام ۾ پئي گذاريو. انهن جي ملڪ ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪمي ڪانہ هئي، تنهنڪري هو ڏاڍا خوشحال هئا. هو صيدانين کان گھڻو پري هئا ۽ ٻئي ڪنهن سان بہ ڪو واسطو نہ هئن. 8 جڏهن اُهي پنج ئي ماڻهو صرعہ ۽ استال شهرن ۾ موٽي آيا تڏهن سندن ڀائرن کانئن اُتان جو احوال ورتو. 9 هنن وراڻيو تہ ”هلو تہ هلي ليس شهر تي حملو ڪريون. اسان ان ملڪ کي ڏٺو جيڪو ڏاڍو سٺو آهي. اوهين ڇو ماٺ ڪيو ويٺا آهيو؟ سستي نہ ڪريو، هلو تہ هلي مٿس قبضو ڪريون. 10 جڏهن اوهين اتي پهچندا تڏهن هڪڙي بيخوف وَ خطر قوم ڏسندا. سندن ملڪ ڪشادو آهي جيڪو خداوند اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي نہ آهي.“ 11 سو دان قبيلي مان ڇهہ سؤ ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي صرعہ ۽ استال شهرن مان روانا ٿيا. 12 هنن وڃي يهوداہ جي قريتيعريم شهر ۾ منزل ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ جاءِ کي اڄ ڏينهن تائين منحہدان سڏيندا آهن. اها جاءِ قريتيعريم شهر جي اولهہ ۾ آهي. 13 اتان هلي هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آيا جتي ميڪاہ جو گھر هو. 14 تڏهن جيڪي پنج ماڻهو ليس جي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ ويا هئا تن پنهنجن ساٿين کي چيو تہ ”ڇا اوهان کي خبر آهي تہ هتي هڪڙي گھر ۾ مجسمو، ننڍڙا بت ۽ اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل هڪڙو بت رکيل آهي؟ تنهنڪري هاڻي سوچو تہ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ 15 تڏهن هو انهيءَ پاسي ڦري ميڪاہ جي گھر ۾ انهيءَ جوان لاويءَ جي رهائشگاهہ تي آيا ۽ ساڻس سلام دعا ڪرڻ لڳا. 16 جڏهن تہ دان قبيلي جا ڇهہ سؤ مرد گھر جي ٻاهرين دروازي وٽ هٿيارن سان بيٺا هئا. 17 تڏهن ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ وارا اهي پنج ماڻهو گھر ۾ اندر ويا ۽ اهو اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل بت، مجسمو ۽ ننڍڙا بت کنيائون، جڏهن تہ ڪاهن انهن ڇهہ سؤ ماڻهن وٽ بيٺو هو، جيڪي جنگ جا هٿيار ٻڌيو گھر جي ٻاهرين دروازي وٽ بيٺا هئا. 18 جڏهن اهي ميڪاہ جي گھر اندر ويا ۽ اتان اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل بت، مجسمو ۽ ننڍڙا بت کنيائون تڏهن ڪاهن هنن کي چوڻ لڳو تہ ”اوهين اهو ڇا ٿا ڪريو؟“ 19 هنن چيس تہ ”ماٺ ڪر، پنهنجو وات بند رک. اسان سان هل ۽ اسان لاءِ ڪاهن ۽ پيءُ وانگر ٿي رهُہ. ڇا هڪڙي خاندان جو ڪاهن ٿيڻ بدران تنهنجي لاءِ اهو بهتر نہ آهي تہ تون بني اسرائيل جي هڪڙي سڄي قبيلي جو ڪاهن ٿئين؟“ 20 تڏهن ڪاهن ڏاڍو خوش ٿيو. هن اهو مجسمو، ننڍڙا بت ۽ اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل بت کنيو ۽ انهن سان گڏ هليو ويو. 21 پوءِ هو پنهنجا ٻار ٻچا، چوپايو مال ۽ ٻيو سامان پنهنجي اڳيان ڪري روانا ٿيا. 22 جڏهن هو ميڪاہ جي گھر کان چڱو پنڌ پري نڪري ويا، تڏهن ميڪاہ پنهنجي پاڙيسرين کي انهن سان وڙهڻ لاءِ سڏي گڏ ڪيو. هو بني دان جو پيڇو ڪندي کين وڃي پهتا 23 ۽ کين هڪل ڏنائون. سو بني دان پوئتي ڦري ميڪاہ کان پڇيو تہ ”ڪهڙي ڳالهہ آهي جو هيڏو ٽولو وڙهڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟“ 24 هن کين وراڻيو تہ ”اوهان منهنجو ڪاهن ۽ منهنجا جوڙيل بت بہ پاڻ سان کڻي آيا آهيو. هاڻي باقي مون وٽ ڇا ڇڏيو اٿوَ؟ پوءِ بہ اوهين مون کان ٿا پڇو تہ ’ڪهڙي ڳالهہ آهي؟‘“ 25 بني دان کيس چيو تہ ”تنهنجي لاءِ بهتر آهي تہ ٻڙڪ بہ نہ ڪُڇ، متان اسان مان ڪن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تو تي حملو ڪري ڏين ۽ تون پنهنجي گھراڻي سميت پنهنجي جان وڃائي ويهين.“ 26 ائين چئي بني دان پنهنجي واٽ وٺي هليا ويا. ميڪاہ جڏهن ڏٺو تہ هو کانئس ڏاڍا آهن تڏهن هو موٽي پنهنجي گھر هليو ويو. 27-28 پوءِ بني دان ميڪاہ جي ٺاهيل شين ۽ سندس ڪاهن سميت بيترحوب واري ماٿريءَ جي شهر ليس ۾ بيخوف وَ خطر ۽ امن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مٿان اچي ڪڙڪيا. انهن کي تلوار جي ڌار سان ماريائون ۽ پوءِ سندن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيائون. ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ صيدا کان سندن شهر ليس پري هو ۽ انهن ماڻهن جو ڪنهن ٻئي سان بہ ڪو واسطو ئي ڪونہ هو. بني دان اهو شهر وري ٻڌو ۽ منجھس رهڻ لڳا. 29 هنن انهيءَ شهر جو نالو ليس مان ڦيرائي دان رکيو، يعني پنهنجي وڏي دان جي نالي پٺيان، جيڪو يعقوب جو پٽ هو. 30 اتي بني دان پنهنجي لاءِ اُهو بت کوڙي ڇڏيو ۽ پوءِ جيستائين اهو ملڪ جلاوطنيءَ وقت ٻين جي قبضي ۾ آيو تيستائين جيرشوم جو پٽ يعني موسيٰ جو پوٽو يونتن ۽ سندس اولاد دان قبيلي جا ڪاهن ٿي رهيا. 31 اهڙيءَ طرح جيستائين خدا جو گھر سيلا شهر ۾ هو، تيستائين ميڪاہ جو ٺاهيل بت هنن کوڙي رکيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society