قاضين 17 - Muslim Sindhi Bibleميڪاہ جا بت 1 ميڪاہ نالي هڪڙو شخص هو جيڪو افرائيم جي جابلو علائقي جو رهاڪو هو. 2 هن پنهنجيءَ ماءُ کي چيو تہ ”تنهنجا يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا جيڪي چوري ٿي ويا هئا ۽ انهن بابت تو کي پٽ پاراتو ڪندي ٻڌو هئم، سي مون وٽ آهن. اُهي مون ئي کنيا هئا.“ تڏهن ماڻس چيس تہ ”منهنجا پٽ! شل خداوند تو کي برڪت ڏئي.“ 3 پوءِ هن اُهي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا پنهنجيءَ ماءُ کي موٽائي ڏنا. تڏهن ماڻس دعا گھرندي چيو تہ ”اي خداوند! پنهنجي پٽ لاءِ آءٌ اها چاندي تنهنجي نذر ٿي ڪريان، جنهن مان اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل هڪڙو بت ٺهرايو ويندو. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي پٽ کي تو ڏانهن موٽائي ٿي آڻيان.“ 4 سو جڏهن هن اهي سڪا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، تڏهن ماڻس انهن مان ٻہ سؤ چانديءَ جا سڪا کڻي هڪڙي ڪاريگر کي ڏنا، جنهن انهن چانديءَ جي سڪن مان اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل هڪڙو بت ٺاهيو. اُهو ميڪاہ جي گھر ۾ رکيو ويو. 5 ميڪاہ هڪڙو ٻيو مجسمو ۽ ننڍڙا بت ٺاهيا ۽ اهي بہ پنهنجي بتخاني ۾ رکيائين. هن پنهنجي پٽن مان هڪڙي کي مخصوص ڪري پنهنجي ڪاهن طور مقرر ڪيو. 6 انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل تي ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو. سو جنهن کي جيڪي وڻيو ٿي تنهن سو ئي ڪيو ٿي. 7 تن ڏينهن ۾ هڪڙو جوان بني لاوي يهوداہ جي بيتلحم شهر ۾ رهندو هو. 8 اُهو جوان ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهڻ لاءِ اتان روانو ٿيو. هو سفر ڪندو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ ميڪاہ جي گھر آيو. 9 ميڪاہ پڇيس تہ ”تون ڪٿان ٿو اچين؟“ هن وراڻيس تہ ”آءٌ يهوداہ واري بيتلحم شهر جو لاوي آهيان ۽ رهڻ لاءِ ڪنهن جاءِ جي تلاش ۾ نڪتو آهيان.“ 10 تڏهن ميڪاہ کيس چيو تہ ”تون مون سان گڏجي هڪڙي پيءُ ۽ ڪاهن طور ٿي رهہ تہ آءٌ تو کي سال ۾ ڏهہ چانديءَ جا سڪا، بلڪ ڪپڙا ۽ کاڌو بہ ڏيندس.“ 11 اُهو جوان لاوي ميڪاہ سان گڏ رهڻ تي راضي ٿيو ۽ هو ميڪاہ لاءِ سندس پٽن مان هڪڙي پٽ وانگر هو. 12 ميڪاہ انهيءَ لاويءَ کي بطور ڪاهن مقرر ڪيو ۽ هو ميڪاہ جي گھر ۾ رهڻ لڳو. 13 تڏهن ميڪاہ چيو تہ ”هاڻي مون کي يقين آهي تہ خداوند مون سان چڱائي ڪندو، ڇو تہ هڪڙو لاوي منهنجو ڪاهن آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society