Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

قاضين 16 - Muslim Sindhi Bible


سمسون جي پهلواني

1 هڪڙي ڏينهن سمسون غزہ شهر ڏانهن ويو. اُتي هن هڪ ڪسبياڻي ڏٺي، سو هو وٽس رات گذارڻ لاءِ ويو.

2 غزہ جي ماڻهن کي جڏهن خبر پيئي تہ سمسون هتي آيو آهي، تڏهن هنن انهيءَ جاءِ کي گھيري ۾ آندو ۽ سڄي رات شهر جي ٻاهرين دروازي وٽ هن جي لاءِ ترسي ويٺا. رات جو هنن ڪابہ چرپر ڪانہ ڪئي جو چيائون تہ ”پرهہ ڦٽيءَ مهل هن کي ماري ڇڏينداسون.“

3 سمسون اڌ رات تائين ليٽيو رهيو، تنهن کان پوءِ هو اٿيو ۽ شهر جي ٻاهرين دروازي جا طاق، ٻئي ٻانهيون، گزن سميت اُکيڙي ٻاهر ڪڍيائين. پوءِ هن اهي پنهنجي ڪلهن تي رکيا ۽ حبرون جي سامهون جيڪا ٽڪري آهي تنهن جي چوٽيءَ تي کڻي ويو.


سمسون ۽ دليلہ

4 ڪجھہ وقت کان پوءِ سورق جي برساتي نهر ڀرسان رهندڙ دليلہ نالي هڪڙيءَ عورت سان سمسون جو عشق ٿي ويو.

5 فلستين جا سردار انهيءَ عورت وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”تون سمسون کي ڌتاري کانئس پڇ تہ سندس هيتري طاقت جو راز ڇا آهي. اسين ڪهڙيءَ طرح مٿس غالب پئون ۽ کيس ٻڌي بي‌وس بڻايون. تڏهن اسان مان هر هڪ تو کي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا ڏيندو.“

6 سو دليلہ سمسون کي چيو تہ ”تنهنجي هيتري طاقت جو راز ڇا آهي ۽ ڪهڙيءَ طرح تو کي ٻڌي بي‌وس بڻائي ٿو سگھجي؟“

7 سمسون جواب ڏنس تہ ”جيڪڏهن مون کي تازي چم جي ستن پٽن سان ٻڌو وڃي، جيڪي اڃا سڪا نہ هجن، تہ پوءِ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“

8 سو فلستين جي سردارن ست تازي چم جا پٽا جيڪي اڃا سڪا نہ هئا دليلہ وٽ آندا ۽ دليلہ انهن سان سمسون کي ٻڌو.

9 انهيءَ عورت اندرين ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪائي ويهاري ڇڏيا هئا. پوءِ هن رڙ ڪري چيو تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ تڏهن سمسون اُهي پٽا ائين ڇڃي ڇڏيا جيئن ڪو ڌاڳو باهہ لڳڻ سان ٽٽي پوندو آهي. سو هن دفعي هن جي طاقت جو راز معلوم ٿي نہ سگھيو.

10 تڏهن دليلہ سمسون کي چيو تہ ”تو مون کي بي‌وقوف بڻايو آهي ۽ مون سان ڪوڙ ڳالهايو اٿيئي. سو مهرباني ڪري هاڻي مون کي ٻڌاءِ تہ تو کي ڇا سان ٻڌي سگھجي ٿو.“

11 سمسون وراڻيس تہ ”جيڪڏهن مون کي نون رسن سان ٻڌو وڃي جيڪي اڳي ڪڏهن بہ ڪم ۾ نہ آندا ويا هجن، تہ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“

12 تنهن تي دليلہ نوان رسا وٺي انهن سان سمسون کي ٻڌو ۽ جيئن تہ اندرين ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪا ويٺا هئا، سو سمسون کي چيائين تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ تڏهن هن اُهي رسا ڌاڳي وانگر ڇني ڇڏيا.

13 پوءِ دليلہ کيس چيو تہ ”تون اڃا تائين مون کي بي‌وقوف پيو بڻائين ۽ ڪوڙ ٿو ڳالهائين. مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان تو کي ٻڌي سگھجي ٿو؟“ سمسون وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تون منهنجي مٿي جي وارن جون ست چڳون آڏاڻي ۾ اُڻندي، انهن کي ڪاٺ ۾ ڦاسائي، ڪاٺ کي پيچ سان ڪسي منجھس ڪلي وجھي ڇڏيندينءَ تہ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“

14 سو جڏهن سمسون ننڊ پيو هو تڏهن دليلہ هن جون ست چڳون آڏاڻي ۾ اُڻندي، انهن کي ڪاٺ ۾ ڦاسائي، ڪاٺ کي پيچ سان ڪسي منجھس ڪلي وجھي ڇڏي. پوءِ دليلہ کيس سڏي چيو تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ هو ننڊ مان جاڳي پيو ۽ ڪليءَ ۽ ڪاٺ سان گڏ آڏاڻو ئي پٽي ڪڍيائين.

15 تڏهن هن چيس تہ ”تون ڪيئن چوين ٿو تہ تنهنجي مون سان محبت آهي؟ جڏهن تہ تنهنجي دل مون سان آهي ئي نہ. تو هي ٽيون دفعو مون کي بي‌وقوف بڻايو آهي ۽ مون کي پنهنجي هيڏي وڏي طاقت جو راز نہ ٻڌايو اٿيئي.“

16 هوءَ کيس روز بروز پنهنجي ڳالهين سان تنگ ڪرڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هن کيس نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو.

17 تڏهن سمسون کيس دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي تہ ”منهنجي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمي آهي، ڇاڪاڻ تہ ڄائي ڄم کان آءٌ خدا جو ناذير آهيان. سو جيڪڏهن منهنجا وار ڪوڙيا ويندا تہ منهنجي طاقت مون مان نڪري ويندي ۽ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“

18 جڏهن دليلہ ڏٺو تہ هن کيس پنهنجي دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي آهي، تڏهن فلستين جي سردارن ڏانهن چوائي موڪليائين تہ ”هڪ دفعو وري مون وٽ اچو. هن مون کي پنهنجي دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي آهي.“ تڏهن فلستين جا سردار پاڻ سان پئسا کڻي دليلہ وٽ آيا.

19 دليلہ سمسون کي پنهنجي گوڏن تي سمهاريو، جڏهن کيس ننڊ اچي ويئي تڏهن هن هڪڙو ماڻهو گھرايو، جنهن سمسون جي مٿي جون ست چڳون ڪوڙيون. اهڙيءَ طرح هو تابع ٿي ويو، ڇو‌جو هن جي طاقت منجھانئس نڪري ويئي هئي.

20 پوءِ هن رڙ ڪري چيس تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ سوچيائين تہ ”آءٌ اڳي وانگر ٻاهر نڪري پاڻ کي لوڏي آزاد ڪندس.“ پر کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند وٽانئس هليو ويو آهي.

21 پوءِ فلستين اچي پڪڙيس ۽ سندس اکيون ڪڍي ورتائون. هو هن کي غزہ شهر ۾ وٺي آيا، کيس پتل جون ٻيڙيون هنيائون ۽ قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏيائونس.

22 پر هن جي مٿي جا وار ڪوڙجڻ کان پوءِ وري وڌڻ لڳا.


سمسون جو موت

23 تڏهن فلستين جا سردار پنهنجي معبود دجون جي لاءِ هڪڙي وڏي قرباني پيش ڪرڻ ۽ جشن ملهائڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. اهو انهيءَ ڪري جو چيائون تہ ”اسان جي معبود اسان جي دشمن سمسون کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“

24-25 جڏهن هنن جون دليون خوشيءَ سان ڀرجي ويون تڏهن چيائون تہ ”سمسون کي وٺي اچو تہ ساڻس مسخريون ڪري پاڻ کي وندرايون.“ جڏهن سمسون کي قيدخاني مان وٺي آيا تڏهن کيس ٿنڀن جي وچ ۾ کڻي بيهاريائونس ۽ ساڻس مسخريون ڪري پاڻ کي وندرايائون. جڏهن ماڻهن سمسون کي ڏٺو تڏهن هو پنهنجي معبود جي تعريف ڪري چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ اسان جي ديوتا اهو دشمن اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي، جنهن اسان جي ملڪ کي تباهہ ڪيو هو، ۽ پڻ گھڻن ماڻهن کي ماريو هئائين.“

26 جيڪو نوڪر سمسون کي هٿ کان جھليو بيٺو هو تنهن کي سمسون چيو تہ ”جن ٿنڀن تي هي پوڄا گھر بيٺل آهي، مون کي اتي هلي بيهار تہ آءٌ انهن تي ٽيڪ ڏيئي بيهان.“

27 اهو پوڄا گھر مردن ۽ عورتن سان ڀريل هو. فلستين جا سڀ سردار بہ اتي هئا ۽ ڇت تي اٽڪل ٽي هزار مرد ۽ عورتون هيون جن سمسون جو تماشو پئي ڏٺو.

28 تڏهن سمسون خداوند کي پڪاري چيو تہ ”اي خداوند خدا! مهرباني فرمائي مون کي ياد ڪر. اي خدا! مهرباني ڪري هڪڙو دفعو وري مون کي طاقت بخش تہ هڪڙي ئي وار ۾ آءٌ فلستين کان پنهنجين ٻن اکين جو وير وٺان.“

29 پوءِ سمسون وچ وارن انهن ٻنهي ٿنڀن ڏانهن هٿ وڌايا جن تي پوڄا گھر بيٺل هو. هن انهن سان ٽيڪ ڏيندي، ساڄو هٿ هڪڙي تي ۽ کاٻو هٿ ٻئي تي رکيو.

30 پوءِ سمسون چيو تہ ”فلستين سان گڏ ڀلي تہ آءٌ بہ مري وڃان.“ ان بعد پنهنجي سموري طاقت سان انهن کي ڌڪو ڏنائين تہ پوڄا گھر انهن سردارن ۽ ٻين سڀني ماڻهن تي ڪري پيو جيڪي انهيءَ ۾ هئا. اهڙيءَ طرح سمسون پنهنجي مرڻ مهل جيترا ماڻهو ماريا سي انهن کان وڌيڪ هئا جيڪي پنهنجي جيئري ماريا هئائين.

31 تنهن کان پوءِ هن جا ڀائر ۽ ٻيا سندس گھر جا ڀاتي هن جو لاش کڻڻ لاءِ اُتي آيا. هنن کيس اتان کڻي اچي صرعہ ۽ استال شهرن جي وچ ۾ سندس پيءُ منوحہ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو. هو بني اسرائيل جو ويهہ سال رهبر رهيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan