قاضين 14 - Muslim Sindhi Bibleسمسون ۽ فلستي ڇوڪري 1 هڪڙي ڏينهن سمسون تمنت شهر ڏانهن ويو جتي هن هڪڙي فلستي ڇوڪري ڏٺي. 2 جڏهن هو موٽي پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ آيو تڏهن کين چيائين تہ ”مون تمنت ۾ هڪ فلستي ڇوڪري ڏٺي آهي، سو اوهين اها مون کي پرڻايو.“ 3 تڏهن سندس ماءُ پيءُ کيس چيو تہ ”تنهنجي مائٽن ۾ يا پنهنجي سڄيءَ قوم ۾ ڪا عورت ڪانهي ڇا، جو تون اڻطهريل فلستين مان پرڻجڻ ٿو چاهين؟“ پر سمسون پنهنجي پيءُ کي چيو تہ ”مون کي اها وٺي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ اها مون کي پسند آهي.“ 4 سمسون جي ماءُ پيءُ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اها ڳالهہ خداوند وٽان آهي، جنهن فلستين سان وڙهڻ جو موقعو پئي تلاش ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت فلستي بني اسرائيل تي حڪمراني ڪندا هئا. 5 سو سمسون پنهنجي ماءُ پيءُ سان تمنت ڏانهن ويو. جڏهن هو تمنت جي انگورن جي باغ جي ويجھو اچي پهتا، تڏهن سمسون ڏٺو تہ هڪڙو جوان شينهن مٿس گجڪار ڪري چڙهندو پيو اچي. 6 تڏهن خداوند جو روح هن تي طاقت ساڻ نازل ٿيو ۽ خالي هٿين هوندي بہ هن انهيءَ شينهن کي ائين چيڙي ڦاڙي وڌو جيئن ڪنهن ڇيلي کي چيڙيو ڦاڙيو ويندو آهي. پر هن جيڪي ڪجھہ ڪيو سو نہ پنهنجي پيءُ کي ٻڌايائين، نڪي پنهنجي ماءُ کي. 7 پوءِ هن وڃي انهيءَ ڇوڪريءَ سان ڳالهايو، اها کيس ڏاڍي پسند آئي. 8 ٿوري عرصي کان پوءِ جڏهن هو ان ڇوڪريءَ کي پرڻائي وٺي اچڻ لاءِ ويو پئي، تڏهن هو رستي تان ڦري انهيءَ شينهن جو لاش ڏسڻ لاءِ هيٺ لهي ويو. اتي ڏٺائين تہ شينهن جي لاش ۾ ماکيءَ جي مکين جو هجوم آهي ۽ ماناري ۾ ماکي بہ آهي. 9 هن اها پنهنجي هٿن ۾ کنئي ۽ کائيندو اڳتي هليو. جڏهن پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ پهتو، تڏهن انهن کي پڻ ڏنائين ۽ انهن بہ اها کاڌي. پر انهن کي اهو نہ ٻڌايائين تہ اها ماکي شينهن جي لاش مان ڪڍي هئائين. سمسون جي ڳجھارت 10 هن جو پيءُ انهيءَ ڇوڪريءَ جي گھر ويو. سمسون اتي هڪ دعوت ڪئي، ڇو تہ رواج موجب گھوٽ ائين ڪندا هئا. 11 جڏهن فلستين هن کي ڏٺو تڏهن ٽيهہ ڄڻا هن جي سنگت لاءِ آندائون تہ جيئن هن سان گڏ رهن. 12 سمسون انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي هڪڙي ڳجھارت ٿو ڏيان. جيڪڏهن اوهين اها دعوت وارن ستن ڏينهن جي اندر ڀڃي ويا تہ آءٌ اوهان کي ٽيهہ عمدي سڻيءَ جون پوشاڪون ۽ ٽيهہ ڪپڙن جا وڳا ڏيندس. 13 پر جيڪڏهن اوهين اها نہ ڀڃي سگھيا تہ اوهين مون کي ٽيهہ عمدي سڻيءَ جون پوشاڪون ۽ ٽيهہ ڪپڙن جا وڳا ڏجو.“ هنن چيس تہ ”ٺيڪ آهي، اسان کي پنهنجي ڳجھارت ٻڌاءِ.“ 14 هن کين چيو تہ ”کائيندڙ مان کاڌو نڪتو، زورآور مان مٺاڻ نڪتو.“ هو ٽن ڏينهن تائين اها ڳجھارت نہ ڀڃي سگھيا. 15 چوٿين ڏينهن تي هنن سمسون جي زال کي چيو تہ ”پنهنجي مڙس کي ڌتاري اسان لاءِ انهيءَ ڳجھارت جو مطلب پڇيس، نہ تہ اسين تو کي ۽ تنهنجي پيءُ جي گھر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏينداسين. اوهان اسان کي هتي لٽڻ ڦرڻ لاءِ سڏايو آهي ڇا؟“ 16 تڏهن سمسون جي زال پنهنجي مڙس وٽ روئندي ويئي ۽ کيس چوڻ لڳي تہ ”تون مون کان نفرت ٿو ڪرين، مون کي سچ پچ پيار نہ ٿو ڪرين. تو منهنجيءَ قوم جي ماڻهن کي ڪا ڳجھارت ڏني آهي، پر انهيءَ جو مطلب تو مون کي بہ نہ ٻڌايو آهي.“ هن وراڻيس تہ ”اها تہ مون پنهنجي ماءُ پيءُ کي بہ ڪين ٻڌائي آهي، پوءِ آءٌ تو کي ڪيئن ٻڌائيندس؟“ 17 تنهن تي دعوت واري ستين ڏينهن تائين هوءَ پنهنجي مڙس اڳيان روئندي رهي. آخر ستين ڏينهن سمسون کيس اها ڳجھارت ٻڌائي، ڇو تہ سندس زال کيس گھڻو تنگ ڪيو. پوءِ هن جي زال وڃي اها ڳجھارت پنهنجي قوم کي ٻڌائي. 18 ستين ڏينهن سج لهڻ کان اڳي شهر جي ماڻهن سمسون کي وڃي چيو تہ ”ماکيءَ کان وڌيڪ ڪا ٻي بہ مٺي شيءِ آهي ڇا؟ شينهن کان وڌيڪ زورآور ڪو ٻيو بہ آهي ڇا؟“ تنهن تي سمسون کين وراڻيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي گابيءَ سان هر نہ ڪاهيو ها، تہ اوهين منهنجي ڳجھارت هرگز نہ ڀڃي سگھو ها.“ 19 تڏهن خداوند جو روح هن تي طاقت ساڻ نازل ٿيو. هو اسقلون شهر ڏانهن ويو، اتي ٽيهہ ماڻهو ماري انهن جو مال ڦريائين ۽ جن ڳجھارت ڀڳي هئي تن کي اهي ڪپڙن جا وڳا ڏنائين. بعد ۾ ڪاوڙ ۾ باهہ ٿي هو پنهنجي گھر موٽي ويو. 20 تڏهن سمسون جي زال سندس انهيءَ سنگتيءَ کي ڏني ويئي جيڪو سندس شاديءَ ۾ آنر بڻيو هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society