قاضين 10 - Muslim Sindhi Bibleرهبر تولع 1 ابيملڪ کان پوءِ بني اسرائيل کي ڇڏائڻ لاءِ اِسڪار قبيلي مان تولع اٿيو، جيڪو فوہ جو پٽ ۽ دودي جو پوٽو هو. هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سمير شهر منجھہ رهندو هو. 2 هو ٽيويهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو. پوءِ هن وفات ڪئي ۽ کيس سمير شهر ۾ دفن ڪيو ويو. رهبر يائير 3 تولع کان پوءِ يائير جِلعادي اٿيو، جيڪو ٻاويهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو. 4 يائير کي ٽيهہ پٽ هئا ۽ انهن سڀني کي سواريءَ لاءِ پنهنجو پنهنجو گڏهہ هو. انهن کي جِلعاد علائقي ۾ ٽيهہ شهر هئا جيڪي اڄ ڏينهن تائين يائير جا ڳوٺ سڏبا آهن. 5 جڏهن يائير وفات ڪئي تڏهن کيس قامون شهر ۾ دفن ڪيو ويو. بني عمون جو ظلم 6 بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون. 7 تڏهن خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ کين فلستين ۽ بني عمون جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيائين. 8 اهي انهيءَ سال کان وٺي لاڳيتو ارڙهن سالن تائين جِلعاد علائقي ۾ اردن درياءَ جي اوڀر طرف جتي اموري پڻ رهندا هئا، بني اسرائيل تي ظلم ڪندا ۽ کين ستائيندا رهيا. 9 ان کان علاوہ بني عمون اردن درياءَ جي پار وڃي يهوداہ، بنيامين ۽ افرائيم قبيلن سان پڻ وڙهيا. انهيءَ ڪري بني اسرائيل ڏاڍا تنگ ٿيا. 10 تڏهن بني اسرائيل خداوند کي پڪاري چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي جو اسان تو پنهنجي خدا کي ڇڏي بعل ديوتائن جي پوڄا پئي ڪئي آهي.“ 11 خداوند بني اسرائيل کي وراڻيو تہ ”جڏهن مصرين، امورين، بني عمون ۽ فلستين، 12 صيدانين، عماليقين ۽ ماعونين پڻ اوهان کي ستايو ۽ اوهان مون کي مدد لاءِ پڪاريو، تڏهن ڇا مون اوهان کي هنن جي هٿن مان ڪونہ ڇڏايو؟ 13 پوءِ بہ اوهان مون کي ڇڏي غير معبودن جي پوڄا پئي ڪئي آهي. سو هاڻ آءٌ اوهان کي وري ڪونہ ڇڏائيندس. 14 وڃي پنهنجن انهن معبودن کي پڪاريو جن جي اوهان ڪڍ لڳا آهيو. ڀلي تہ مصيبت جي وقت هو اوهان کي ڇڏائين.“ 15 تڏهن بني اسرائيل خداوند کي چيو تہ ”اسان برابر گناهہ ڪيو آهي. تنهنڪري جيڪي تو کي مناسب نظر اچي سو اسان سان ڪر، پر مهرباني ڪري اڄ اسان کي بچاءِ.“ 16 پوءِ هو پنهنجن ڌارين معبودن کان جند ڇڏائي خداوند جي عبادت ڪرڻ ۾ لڳي ويا. بني اسرائيل جو برو حال خداوند کان وڌيڪ ڏٺو نہ ٿيو. 17 پوءِ بني عمون جنگ لاءِ تيار ٿي جِلعاد ۾ اچي خيما کوڙيا. بني اسرائيل بہ گڏ ٿي جِلعاد جي ويجھو مصفاہ ۾ اچي خيما کوڙيا. 18 تڏهن جِلعاد جي ماڻهن جا اڳواڻ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اُهو ڪهڙو ماڻهو آهي جيڪو بني عمون سان جنگ ۾ اڳواڻي ڪندو؟ جيڪو ائين ڪندو اهو ئي جِلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار مقرر ڪيو ويندو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society