Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يعقوب 4 - Muslim Sindhi Bible


پاڻ کي خدا جي تابع رکڻ ( 4‏:1‏–5‏:6 ) (دنيا جي دوستي خدا سان دشمني)

1 اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا اهي انهن عيش عشرت وارين خواهشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ جھيڙو جھڳڙو پيدا ٿيون ڪن؟

2 اوهين ڪنهن شيءِ جي خواهش تہ ڪريو ٿا، پر نہ ملڻ جي صورت ۾ اوهين انهيءَ لاءِ خون ٿا ڪريو. اوهين لالچ تہ ڪريو ٿا، پر پوري نہ ٿيڻ جي صورت ۾ اوهين جھيڙا جھڳڙا ٿا ڪريو. اوهان کي انهيءَ ڪري ڪجھہ بہ هٿ نہ ٿو اچي جو اوهين خدا کان ڪونہ ٿا گھرو.

3 پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.

4 اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي.

5 ڇا اوهين ائين ٿا سمجھو تہ پاڪ ڪلام جو ائين چوڻ اجايو آهي تہ جيڪو روح خدا اسان ۾ رهڻ لاءِ وڌو آهي، تنهن لاءِ هو سخت غيرتمند آهي؟

6 پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ خدا اسان تي فضل ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“

7 تنهنڪري پاڻ کي خدا جي تابع رکندي ابليس جو مقابلو ڪريو تہ هو اوهان وٽان ڀڄي ويندو.

8 خدا جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي گنهگارؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہ‌دليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پاڪ ڪريو.

9 افسوس ڪريو، ماتم ڪريو ۽ روئو. اوهين پنهنجو کِلڻ روئڻ پٽڻ ۾ بدلايو ۽ خوشي اداسيءَ ۾.

10 خداوند جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو.


(تهمت هڻڻ شريعت جي خلاف‌ورزي)

11 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي تي تهمت نہ هڻو. جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالهائي يا مٿس ڪا تهمت ٿو هڻي، سو شريعت جي خلاف ٿو ڳالهائي ۽ ان تي تهمت ٿو هڻي. هاڻي جڏهن اوهين شريعت تي تهمت ٿا هڻو تڏهن اوهين ان تي عمل ڪرڻ وارا نہ، بلڪ انهيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارا بڻجي ويٺا آهيو.

12 ياد رکو تہ شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو تہ رڳو هڪڙو آهي. اهو ئي بچائي ۽ برباد ڪري سگھي ٿو. پوءِ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو پنهنجي هم‌ايمان جي عدالت ٿا ڪريو!


(ٻٽاڪون هڻڻ خداوند جي انحرافي)

13 هاڻ اوهين ٻڌو، جيڪي چئو ٿا تہ ”اڄ يا سڀاڻي فلاڻي شهر ۾ وينداسين، هڪڙو سال اتي وڃي گذارينداسين ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪري پئسا ڪمائينداسين.“

14 ڏسو، اوهان کي تہ ايتري بہ خبر ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي زندگي آهي ئي ڇا؟ اوهين تہ هڪڙي ٻاڦ آهيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.

15 تنهنڪري اوهان کي هيئن چوڻ گھرجي تہ ”جيڪڏهن خداوند گھريو تہ اسين جيئرا بہ رهنداسين ۽ فلاڻو فلاڻو ڪم بہ ڪنداسين.“

16 پر انهيءَ جي بدران اوهين ٻٽاڪون هڻي فخر ٿا ڪريو. اهڙو سمورو فخر برو آهي.

17 مطلب تہ جيڪو ماڻهو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو تہ اهو سندس گناهہ ليکيو ويندو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan