Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 9 - Muslim Sindhi Bible

1 پر جيڪي اڳي ڏک ۾ هئا تن لاءِ ڪا اونداهي نہ هوندي. اڳ ۾ خدا زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي علائقن کي حقارت جهڙو ڪيو هو. پر ايندڙ زماني ۾ ڀونوچ سمنڊ کان وٺي اردن درياءَ جي اوڀر پاسي تائين، بلڪ گليل واري علائقي سميت جتي غير قومون رهن ٿيون، يعني سڄي اسرائيل ملڪ کي هو عزت وارو ڪندو.


مستقبل جو بادشاهہ

2 بيشڪ جيڪا قوم مصيبت جي اونداهيءَ ۾ ٿي هلي، سا خوشحاليءَ جي وڏي روشنائي ڏسندي. هائو، اها روشنائي انهن سڀني تي چمڪندي، جيڪي موت جي پاڇي واري هنڌ رهن ٿا.

3 اي خداوند! تون پنهنجي قوم جي شادماني وڌائيندين، ۽ انهن جي خوشي زيادہ ڪندين. هو تنهنجي اڳيان اهڙي خوشي ڪندا، جهڙي فصل لهڻ مهل ڪبي آهي، يا جهڙي خوشي لٽ جي مال ورهائڻ مهل ٿيندي آهي.

4 انهيءَ سبب جو سندن بار واري پاڃاريءَ کي، سندن ڪلهن تي وسائڻ واري لٺ کي، هائو، تون پنهنجي قوم تي ظلم ڪندڙ دشمنن جي لڪڻ کي ڀڃي ڇڏيندين، جيئن تو مديانن جي شڪست واري ڏينهن ڪيو.

5 تنهنجي قوم انهيءَ ڪري خوشي ڪندي جو سندن دشمنن جي لاشن جا رت ۾ ڀريل ڪپڙا ساڙيا ويندا، ۽ انهن ملڪ لتاڙيندڙ لشڪر وارن جا بوٽ باهہ جو کاڄ بڻبا.

6 اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.

7 هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


اسرائيل وارن جي سزا

8 پروردگار يعقوب جي اولاد مان انهن تي سزا جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي اسرائيل ملڪ ۾ رهن ٿا.

9 گاديءَ واري شهر سامريہ وارن سميت اسرائيل جي ٻين سڀني ماڻهن کي اهو معلوم ٿي ويو آهي. پر مغروريءَ ۽ هٺ وچان چيو اٿائون تہ

10 ”سرن واريون عمارتون ڪري پيون تہ ڇا ٿيو، اسين تراشيل پٿرن سان وڌيڪ بهتر عمارتون اڏينداسين. انجير جا شهتير وڍيا ويا آهن تہ ڇا ٿيو، اسين انهن جي جاءِ تي ديال جو مضبوط ڪاٺ لڳائينداسين.“

11 انهيءَ ڪري خداوند انهن جي خلاف سندن مخالفن کي اٿاري کڙو ڪيو. هائو، هن سندن دشمنن کي مٿن چاڙهي آندو.

12 سندن اوڀر ۾ ارامي آهن تہ اولهہ ۾ فلستي، جيڪي اسرائيل وارن کي ڳهي وڃڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺا آهن. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.

13 اسرائيل وارا ماڻهو اڃا بہ پنهنجي انهيءَ سيکت ڏيڻ واري آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا آهن، نڪي انهيءَ قادرِمطلق خداوند جا طالبو ئي بڻيا آهن.

14 سو خداوند هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اسرائيل وارن مان سڀني اڳواڻن کي ناس ڪري ڇڏيندو، هائو، هو مٿي ۽ پُڇ کي هڪ ئي ڏينهن وڍي ڇڏيندو.

15 بزرگ ۽ معزز ماڻهو مٿي مثل آهن، ۽ نبي سڏائيندڙ جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا، سي پڇ مثل آهن،

16 بلڪ هن قوم جا سڀ رهنماءَ ئي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن. هائو، هو پنهنجي پيروي ڪندڙن کي مونجھاري ۾ ٿا وجھن.

17 پروردگار انهن جي جوانن مان ڪنهن کي بہ نہ بخشيندو، نڪي هو سندن يتيمن ۽ رنن‌زالن تي رحم ڪندو، ڇاڪاڻ تہ سڀ جو سڀ خدا کي رد ڪندڙ ۽ بدڪار آهن. هر ڪنهن جي واتان بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. انهن سڀني سزائن جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.

18 جهڙيءَ طرح باهہ ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن کي ساڙي ٿي ڇڏي، تهڙيءَ طرح ماڻهن جي بدڪاري سندن ملڪ کي ساڙي ناس ڪري ٿي ڇڏي، هائو، اهڙي باهہ وانگر، جيڪا ٻيلي جي گھاٽن وڻن منجھہ ڀڙڪي اُٿي ٿي، ۽ جنهن جو دونهون گھاٽن ڪڪرن جي صورت ۾ مٿي چڙهي وڃي ٿو.

19 سو اهو قادرِمطلق خداوند جو قهر ئي آهي، جيڪو ماڻهن جي بدڪاريءَ جي ڪري ملڪ کي ساڙي ڇڏي ٿو، ۽ انهيءَ جا رهاڪو باهہ جو ٻارڻ بڻجي وڃن ٿا، ايتري قدر جو سڀ ماڻهو هڪٻئي جي خلاف ٿي وڃن ٿا.

20 سو ملڪ اندر جتي ڪٿي ماڻهو ڦر مار ڪن ٿا. هو جھنگلي جانورن وانگر حملو ڪري، هر طرف چيرڦاڙ ڪندا ٿا وتن، ايتري قدر جو اهي پنهنجي ئي مٽن مائٽن کي بہ ڳڙڪايو ٿا وڃن، پر تڏهن بہ سندن بک ختم نہ ٿي ٿئي.

21 اسرائيل ملڪ جا منسي ۽ افرائيم قبيلا هڪٻئي تي حملا ٿا ڪن، ۽ ٻئي گڏجي وري يهوداہ تي حملو ڪن ٿا. ايتري سزا ڏيڻ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿو ٿئي، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل ٿو رهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan