Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 8 - Muslim Sindhi Bible


يسعياہ جو پٽ يهوداہ وارن لاءِ هڪڙي نشاني

1-2 خداوند مون يسعياہ کي فرمايو تہ ”تون اورياہ ڪاهن ۽ زڪرياہ بن يبرڪياہ کي شاهد بڻاءِ، جيڪي ڀروسي جوڳا آهن، پوءِ هڪڙي وڏي تختي کڻ ۽ انهيءَ تي صاف اکرن ۾ هي لک تہ ’فوري حملو، تڪڙ ۾ لٽ جو مال.‘“

3 ڪجھہ عرصي بعد منهنجي زال پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄڻيائين. تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو ’مهير‌شالال‌حاش‌باز‘ رک.

4 انهيءَ سبب جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳ اشور جو شهنشاهہ اوهان جي دشمنن يعني دمشق ۽ سامريہ وارن تي حملو ڪري اتان جو مال ملڪيت لٽي ڦري پاڻ سان کڻي ويندو.“


عمانوايل يعني خدا اسان سان

5 خداوند وري مون کي فرمايو تہ

6 ”جيئن تہ يهوداہ وارن شيلوخ جي نرميءَ سان وهندڙ پاڻيءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ارام جي بادشاهہ رضين ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ڏانهن راضي خوشيءَ مائل ٿيا آهن،

7 تنهنڪري هاڻي ڏس، آءٌ پروردگار ارام ۽ اسرائيل ملڪن تي اشور جو شهنشاهہ سندس پوري لشڪر سان چاڙهي آڻيندس. اهي فرات نديءَ جي تمام زور واري سيلابي پاڻيءَ جيان اچي مٿن ڪڙڪندا، جيڪو پاڻي پنهنجي سڀني نهرن جا ڪنارا ڀڃي ڌوڪيندو ايندو آهي.

8 پوءِ اهو لشڪر سڄي يهوداہ ملڪ تي پڻ ائين ڇانئجي ويندو، جيئن ڪا ٻوڏ چڙهي اچي ۽ ماڻهوءَ جي ڳچيءَ تائين وڃي پهچي.“ پر خدا اسان سان گڏ آهي. سو اهو حفاظت لاءِ پنهنجا پر اسان جي سڄي يهوداہ ملڪ تي پکيڙي ڇڏيندو.

9 اي غير قومون! ڀلي اوهين جنگ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي وڃو، پر ياد رکو، اوهان سڀني کي چيڀاٽيو ويندو. ڪن ڏيئي ٻڌو، اي ڏورانهن ملڪن جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر اوهين دهشت ۾ وٺجي ويندا. هائو، اوهين ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر ياد رکو، دهشت اوهان کي وڪوڙي ويندي.

10 ڀلي اوهين گڏجي خوب صلاح مصلحت ڪريو، پر اها ڪنهن ڪم جي نہ ٿيندي. اوهين جيڪو بہ منصوبو جوڙيندا، سو ناڪام ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان سان گڏ آهي.


خداوند کان ڊڄڻ

11 تڏهن خداوند مون يسعياہ ۾ پنهنجو طاقتور روح ڀريندي تاڪيد فرمايو تہ آءٌ بني اسرائيل قوم جي رستي تي نہ هلان. خداوند مون سان ڳالهائيندي فرمايو تہ

12 ”جن سڀني ڳالهين کي هيءَ قوم سازش چوي ٿي، تن کي اوهين سازش نہ چئو. جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا، تن کان اوهين نہ ڊڄو. هائو، اوهين بلڪل نہ گھٻرايو.

13 ياد رکو، اوهين رڳو مون قادرِمطلق خداوند کي پاڪ ڄاڻو، مون کان ئي ڊڄو ۽ منهنجو ئي خوف رکو.

14 منهنجي اها عظيم پاڪيزگي يروشلم جي رهاڪن لاءِ ڦندو ۽ دام ثابت ٿيندي، بلڪ سڄي يهوداہ ۽ اسرائيل جي رهاڪن لاءِ ٿاٻو ڏيڻ وارو پٿر ۽ ٿاٻڙائڻ وارو ٽڪر بڻبي.

15 هائو، انهن مان گھڻا ئي ٿاٻڙجي ڪرندا ۽ چيڀاٽجي ويندا ۽ گھڻا ئي پڪڙي جلاوطن ڪيا ويندا.“


مئلن کان پڇڻ خلاف تنبيهہ

16 اي منهنجا شاگردؤ! اوهين خدا جي ڏنل پيغامن ۽ تعليم کي مُهر لڳائي محفوظ ڪري رکو،

17 ڇاڪاڻ تہ هن وقت خداوند بني اسرائيل کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. پر آءٌ خداوند تي ڀروسو ٿو رکان ۽ منهنجي اميد آهي تہ اڳتي هلي انهن تي عمل ڪيو ويندو.

18 ڏسو، آءٌ ۽ منهنجا اهي ٻار جيڪي خداوند مون کي عطا ڪيا آهن، سي بني اسرائيل لاءِ قادرِمطلق خداوند جي طرفان جيئريون جاڳنديون نشانيون ۽ پيغام آهيون، هائو، انهيءَ خداوند جا جنهن جو تخت صيئون جبل تي آهي.

19 جڏهن ماڻهو اوهان کي مِڻ مِڻ ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪندڙ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن بابت چون تہ ”اچو تہ انهن کان پڇون. اسان لاءِ اهو مناسب آهي تہ اسين روحن جا طلبگار ٿيون. ڇا جيئرن بابت مئلن کان پڇا ڪرڻ بهتر نہ آهي؟“

20 تڏهن اوهين کين تاڪيد ڪندي چئجو تہ ”هرگز نہ، بلڪ رڳو خدا جي شريعت ۽ هدايت تي عمل ڪريو.“ يقيناً جيڪي مئلن جي باري ۾ ڳالهيون ڪن ٿا، تن لاءِ صبح نہ ٿيندو.


مصيبت جو وقت

21 اهو وقت ايندو جڏهن ماڻهو سڄي ملڪ ۾ بک ۽ بدحاليءَ ۾ پيا ڦرندا وتندا. جڏهن کين بک ستائيندي تڏهن اهي جان کان بيزار ٿي ويندا ۽ پنهنجي بادشاهہ ۽ معبودن تي لعنتون وجھندا. پوءِ اهي مدد لاءِ پنهنجا منهن کڻي آسمان ڏانهن

22 توڙي هيٺ زمين ڏانهن نهاريندا، پر کين هر طرف مصيبت، اونداهي ۽ ڏک جي پِيڙا ئي نظر ايندي. آخرڪار مصيبتن جي گھُگھُہ اونداهي مٿن اچي غالب پوندي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan