Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 62 - Muslim Sindhi Bible


نبيءَ جو يروشلم جي بحاليءَ بابت پيغام

1 اي يروشلم جي وسندي! تنهنجي خاطر آءٌ ماٺ ڪري نہ ويهندس. هائو، تنهنجي خاطر آءٌ آرام نہ ڪندس، جيستائين تنهنجي خوشحالي روشنيءَ وانگر ظاهر نہ ٿيندي، ۽ تنهنجي بحالي روشن مشعل وانگر ڏسڻ ۾ نہ اچي.

2 تڏهن تنهنجي اها خوشحالي ڏسي قومن ۽ بادشاهن تي تنهنجي شان وَ شوڪت ظاهر ٿيندي. تون هڪڙي نئين نالي سان سڏبينءَ، جيڪو خداوند پاڻ تو تي رکندو.

3 تون خداوند پنهنجي خدا لاءِ عظمت وارو ڇٽ ٿيندينءَ. هائو، تون خداوند لاءِ شاهي تاج ٿيندينءَ.

4 تون اڳتي ”ڇڏي ڏنل“ نہ سڏبينءَ، نڪي تنهنجي ملڪ کي ”ويرانو“ سڏبو، بلڪ تو کي ”خداوند جي خوشي،“ ۽ تنهنجي ملڪ جي زمين کي ”مڙس واري“ سڏيو ويندو. انهيءَ سبب جو خداوند تو مان خوش آهي، سو تنهنجي ملڪ کي خداوند پنهنجي ڪنوار سڏيندو.

5 تنهنجا رهاڪو ملڪ کي اهڙيءَ طرح پنهنجو ڪندا، جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڪنوار بڻائيندو آهي. جيئن ڪو گھوٽ پنهنجي ڪنوار سان خوش هوندو آهي، تيئن ئي تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو.

6 اي يروشلم! مون تنهنجي ڀتين تي پهريدار بيهاري ڇڏيا آهن، ڏينهن هجي توڙي رات اهي ڪڏهن بہ ماٺ ڪري نہ ٿا ويهن، اهي خداوند کي سندس واعدا ياد ڏياريندا ٿا رهن.

7 هائو، جيستائين هو تو يروشلم کي بحال نہ ڪري، ۽ روءِ‌زمين تي تو کي تعريف جي لائق نہ بڻائي، تيستائين هو بنا آرام ڪرڻ جي سندس ڪيل واعدا کيس ياد ڏياريندا رهندا.

8 خداوند پنهنجي زورآور هٿ جي قدرت جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي تہ ”اڳتي آءٌ اوهان جو اناج اوهان جي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس، نڪي اوهان جي مئي ڌارين کي پيئڻ ڏيندس، جنهن لاءِ اوهان محنت ڪئي آهي.

9 بلڪ جن اهو اناج گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا، ۽ مون خداوند جي واکاڻ ڪندا، ۽ جن اها مئي گڏ ڪئي آهي، سي ئي منهنجي مقدس هيڪل جي اڱڻ ۾ اها پيئندا.“

10 لنگھي وڃو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! اوهين شهر جي دروازن مان ٻاهر نڪري وڃو، ۽ وطن موٽندڙ پنهنجي قوم وارن لاءِ سڙڪ اڏيو. هائو، انهن لاءِ شاهي رستو تيار ڪريو، ۽ انهيءَ تان پٿر هٽائي صاف ڪري ڇڏيو. اوهين رستي تي نشان کڙا ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ٻيون قومون بہ رستو لهي سگھن.

11 ڏسو، خداوند پوريءَ دنيا ۾ اعلان ڪري ڇڏيو آهي تہ ”يروشلم جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيو تہ آءٌ خداوند کين بچائڻ لاءِ اچي رهيو آهيان. ڏسو، آءٌ پنهنجي قوم لاءِ پاڻ سان گڏ جزا ۽ اجر کنيو پيو اچان.“

12 تڏهن اوهان يروشلم وارن کي ”خدا جي چونڊيل قوم،“ ۽ ”خداوند جا ڇڏايل ماڻهو“ سڏيو ويندو. ساڳيءَ طرح يروشلم کي ”خداوند جو پيارو شهر،“ ۽ ”اهو شهر جنهن کي خدا وساريو ناهي“ سڏيو ويندو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan