يسعياہ 61 - Muslim Sindhi Bibleبچائڻ جي خوشخبري 1 خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان. 2 هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن خداوند پنهنجي قوم کي بچائيندو، ۽ سندن دشمنن کان انتقام وٺندو. هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ سڀني دلگيرن کي دلاسو ڏيان. 3 خاص طور صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي ڏک ۽ غم جي بدران خوشي ۽ شادماني، ۽ ماتم جي بدران واکاڻ جو گيت ڏيان. اهي انهن وڻن وانگر ٿيندا جيڪي خداوند پنهنجي هٿن سان پوکيا هجن. اهي سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، تانتہ خداوند جي عظمت ظاهر ٿئي. 4 اهي قديم ڊٺل جاين کي وري اڏيندا. هائو، اهي انهن اجڙيل شهرن جي مرمت ڪندا، جيڪي پيڙهين کان اجاڙيل آهن. 5 اي منهنجا همقوم! غير قومن وارا ماڻهو اچي اوهان جي خدمت ڪندا. هائو، اهي اوهان جا ڌڻ چاريندا، اوهان جي ٻنين ۾ هارپو ڪندا، ۽ اوهان جي باغن جي سنڀال ڪندا. 6 جڏهن تہ اوهين پاڻ خداوند جا ڪاهن سڏبا. ماڻهو اوهان کي ”اي خدا جا خادمؤ!“ چئي مخاطب ٿيندا. اوهين قومن جي دولت مان مزو ماڻيندا، ۽ سندن شان وَ شوڪت جا مختيار بڻجي فخر ڪندا. 7 هاڻ اوهين پنهنجي ملڪ ۾ رهندا، ۽ اوهان کي مليل ٻيڻي سزا واري خواري ۽ بيعزتي هاڻ ختم ٿي ويندي، بلڪ اوهين ٻيڻي دولت جا مالڪ بڻبا، ۽ اوهان جون خوشيون هميشہ قائم رهنديون. 8 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪريان، ۽ ظلم ۽ ناانصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان. آءٌ پنهنجي قوم کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس، ۽ ساڻن ابدي عهد ٻڌندس. 9 انهن جو اولاد قومن ۾ ايڏو تہ مشهور ٿيندو، جو جيڪو بہ انهن کي ڏسندو سو کين سڃاڻي چوندو تہ ’هي انهيءَ قوم وارا آهن، جنهن کي خداوند برڪت ڏني هئي.‘“ 10 خداوند جي ڪيل ڪمن سبب آءٌ بيحد خوش ٿيندس، ۽ منهنجي جان پنهنجي خدا کان راضي رهندي. انهيءَ سبب جو جيئن گھوٽ کي تاج سان سينگاريو وڃي، يا جيئن ڪنهن ڪنوار جو زيورن سان سينگار ڪيو وڃي، تيئن هن اسان کي بچاءُ ڄڻ پوشاڪ وانگر پهرائي ڇڏيو آهي، ۽ حق سچ ڄڻ اسان کي هڪ جبي وانگر ڍڪايو اٿس. 11 جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو، سو اهو اڀاري ڪڍي ٿو، تيئن ئي خداوند خدا سڀني قومن آڏو اسان منجھہ حق سچ ۽ واکاڻ کي اڀاري ظاهر ڪندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society