Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 60 - Muslim Sindhi Bible


يروشلم جو نئون شان وَ شوڪت

1 اُٿ، اي يروشلم جي وسندي! روشن ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تو تي نور چمڪيو آهي. هائو، خداوند جي تجلي تنهنجي مٿان چمڪي رهي آهي.

2 ڏس، هيءَ ڌرتي ۽ ٻيون قومون اونداهيءَ سان ڍڪجي وينديون، مگر تو تي خداوند جو نور چمڪڻ لڳندو. سندس موجودگيءَ جي تجلي تو مٿان هوندي.

3 قومون تنهنجي روشنيءَ ڏانهن هليون اينديون، ۽ بادشاهہ تنهنجي تجليءَ جي چمڪ ڏانهن ڇڪجي ايندا.

4 پنهنجيون اکيون کڻي چوڌاري نهار، تنهنجي ماڻهن جا ميڙ تو ڏانهن موٽي پيا اچن. ڏس، تنهنجا پٽ پري پري کان پيا اچن، ۽ جيئن ٻارن کي ڪڇ تي کڻي هلبو آهي، تيئن تنهنجي ڌيئرن کي آرام سان کڻي آندو پيو وڃي.

5 انهن سڀني کي تون پاڻ وٽ ڏسي بيحد خوش ٿيندينءَ، ۽ خوشيءَ وچان تنهنجي دل ڌڙڪڻ لڳندي. قومن جي دولت پڻ تو وٽ آندي ويندي، هائو، سمنڊ رستي خزانا تو ڏانهن ايندا.

6 اٺن جي قافلن سان تنهنجي ڌرتي ڀرجي ويندي. هائو، عيفاہ قبيلي وارن، بلڪ سڀني مديانين وٽان گھڻا ئي ڪنواٽ تو وٽ ايندا. شبا ملڪ مان بہ قافلا ايندا، جيڪي پاڻ سان سون ۽ لوبان کڻي ايندا. جڏهن اهي سڀ ايندا تہ خداوند جي ڪمن جي واکاڻ بيان ڪندا.

7 قيدار ۽ نبايوت جون سڀ رڍون ٻڪريون، قربانيءَ لاءِ تو وٽ آڻي گڏ ڪيون وينديون. اهي خداوند جي قربان‌گاهہ تي قبول پونديون. بيشڪ خداوند پنهنجي هيڪل کي وڌيڪ عظمت ۽ شان وَ شوڪت بخشيندو.

8 ڏس، اي يروشلم جي وسندي! اهي ڇا آهن، جيڪي تو ڏانهن ائين ٿا اچن جيئن بادل هوا ۾ ترندا اچن؟ هائو، جيئن ڪبوتر پنهنجي واهيري ڏانهن اچن.

9 بيشڪ اهي سامونڊي جهاز آهن، جيڪي ڏورانهن ملڪن کان پيا اچن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي سندن سون ۽ چانديءَ سميت پنهنجي شهر ڏانهن موٽائي پيا آڻين. انهن ۾ سڀني کان پهريائين ترسيس جا جهاز آهن. انهيءَ مان خداوند، تنهنجي خدا جو نالو روشن ٿئي ٿو. هائو، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي تعظيم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هن تو يروشلم جو شان وَ شوڪت بحال ڪيو آهي.

10 خداوند يروشلم جي وسنديءَ کي فرمائي ٿو تہ ”غير قوم وارا ماڻهو تنهنجيون ڀتيون وري اڏيندا، ۽ سندن بادشاهہ تنهنجي خدمت ڪندا. جيتوڻيڪ مون ڪاوڙ ۾ تو کي سزا ڏني، تہ بہ هاڻي پنهنجي ٻاجھہ سبب آءٌ تو تي رحم ڪندس.

11 هاڻي ڏينهن رات تنهنجا دروازا کُليل رهندا، بند ڪڏهن نہ ٿيندا. انهيءَ لاءِ تہ قومن جي دولت تو وٽ آندي وڃي، ۽ انهيءَ سان گڏ سندن بادشاهہ اچي حاضري ڀرين.

12 باقي جيڪي قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي خدمت نہ ڪندا، سي تباهہ وَ برباد ٿي ويندا. هائو، اهي قومون بلڪل چٽ ڪيون وينديون.

13 لبنان جي ٻيلن جو نهايت عمدو ڪاٺ تو وٽ آندو ويندو، يعني صنوبر، چيل ۽ شمشاد جي وڻن جو ڪاٺ. انهيءَ لاءِ تہ انهن سان منهنجي پاڪ گھر کي سينگاريو وڃي. هائو، اها هيڪل، جيڪا منهنجي پيرن جي صندلي آهي، تنهن کي آءٌ رونق بخشيندس.

14 اي يروشلم جي وسندي! جن تو کي ستايو آهي، تن جو اولاد عاجزيءَ وچان سر جھڪائي تو وٽ ايندو. جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي، سي سڀ تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. اهي تو کي ’بني اسرائيل جي پاڪ معبود جو شهر صيئون،‘ ۽ ’خداوند جو شهر‘ ڪري سڏيندا.

15 بيشڪ تو کي ڇڏي ڏنو ويو هو، ۽ تو کان نفرت ڪئي ويئي هئي، ايتري قدر جو ڪو ماڻهو تو منجھان لنگھيو بہ ڪين ٿي. پر هاڻ آءٌ تو کي هميشہ جي لاءِ اعليٰ مرتبو بخشيندس، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي تو کي خوشين جو باعث بڻائيندس.

16 قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي ائين سار سنڀال لهندا، جيئن ماءُ پنهنجي ٻار جي سار سنڀال لهندي آهي. پوءِ تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ خداوند ئي تنهنجو بچائيندڙ آهيان، هائو، بني اسرائيل جو اهو قادر خدا جنهن تو کي ڇڏايو آهي.

17 آءٌ ڪاٺ ۽ پٿرن جي بدران پتل ۽ لوهہ آڻيندس، بلڪ پتل ۽ لوهہ جي بدران آءٌ سون ۽ چاندي آڻيندس. آءٌ تنهنجي حڪمرانن کي انصاف ۽ سلامتيءَ وارا بڻائيندس.

18 تنهنجي سرزمين تي وري ظلم، ۽ زبردستيءَ جو آواز بہ ٻڌڻ ۾ نہ ايندو، نڪي تنهنجي سرحدن ۾ تباهي ۽ برباديءَ جي ڳالهہ ٻڌڻ ۾ ايندي. پوءِ تنهنجي ڀتين کي ’خداوند جو بچاءُ‘ سڏيو ويندو، ۽ تنهنجي دروازن کي ’خداوند جي واکاڻ‘ چيو ويندو.

19 اڳتي وري تو کي ڏينهن جي سوجھري لاءِ سج جي ضرورت نہ پوندي، نڪي رات جي روشنيءَ لاءِ چنڊ جي، بلڪ آءٌ خداوند ئي تو لاءِ ابدي روشني ٿيندس. هائو، منهنجو جلوو ئي تنهنجي تجليءَ جو سبب بڻبو.

20 هاڻ تنهنجي مصيبتن جا ڏينهن ختم ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند جو جلوو تنهنجي اهڙي ابدي روشني بڻبو، جيڪا سج ۽ چنڊ جي گم ٿيندڙ روشنيءَ جي ڀيٽ ۾ هميشہ قائم وَ دائم رهندي.

21 تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.

22 سو ننڍي ۾ ننڍو گھراڻو هڪ وڏو قبيلو بڻبو، ۽ خسيس ۾ خسيس ڪٽنب بہ هڪ زبردست قوم بڻبو. مقرر وقت تي آءٌ اهو سڀ جلد کان جلد ڪري وٺندس. آءٌ خداوند آهيان.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan