يسعياہ 57 - Muslim Sindhi Bibleبتپرستيءَ کي نندڻ 1 سچار ماڻهو ماريا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ نہ ٿو آڻي. نيڪ ماڻهو هن دنيا مان ختم ٿيندا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ بابت نہ ٿو سوچي. هائو، هِت سچار ماڻهو قيد ٿيو وڃن، جڏهن تہ بڇڙا ماڻهو ڇٽيو وڃن. 2 پر اهي نيڪيءَ واري زندگي گذارڻ وارا مرڻ بعد سلامتي ۽ آرام ٿا حاصل ڪن. 3 خداوند بتپرستن کي فرمائي ٿو تہ ”اي گنهگارؤ! اوهين جادوگرن جو اولاد، ۽ زناڪارن ۽ ڪسب ڪندڙن جو نسل آهيو. هاڻي اوهين عدالت ۾ اچي صفائي ڏيو تہ 4 اوهين ڪنهن تي ٺٺوليون ٿا ڪريو؟ اوهين ڪنهن تي ايڏو وات پٽيو ٿا ۽ زبان ڪڍو ٿا؟ اوهين تہ پاڻ بدڪار ۽ ڪوڙا آهيو. 5 اوهين شاهہبلوط وڻن وٽ، بلڪ هر سائي وڻ هيٺ بتن جي پوڄا ڪندي زناڪاريءَ ۾ غرق ٿي ٿا وڃو، ۽ برساتي نهرن ۾ ٽڪرين جي پاڙن وٽ قربانيءَ طور پنهنجي ٻارن کي ڪهو ٿا. 6 اوهين برساتي نهرن مان لسا پٿر کڻي انهن کي معبود بڻائي سندن پوڄا ٿا ڪريو. هائو، انهن لاءِ ئي اوهين اوتڻ واري قرباني ۽ نذرانا پيش ٿا ڪريو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ انهن ڳالهين کان آءٌ خوش ٿيندس؟ 7 اوچي ۽ مٿاهين جبل تي وڃي اوهين بتن آڏو قربانيون پيش ٿا ڪريو. اتي اوهين انهن جي نالي زناڪاري ڪرڻ لاءِ پڻ هنڌ وڇائي پئجي ٿا رهو. 8 اي منهنجي قوم! تو پنهنجي دروازن ۽ چوڪاٺين جي پٺيان گندا بت کوڙي ڇڏيا آهن. هائو، اي بيوفا زال! تو مون کي ڇڏي ٻين معبودن جي اڳيان پاڻ کي اگھاڙو ڪيو آهي، ۽ پنهنجي زناڪاري وڌائي آهي. پوءِ جڏهن تو کي پنهنجي يارن کان پري ڪيو ويو، تڏهن بہ تون هنن جي بسترن تي اگھاڙي ٿي سمهڻ لاءِ مشتاق رهينءَ. 9 تون پاڻ کي زيتون جو تيل ۽ هر قسم جون سرهاڻيون مکي مولڪ ديوتا وٽ ويندي رهي آهين. تو اهڙن ٻين بہ يارن جي ڳولا لاءِ پري پري تائين ماڻهو موڪليا، هائو، تو غير معبودن جي ڳولا لاءِ پاتال تائين پئي ماڻهو موڪليا آهن. 10 جيتوڻيڪ تو اهڙن يارن جي پٺيان ڊوڙندي پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي، تڏهن بہ تون انهن مان سوس نہ ٿي پلين. تنهنجي بڇڙي خواهش تو کي تازگي ٿي بخشي، سو تون ڪڏهن بہ بيدل نہ ٿي ٿئين. 11 اي بني اسرائيل! ڀلا اوهين ڪنهن کان ٿا ڊڄو، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙن معبودن کي ٿا پوڄيو، ۽ مون کي ياد بہ نہ ٿا ڪريو، نڪي پنهنجيءَ دل ۾ مون بابت سوچو ٿا؟ ڇا اهو سڀ هن ڪري نہ آهي جو آءٌ گھڻي عرصي کان ماٺ آهيان، ۽ اوهان کي ڪا سزا ڪانہ ڏني اٿم؟ اهو ئي سبب آهي جو اوهين مون کان نہ ٿا ڊڄو. 12 توڙي جو آءٌ کڻي اوهان جون نيڪيون، ۽ چڱايون ظاهر بہ ڪريان، تڏهن بہ انهن مان اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو. 13 مصيبت جي وقت جڏهن اوهين مدد لاءِ دانهون ڪندا، تڏهن ڀلي تہ اوهان جا معبودن وارا گڏ ڪيل اهي بت اچي اوهان کي بچائين. ياد رکو، انهن سڀني کي تہ هڪڙي ڦوڪ ئي اُڏائي ڇڏيندي. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجي حفاظت لاءِ مون وٽ ايندا، تہ پوءِ منهنجي پاڪ جبل، بلڪ هن سڄي ملڪ جا اوهين وارث ٿيندا.“ ٽٽل دلين لاءِ دلداري 14 خداوند فرمائي ٿو تہ ”سڌو ڪريو، سڌو ڪريو، رستو ٺاهي تيار ڪريو، هائو، منهنجي قوم جي رستي مان هر رڪاوٽ دور ڪري ڇڏيو، تانتہ اها توبهہتائب ٿي مون ڏانهن موٽي اچي. 15 آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان. 16 آءٌ پنهنجي قوم سان سدائين جھيڙو نہ ڪندس، نڪي مٿن هميشہ غضبناڪ رهندس، نہ تہ سندن روح ۽ جانيون، جن کي مون پيدا ڪيو آهي، سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي ويندا. 17 آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا. 18 آءٌ هنن جي فطرت کان پوريءَ طرح واقف آهيان، تنهن هوندي بہ آءٌ کين بحالي عطا ڪندس، ۽ سندن رهبري ڪندس. آءٌ هنن کي ۽ سندن غمخوارن کي وري دلداري ڏيندس. 19 جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري، آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس، توڙي اهي ويجھو هجن يا پري. هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس. 20 جڏهن تہ بدڪار ماڻهو ڇوليون هڻندڙ انهيءَ سمنڊ وانگر آهن، جيڪو هميشہ بيقرار ٿو رهي، ۽ جنهن جون ڇوليون گپ ۽ گندگي ٿيون اڇلائين. 21 انهن بدڪار ماڻهن لاءِ ڪا سلامتي ڪونهي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society