Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 56 - Muslim Sindhi Bible


هر قوم خداوند جي قوم ۾ شامل ٿيندي

1 خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين انصاف کي قائم رکو، ۽ سچائيءَ تي عمل ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ جلد ئي اوهان کي ڇڏائڻ لاءِ اچي رهيو آهيان، اوهان کي ڇڏائڻ مان منهنجي سچائي ظاهر ٿيندي.

2 سڀاڳا آهن اهي انسان جيڪي انهن ڳالهين تي عمل ٿا ڪن! ۽ اهي بہ جيڪي سبت جي ڏينهن کي ملهائين ٿا، ۽ انهيءَ جي بي‌حرمتي نہ ٿا ڪن. سڀاڳا آهن اهي انسان! جيڪي پنهنجن هٿن کي هر طرح جي برائيءَ وارن ڪمن کان روڪي ٿا رکن.“

3 جيڪو بہ غير قوم وارو خداوند جي قوم سان اچي شامل ٿيو آهي، سو ائين نہ چوي تہ ”شايد آءٌ خداوند جي قوم کان الڳ ليکيو ويندس.“ نہ ئي وري ڪو نامرد ائين چوي تہ ”ڏسو، آءٌ تہ هڪڙي سڪل وڻ جيان برڪتن کان محروم آهيان.“

4 خداوند اهڙن ماڻهن لاءِ هيئن ٿو فرمائي تہ ”جيڪي بہ اهڙا ماڻهو منهنجي سبت وارا ڏينهن ملهائين ٿا، منهنجي پسند واريون ڳالهيون اختيار ڪن ٿا، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن،

5 تن جي يادگار لاءِ آءٌ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي چوديواريءَ اندر، سندن نالي جو ڄڻڪ هڪ ٿنڀو کڙو ڪندس، ۽ اهو يادگار انهيءَ کان وڌيڪ بهتر هوندو، جو ٻارن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي. هائو، آءٌ انهن مان هر هڪ جو نالو اهڙو قائم ڪندس، جيڪو ڪڏهن بہ مٽجي نہ سگھندو.

6 جيڪي بہ غير قوم وارا مون خداوند جي قوم سان شامل ٿي وڃن ٿا، منهنجي بندگي ڪن ٿا، منهنجي نالي سان محبت رکن ٿا، منهنجا ٻانها ٿي رهن ٿا، ۽ جيڪي سبت جو ڏينهن ملهائين ٿا، ۽ انهيءَ جي بي‌حرمتي نہ ٿا ڪن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن،

7 تن کي آءٌ يروشلم واري پاڪ جبل صيئون تي آڻيندس، ۽ دعا واري پنهنجي گھر ۾ کين شادمان ڪندس. انهن جون ساڙڻ واريون قربانيون، بلڪ سڀيئي قربانيون منهنجي قربان‌گاهہ تي قبول پونديون، ڇاڪاڻ تہ منهنجي هيڪل سڀني قومن لاءِ دعا جو گھر سڏبي.“

8 خداوند خدا، جيڪو بني اسرائيل جي جلاوطن ٿيلن کي وري وطن ۾ آڻي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ”آءٌ غير قوم وارن کي بہ پنهنجي قوم ۾ آڻي اوهان سان گڏ ڪندس.“


بدڪار اڳواڻن کي نندڻ

9 خداوند غير قوم وارن کي حڪم ٿو ڏئي تہ ”اچو، جھنگلي جانورن وانگر منهنجي قوم کي ڳڙڪائي وڃو،

10 ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم جا سڀيئي نگهبان انڌا آهن. انهن سڀني کي ڪا ڄاڻ نہ آهي. هائو، اهي سڀ اهڙن بيڪار پهريدار ڪتن مثل آهن، جيڪي گونگا آهن ۽ ڀونڪي بہ نہ ٿا سگھن. اهي خوابن ۾ گم رهڻ وارا آهن، جن کي سستيءَ مان ليٽيو رهڻ ئي پسند آهي.

11 هائو، اهي لالچي ڪتن مثل آهن، جيڪي ڪڏهن بہ نہ ٿا ڍاپجن. اهي اهڙا اڳواڻ آهن جن کي ڪابہ سمجھہ ڪانهي. انهن مان هر ڪو پنهنجو پنهنجو مفاد پيو سوچي، ۽ پنهنجي فائدي لاءِ ماڻهن سان زيادتيون پيو ڪري.

12 اهي سڀ هڪٻئي کي چون ٿا تہ ’اچو تہ مئي پيئون ۽ نشا ڪري مست ٿيون، سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگر ٿيندو، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهتر ٿيندو.‘“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan