يسعياہ 54 - Muslim Sindhi Bibleبني اسرائيل لاءِ خداوند جي محبت 1 اي يروشلم جي وسندي! تون جيڪا هڪ سنڍ عورت وانگر هئينءَ، جنهن کي ڪو ٻار ئي نہ ٿي ٿيو، سا خوشيءَ وچان ڳاءِ. هائو، تون جنهن ويم جا سور ئي نہ سٺا هئا، سا وڏي آواز سان خوشيءَ وچان ڳاءِ، ڇاڪاڻ تہ تو بابت خداوند جو واعدو آهي تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گھڻو ٿيندو. 2 جيئن ماڻهو اولاد جي وڌڻ ڪري پنهنجي تنبوءَ جي جاءِ ڪشادي ٿا ڪن، انهيءَ جا رسا ڊگھا ٿا ڪن ۽ انهيءَ جا ڪِلا مضبوط ٿا ڪن، تيئن ئي تون بہ ڍرائي نہ ڪر. هائو، پنهنجي آباديءَ جي حدن کي وڌائي ڇڏ. 3 هن ڪري جو تنهنجيون سرحدون چئني طرفن ڏانهن وڌي وينديون. هائو، تنهنجو نسل پنهنجا اهي علائقا واپس وٺندو، جيڪي ٻين قومن جي قبضي هيٺ آهن. تنهنجو نسل ويران شهرن کي وري آباد ڪندو. 4 ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ تون وري شرمسار نہ ٿيندينءَ. پريشان نہ ٿيءُ، ڇوجو تون وري خوار نہ ٿيندينءَ، بلڪ تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي رنزال هجڻ جو مِهڻو وري نہ ٻڌندينءَ. 5 تنهنجو خالق ئي تنهنجو مڙس آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي. هو تنهنجو بچائيندڙ ۽ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهي، اهو ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪم آهي. 6 تون هڪ اهڙي جوان زال وانگر هئينءَ، جنهن کي مڙس ڄڻ ڇڏي ڏنو هجي، ۽ جنهن جي دل ڏکايل هجي. پر هاڻي خداوند تو کي وري زال سڏيندي فرمائي ٿو تہ 7 ”مون تو کي هڪڙي لحظي لاءِ ڇڏي ڏنو هو، پر هاڻ گھڻيءَ ٻاجھہ سان آءٌ تو کي وري پنهنجي سيني سان لائيندس. 8 آءٌ خداوند تنهنجو بچائيندڙ چوان ٿو تہ تمام گھڻيءَ ڪاوڙ سبب مون هڪ لحظي واسطي تو کان پنهنجو منهن موڙيو هو. پر هاڻي ابدي شفقت سان آءٌ تو تي رحم ڪندس. 9 جهڙيءَ طرح مون نوح جي ڏينهن ۾ واعدو ڪيو هو تہ نوح جي طوفان جهڙي ٻوڏ وري ڌرتيءَ تي نہ ايندي، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ تو سان واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ وري تو تي نہ ڪاوڙبس، نڪي تو کي سزا ڏيندس. 10 آءٌ خداوند تو تي رحم ڪرڻ وارو چوان ٿو تہ توڙي جو جبل لڏي وڃن ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن، تڏهن بہ منهنجي رحمت تو تان نہ هٽندي، نڪي منهنجي سلامتيءَ واري عهد ۾ ئي ڪا ڦيرڦار ايندي.“ نئون يروشلم 11 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي مصيبت ۽ طوفان جي ماريل يروشلم جي وسندي! جيڪا امن وَ سڪون کان محروم آهين، ڏس، آءٌ قيمتي پٿر جَڙي وري تو کي اڏيندس. آءٌ تنهنجا بنياد نيلم جا، 12 تنهنجا منارا لعلن جا، تنهنجا دروازا شبچراغ جا، ۽ تنهنجيون سڀيئي ديوارون هيرن جواهرن جون جوڙيندس. 13 تنهنجي سڀني رهاڪن کي آءٌ پاڻ تعليم ڏيندس، ۽ کين خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي عطا ڪندس. 14 انصاف ۽ سچائي تو کي قائم وَ دائم رکنديون. ظلم ۽ دهشت تنهنجي ويجھو بہ نہ ايندي، ۽ تون بلڪل نہ ڊڄندينءَ. 15 ڏس، جيڪڏهن تو تي ڪو حملو ڪندو، تہ اهو منهنجي طرفان نہ هوندو. بلڪ تو تي حملو ڪندڙ تنهنجي ڪري قتل ڪيا ويندا. 16 ڏس، مون لوهار خلقيو آهي، جيڪو ٽانڊن کي ڦوڪي باهہ ٻاري ٿو، ۽ هٿيار گھڙي تيار ڪري ٿو. مون لشڪر بہ پيدا ڪيا آهن، جيڪي انهن هٿيارن کي استعمال ڪري تباهي ٿا آڻين. 17 پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society