يسعياہ 50 - Muslim Sindhi Bible1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي. 2 جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻپٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري. 3 آءٌ آسمانن کي اونداهيءَ جي پوشاڪ ٿو پهرايان، جيئن ڪنهن جي مرڻ جي سوڳ ۾ کٿو ڍڪبو آهي.“ خداوند جي ٻانهي جو فرمانبرداري ڪرڻ 4 خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان. 5 جيڪي ڳالهيون خداوند خدا مون کي سيکاري ٿو، تن کان آءٌ نہ باغي ٿو ٿيان، نڪي ڀڄي پري ٿيان ٿو. 6 بلڪ آءٌ تہ پنهنجي پٺي مار ڏيڻ وارن جي حوالي ٿو ڪريان، ۽ منهنجي ڏاڙهي پٽڻ وارن کي آءٌ ڪين ٿو روڪيان. آءٌ بيعزت ٿيڻ ۽ ٿڪون جھلڻ کان پنهنجو منهن نہ ٿو لڪايان. 7 جيئن تہ خداوند خدا منهنجو مددگار آهي، تنهنڪري انهن جون بيعزتيون مون کي ڪو نقصان پهچائي نہ ٿيون سگھن. مون هر بيعزتيءَ کي برداشت ڪرڻ سکيو آهي، ۽ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ ڪڏهن بہ شرمسار نہ ٿيندس، 8 ڇاڪاڻ تہ منهنجي تصديق ڪندڙ منهنجي ويجھو آهي. سو ڪير مون سان مقابلو ڪندو؟ ڪنهن ۾ همت آهي جو منهنجي خلاف الزام هڻي؟ جيڪڏهن ڪو آهي تہ ڀلي عدالت ۾ مون سان گڏجي هلي. هائو، ڀلي هو سامهون اچي مون سان مقابلو ڪري. 9 ڏسو، خداوند خدا منهنجو مددگار آهي، پوءِ ڪير مون کي ڏوهاري قرار ڏيندو؟ ياد رکو، منهنجا سڀ مخالف نيست وَ نابود ٿي ويندا. هائو، اهي تڏ کاڌل ڪپڙي وانگر ناس ٿي ويندا. 10 اي اوهين سڀ! جيڪي خداوند جو خوف ٿا رکو، ۽ سندس ٻانهي جو حڪم ٿا مڃو، جيتوڻيڪ اوهين روشنيءَ جي بجاءِ اونداهيءَ ۾ ٿا هلو، تڏهن بہ خداوند پنهنجي خدا تي پوري توڪل رکو. 11 پر اي اوهين سڀ! جيڪي ٻين جي لاءِ باهہ ٿا ٻاريو، سي پاڻ ئي پنهنجي باهہ جي شعلن ۾ برباد ٿي ويندا. خداوند وٽ اوهان لاءِ اهو ئي ڪجھہ آهي. هائو، اوهان جي نصيب ۾ عذاب ئي عذاب آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society