Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 48 - Muslim Sindhi Bible


خداوند جي باغي قوم

1-2 اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.

3 خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون گھڻو اڳي ئي مستقبل ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت اڳڪٿي ڪئي هئي. هائو، اهي مون ئي چيون هيون، ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو مون انهن کي عمل ۾ آندو، ۽ اهي پوريون ٿيون.

4 جيئن تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ضدي آهيو، اوهان جي ڪنڌ ۾ ڪلي آهي، ۽ اوهين پنهنجي هوڏ تي قائم ٿا رهو،

5 انهيءَ سبب مون گھڻو اڳي ئي اوهان کي اهي ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيون هيون. هائو، انهن ڳالهين جي پوري ٿيڻ کان اڳي ئي مون اوهان تي اهي ظاهر ڪري ڇڏيون هيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ائين چئي نہ سگھو تہ ’اهي ڪم اسان جي ديوتائن ڪيا آهن، اهي ڪم اسان جي اُڪريل ۽ پلٽيل مورتين جي حڪم سان ٿيا آهن.‘

6 مون جيڪي ڪجھہ چيو هو سو اوهان ٻڌو، ۽ اوهان اهو سڀ ٿيندي بہ ڏٺو آهي. ڇا اوهين انهيءَ ڳالهہ جو اقرار نہ ڪندا؟ هاڻي آءٌ اوهان کي نيون ڳالهيون ٻڌايان ٿو. هائو، آءٌ اوهان کي اهڙيون لڪل شيون ڏيکاريان ٿو، جن جي اوهان کي اڳ ۾ ڪا خبر ڪانہ هئي.

7 اهي مون بلڪل هاڻي ئي پيدا ڪيون آهن. قديم زماني کان نہ آهن، بلڪ اڄ کان اڳي اوهان انهن جو ذڪر بہ نہ ٻڌو هو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ائين چئي نہ سگھو تہ ’انهيءَ جي تہ اسان کي اڳي ئي خبر هئي.‘

8 مون ڄاتو ٿي تہ اوهان جي هلت چلت تمام دغابازيءَ واري آهي، ۽ ڄمڻ کان وٺي اوهين باغي ٿا سڏجو. تنهنڪري مون جيڪي ڪجھہ چيو ٿي، سو اوهان ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ نہ چاهيو، بلڪ قديم وقت کان ئي اوهان جا ڪن بند هئا.

9 جيئن تہ ماڻهو منهنجي نالي جي واکاڻ ڪندا، سو آءٌ پنهنجي ڪاوڙ کي ڍرو ڪندس. انهيءَ جي ڪري ئي آءٌ اوهان کان مڙي ويندس، ۽ اوهان کي تباهہ نہ ڪندس.

10 ڏسو، مون اوهان کي مصيبت جي کوري ۾ آزمايو آهي، جيئن چاندي باهہ ۾ تپائي صاف ڪبي آهي.

11 اهو سڀ مون پنهنجي خاطر، هائو، رڳو پنهنجي ئي خاطر ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو منهنجي خلاف ڪفر بڪي. آءٌ پنهنجي عظمت ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ ٿيڻ ڪونہ ڏيندس.“


خورس، خداوند جو چونڊيل اڳواڻ

12 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! هائو، اي بني اسرائيل! جن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي، اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو. رڳو آءٌ ئي خدا آهيان، هائو، آءٌ ئي اول ۽ آءٌ ئي آخر آهيان.

13 مون ئي ڌرتيءَ جا بنياد وڌا آهن، ۽ آسمانن کي ڦهلايو آهي. جڏهن بہ آءٌ انهن کي حڪم ٿو ڪريان، تہ اهي هڪدم منهنجي حڪم جي تعميل ڪن ٿا.

14 اوهين سڀ اچي گڏ ٿيو ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. ڇا اوهان جي معبودن مان ڪنهن بہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي؟ ڇا انهن اهو ٻڌايو هو تہ جنهن کي آءٌ خداوند پيار ٿو ڪريان، سو ئي بابل تي منهنجي مرضي پوري ڪندو، ۽ هو ئي بابلين جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو؟

15 آءٌ، هائو، آءٌ ئي آهيان، جنهن هن کي چونڊي ڪڍيو آهي، ۽ پري کان کيس گھرايو اٿم. آءٌ هن کي ڪاميابي عطا ڪندس.

16 هاڻي اوهين منهنجي ويجھو اچو، ۽ منهنجي هيءَ ڳالهہ ٻڌو تہ شروعات کان ئي وٺي مون ڳجھہ ڳوهہ ۾ نہ، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. جڏهن کان اهي ڳالهيون عمل ۾ اچن ٿيون، تڏهن کان آءٌ پاڻ اتي موجود آهيان.“ هاڻي قادرِمطلق خداوند مون تي پنهنجو روح نازل ڪري مون کي هي پيغام ڏيئي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ


خداوند جي حڪمن تي هلڻ ۾ ئي ڀلائي آهي

17 ”اي بني اسرائيل! آءٌ اوهان جو پاڪ معبود ۽ بچائيندڙ آهيان. هائو، آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو اوهان کي فائديمند ڳالهيون ٿو سيکاريان، ۽ اوهان کي انهيءَ راهہ تي هلڻ جي هدايت ٿو ڪريان، جنهن تي اوهان کي هلڻ گھرجي.

18 ڪاش! اوهين منهنجا حڪم ٻڌو ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر اوهان جي سلامتي نديءَ وانگر هميشہ وهندي رهي ها، ۽ اوهان جي فتح ۽ ڪاميابي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪڏهن نہ رڪجن ها.

19 تڏهن اوهان جو اولاد واريءَ وانگر لاتعداد هجي ها، هائو، سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن وانگر. آءٌ يقين سان چوان ٿو تہ اهي مون آڏو ڪڏهن بہ تباهہ وَ برباد نہ ٿين ها.“

20 اي بني اسرائيل وارؤ! هاڻي اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. هائو، بابلين وٽان نڪري آزاد ٿيو. اوهين خوشيءَ سان ڳائيندي هن ڳالهہ کي پڌرو ڪندا وڃو، هائو، اوهين دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هن ڳالهہ کي مشهور ڪري ڇڏيو تہ ”خداوند پنهنجي ٻانهن بني اسرائيل وارن کي بلڪل ائين ڇڏائي وٺي آيو آهي،

21 جيئن گھڻو اڳ هو اسان جي ابن ڏاڏن کي گرم ۽ خشڪ بيابان مان سنڀالي وٺي ٿي ويو.“ هن کين اڃ جي ڪا تڪليف نہ ڏيکاري، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ ٽڪر مان پاڻي وهايائين. هائو، هن ٽڪريءَ کي چيريو تہ پاڻي بڙڪا ڏيئي نڪري آيو.

22 پر بدڪارن بابت خداوند جو فرمان آهي تہ هنن لاءِ ڪا سلامتي ڪانهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan