Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 46 - Muslim Sindhi Bible


بابل جي معبودن جي شڪست

1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”بابل جي معبودن شڪست کاڌي آهي، ۽ هاڻي گوڏن ڀر جھڪيل آهن. ڪڏهن تہ مردوڪ ۽ نبو ديوتا جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي ڀڄندڙ انهن کي کنيو پيا وتن، انهن جون مورتيون گڏهن تي لڏيل آهن. هائو، اهي ٿڪل جانورن تي لڏيل ٻوجھہ مثل آهن.

2 بابل جي معبودن شڪست کاڌي آهي، ۽ هاڻي گوڏن ڀر جھڪيل آهن. اهي پاڻ کي بچائي بہ نہ سگھيا آهن، بلڪ کين قيد ڪري ٻين ملڪن ڏانهن نيو ويو آهي.

3 اي يعقوب جو اولاد! هائو، اوهين باقي بچي ويل بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جي ڳالهہ ٻڌو. مون ئي شروع کان وٺي اوهان کي پئي سنڀاليو آهي، ائين ئي جيئن ڪنهن ٻار کي ڄمڻ کان وٺي پالي نپايو وڃي.

4 آءٌ اوهان جي ٻڍاپي ۽ اڇن وارن تائين ساڳيو ئي رهندس، هائو، قوم جي پڇاڙيءَ تائين آءٌ اوهان کي سنڀاليندو رهندس. مون اوهان کي خلقيو آهي، سو آءٌ اوهان جي مدد ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندو رهندس.

5 هاڻي منهنجي ڀيٽ ڪنهن ٻئي سان ڪري ٿي سگھجي؟ يا ڪنهن ٻئي سان منهنجي برابري ڪري ٿي سگھجي؟ ڇا مون جهڙو ڪو ٻيو آهي؟

6 ڪي ماڻهو پنهنجي ٿيلهين مان سون ڪڍي، ۽ چاندي تارازيءَ ۾ توري آڻي سوناري کي ٿا ڏين. پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو اهو سونارو سندن لاءِ انهيءَ مان هڪڙو معبود جوڙي تيار ٿو ڪري، جنهن جي آڏو هو سجدو ڪري کيس پوڄين ٿا.

7 اهي ان کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن ٿا، ۽ کڻي وڃي سندس جاءِ تي کوڙي ٿا ڇڏين. پوءِ اهو بيٺو ئي رهي ٿو، ۽ پنهنجيءَ جاءِ تان چري بہ نہ ٿو سگھي. جيڪڏهن ڪو انهيءَ کي پڪاري ٿو تہ هو انهيءَ کي ورندي بہ نہ ٿو ڏيئي سگھي، نڪي کيس مصيبت مان بچائي ٿو سگھي.

8 اي گنهگارؤ! منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏيو ۽ سمجھہ ڌاريو. هنن ڳالهين تي چڱيءَ طرح سوچ ويچار ڪريو.

9 قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو، ۽ ڄاڻي ڇڏيو تہ آءٌ اڪيلو خدا آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هائو، مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.

10 اهو آءٌ ئي آهيان جيڪو ڪنهن ڳالهہ جي شروعات ۾ ئي انهيءَ جي پڇاڙيءَ بابت آگاهہ ٿو ڪريان. جيڪي ڳالهيون اڃا ٿيون ئي ڪين آهن، تن بابت شروعات ۾ ئي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي. آءٌ چوان ٿو تہ منهنجا منصوبا ناڪام نہ ويندا، بلڪ جيڪو آءٌ چاهيندس سو ضرور ٿيندو.

11 آءٌ اوڀر جي ڏورانهين ملڪ کان هڪڙي شخص کي سڏيندس، اهو عقاب وانگر لامارو ڏيئي منهنجي منصوبي کي پورو ڪندو. هائو، مون اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس.

12 اي اوهين سخت دل وارؤ! اوهين جيڪي سمجھو ٿا تہ منهنجي سڏيل شخص جو بابل کي فتح ڪرڻ وارو ڏينهن پري آهي، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو.

13 آءٌ پنهنجي انهيءَ عدالت واري ڏينهن کي ويجھو ٿو آڻيان، اهو پري بلڪل نہ آهي. هاڻ پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ منهنجي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي. آءٌ يروشلم کي بچائيندس، تڏهن بني اسرائيل وارا منهنجي عظمت جو نشان بڻبا.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan