Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 44 - Muslim Sindhi Bible


بني اسرائيل سان خداوند جو واعدو

1 پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! هائو، اوهين اي بني اسرائيل وارؤ! جن کي مون پنهنجي قوم ڪري چونڊيو آهي، سي ٻڌو.

2 آءٌ خداوند آهيان جنهن اوهان کي خلقيو آهي. اوهان جي ڄمڻ واري ڏينهن کان ئي مون اوهان جي سنڀال پئي ڪئي آهي. سو اي بني اسرائيل! اوهين ڊڄو نہ، اوهين منهنجا ٻانها آهيو، منهنجي چونڊيل قوم، جنهن سان آءٌ پيار ٿو ڪريان.

3 جهڙيءَ طرح آءٌ ڌرتيءَ تي برڪت نازل ڪندي انهيءَ جي سڪيءَ زمين تي نهرون وهايان ٿو، تهڙيءَ طرح آءٌ اوهان تي برڪت نازل ڪندي اوهان جي نسل تي پنهنجو حياتي بخشيندڙ روح نازل ڪندس.

4 سو اهي جھجھي پاڻيءَ واري زمين ۾ ڦٽندڙ گاهہ وانگر، ۽ وهندڙ نهرن جي ڪنارن تي ڦٽندڙ لئيءَ جي وڻن وانگر ٿيندا.

5 انهن مان ڪي پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪندي چوندا تہ ’اسين خداوند جا آهيون،‘ ڪي چوندا تہ ’اسين بني اسرائيل جا آهيون.‘ جڏهن تہ ڪي پنهنجي پنهنجي هٿ تي لکندا ’خداوند جو،‘ ۽ پاڻ کي فخر سان منهنجي قوم بني اسرائيل جو سڏائيندا.“

6 خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ ۽ سندن بچائيندڙ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.

7 جيڪڏهن ڪو مون جهڙو آهي تہ پُڪاري چوي، هائو، اهو اعلان ڪري، ۽ شين کي ترتيبوار ڪري مون آڏو پيش ڪري. قديم زماني کان ڀلا ٻيو ڪير آهي، جنهن هاڻي پيش ايندڙ ڳالهيون، يا جيڪي هاڻي کان پوءِ پيش اينديون تن جي خبر ڏني آهي؟

8 اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين نہ ڊڄو، نڪي خوف وچان ڏڪو. اوهان کي خبر آهي تہ قديم زمانن کان هاڻي تائين، جيڪي ڪجھہ ٿيڻ وارو هو سو مون اڳ ۾ بيان پئي ڪيو آهي، جنهن لاءِ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ هرگز نہ، اهڙو ڪوبہ ٻيو محافظ ڪونهي، جنهن کي آءٌ نہ ڄاڻيندو هجان.“


بت‌پرستي هڪ ٺڳيءَ جو ٺاهہ

9 جيڪي بہ ماڻهو بت اُڪري ٺاهين ٿا، سي سڀ دوکيباز آهن ۽ جن بتن کي اهي پنهنجي لاءِ خزانو ٿا سمجھن، سي بلڪل بي‌فائدہ آهن. جيڪي انهن بتن جي پوڄا ٿا ڪن، سي انڌا ۽ جاهل آهن، اهي خوار خراب ٿيندا.

10 پنهنجي ئي هٿ سان مورتي ٺاهي ان کي خدا سمجھي پوڄا ڪرڻ وارو ڀلا ڪو سياڻو ماڻهو آهي ڇا؟

11 ياد رکو، اهي سڀيئي خوار خراب ٿيندا، جيڪي انهن جي پوڄا ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهن جا جوڙيندڙ رڳو انسانذات آهن. ڀلي تہ اهي سڀ اچن ۽ گڏجي عدالت ۾ بيهن. بيشڪ اهي ڊڄي ويندا ۽ گڏجي خوار خراب ٿيندا.

12 لوهر لوهہ جو هڪڙو ٽڪرو کڻي ٿو ۽ انهيءَ کي ٽانڊن ۾ پگھرائي هٿوڙن سان هڪڙي شڪل ۾ ڍالي ٿو. هائو، هو انهيءَ کي پنهنجي طاقتور ٻانهن سان گھڙي تيار ڪري ٿو. ڪم ڪندي هو اڃ ۽ بک ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ ٿڪجي پوي ٿو ۽ منجھس طاقت باقي نہ ٿي رهي.

13 واڍو ڏور سان ڪاٺيءَ جي ماپ وٺي ٿو ۽ انهيءَ تي نشان ڪري ٿو. پوءِ انهيءَ ڪاٺيءَ کي رندو هڻي لسو ڪري ٿو، پرڪار سان انهيءَ تي نقش ڪڍي ٿو ۽ پوءِ انساني صورت موجب هڪڙي سهڻي شڪل بڻائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اها پوڄا گھر ۾ رکي وڃي.

14 هو ئي ديال جا وڻ پنهنجي استعمال لاءِ وڍي ٿو يا وري سِرو ۽ شاهہ‌بلوط جا وڻ ٻيلي مان چونڊي کڻي ٿو. هو چاهي تہ پاڻ صنوبر جا وڻ لڳائي سگھي ٿو ۽ مينهن انهن کي زور وٺائي وڏو ڪري ٿو، جڏهن تہ وڻ پاڻ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪري سگھي.

15 هاڻ ماڻهو وري انهيءَ ساڳي وڻ کي باهہ ۾ ٻارڻ واسطي ڪم آڻين ٿا، جن مان ڪجھہ ٻاري هو پاڻ کي گرم رکن ٿا ۽ ڪجھہ ٻاري انهن تي رڌپچاءُ ڪن ٿا. وري ڏسو تہ اهي ساڳي ئي وڻ جي ڪجھہ حصي مان هو بت ٺاهي انهن جي پوڄا ڪن ٿا! هائو، انهيءَ وڻ جي ڪاٺ کي اُڪري انهيءَ مان مورتيون ٺاهي انهن آڏو پنهنجو سر ٿا جھڪائين.

16 هائو، جنهن ڪاٺ کي هو پاڻ ساڙي ٻاري ان تي گوشت ڀُڃي ۽ ڪباب پچائي کائي ڍءُ ڪن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي گرم ڪري چون ٿا تہ ”واہ واہ! آءٌ گرم ٿي ويو آهيان، باهہ ڪيتري تہ ڀلي آهي!“

17 هاڻ ساڳي ئي ڪاٺ جي باقي حصي مان هو پنهنجي لاءِ معبود يعني اُڪريل مورتيون ٺاهين ٿا ۽ انهن جي اڳيان جھڪي کين سجدو ڪن ٿا. پوءِ وري انهن جي پوڄا ڪري کانئن دعا گھري چون ٿا تہ ”مون کي ڇڏاءِ، ڇاڪاڻ تہ تون منهنجو خدا آهين.“

18 اهڙا ماڻهو بي‌وقوف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي نہ ٿا سمجھن تہ اهو ڪم فضول آهي. ائين ٿو لڳي تہ هنن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، ڇو تہ اهي ڏسي نہ ٿا سگھن تہ اهو ڪم ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. هنن پنهنجي عقل کي ڄڻ تہ تالو هڻي ڇڏيو آهي، ڇو تہ اهي سمجھي نہ ٿا سگھن تہ اهي بت ڪوڙا معبود آهن.

19 انهن بتن ٺاهڻ وارن مان ڪوبہ پنهنجيءَ دل ۾ خيال نہ ٿو ڪري، نہ ڪو ايترو ڄاڻي يا سمجھي ٿو، جو چوي تہ ”انهيءَ ڪاٺ مان ڪجھہ حصو مون باهہ ۾ ساڙيو ۽ انهيءَ جي ٽانڊن تي رڌپچاءُ ڪيو ۽ گوشت، ڪباب پچائي کاڌم. جڏهن تہ باقي بچيل ڪاٺ مان آءٌ ڪراهت جهڙي شيءِ ڇو جوڙيان؟ ڇو آءٌ وڻ جي هڪڙي بنڊ کي جھڪي سجدو ڪريان؟“

20 سو بت‌پرستي ڪرڻ وارن کي رڳو رک ئي رک حاصل ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ انهن جا بي‌وقوف خيال کين گمراهہ ٿا ڪري ڇڏين. اهي بتن ٺاهڻ واري بي‌وقوفيءَ کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ هو مڃن ئي ڪونہ ٿا تہ اهي بت، جن کي هو پنهنجن هٿن ۾ کنيو وتن، سي حقيقي معبود نہ آهن.


خداوند، خالق ۽ بچائيندڙ

21 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! اوهين منهنجا ٻانها آهيو، سو اهي ڳالهيون ياد رکو. هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، اوهين تہ منهنجا ٻانها آهيو، آءٌ اوهان کي ڪڏهن بہ نہ وساريندس.

22 مون اڳ ئي اوهان جا گناهہ ڌوئي ٻاڦ وانگر اُڏائي ڇڏيا آهن. سو هاڻي اوهين مون آڏو اچي توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جنهن اوهان کي بچايو آهي.

23 اي آسمانؤ! خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند هي سڀ ڪيو آهي. اي ڌرتيءَ جون اونهايون! اوهين نعرا هڻو. اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي ٻيلي جا هر هڪ وڻ! اوهين خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل کي بچائي پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي آهي.

24 اي بني اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آهيان. مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، بلڪ هر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آهيان. آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو ۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آهيان.

25 آءٌ ئي اڳڪٿي ڪندڙن جي نشانين کي باطل قرار ڏيان ٿو، ۽ فال وجھڻ وارن جي فال کي باطل بڻائي کين بي‌وقوف ثابت ٿو ڪريان. ماڻهن جي نظر ۾ جيڪا سياڻپ آهي تنهن کي آءٌ رد ٿو ڪريان، ۽ اهڙن جي سياڻپ کي بي‌وقوفيءَ ۾ ٿو بدلايان.

26 آءٌ جيڪو پنهنجي ٻانهن جي ٻڌايل ڳالهين کي، هائو، پنهنجي پيغمبرن جي ذريعي ٻڌايل منصوبن کي پورو ڪرڻ وارو آهيان، سو يروشلم بابت چوان ٿو تہ اهو وري آباد ٿيندو، ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن بابت تہ اهي ٻيهر اڏيا ويندا. هائو، انهن جا ويران گھر آباديءَ ۾ بدلجي ويندا.

27 هاڻ ڀلي کڻي سمنڊ يا نديون انهيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجن، تہ بہ آءٌ هڪڙي ئي لفظ سان انهن کي بہ سڪائي ڇڏيندس.“


خداوند جو خورس کي چونڊڻ

28 خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خورس کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي تہ اهو منهنجي پاران دنيا تي حڪمراني ڪندو. هو منهنجي سموري مرضي پوري ڪندي يروشلم شهر کي وري اڏائيندو، ۽ هيڪل جا بنياد رکائيندو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan