يسعياہ 41 - Muslim Sindhi Bibleخدا جو بني اسرائيل کي پڪ ڏيارڻ 1 خدا فرمائي ٿو تہ ”اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! ماٺ ڪري منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اوهين پنهنجو مقدمو عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار رهو. اوهان کي بہ ڳالهائڻ جو موقعو ملندو. سو اچو تہ گڏجي عدالت ۾ هلون، ۽ ڏسون تہ ڪير ٿو سچو ثابت ٿئي. 2 اهو ڪير آهي جنهن اوڀر کان فاتح کي آندو، ۽ کيس هر قدم تي ڪاميابي عطا ڪئي؟ هائو، ڪنهن کيس بادشاهن ۽ قومن تي فتح بخشي آهي، جو سندس تلوار انهن کي دز وانگر، ۽ سندس تيرڪمان انهن کي هوا ۾ اڏامندڙ بُهہ وانگر ڪريو ڇڏي؟ 3 اهو فاتح انهن جي پٺيان پوي ٿو، ۽ انهيءَ رستي تان ايترو تہ جلدي ۽ سلامتيءَ سان گذري وڃي ٿو، جو ڄڻ تہ سندس پير زمين کي لڳن ئي نہ ٿا. 4 هي ڪم ۽ انتظام ڪنهن جو آهي؟ ڪير شروعات کان وٺي انساني واقعات کي پنهنجي ضابطي ۾ ٿو رکي؟ اهو آءٌ خداوند آهيان، هائو، آءٌ ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪريان ٿو. آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر. 5 ڏورانهن ملڪن جا ماڻهو اهو سڀ ڏسي ڊڄي وڃن ٿا. هائو، ڌرتيءَ جي ڇيڙن وارا خوف وچان ڏڪن ٿا، ۽ گڏجي عدالت ۾ اچن ٿا. 6 اهي بتن جا پوڄاري هڪٻئي کي تسلي ٿا ڏين تہ ’همت نہ هاريو، ديوتا اسان کي فتح ڏياريندا.‘ 7 اهڙيءَ طرح بت ٺاهيندڙ واڍا، سونارا ۽ ٻيا ڪاريگر هڪٻئي کي همتائي چون ٿا تہ ’ديوتا جي مورتيءَ تي ٽاڪو مضبوط لڳل آهي. دلجاءِ ڪريو.‘ سو اهي انهن بتن کي ڪلين سان سوگھو ٿا ڪن، تہ جيئن اهي اونڌا ٿي نہ ڪرن. 8 پر اي منهنجا ٻانها بني اسرائيل وارؤ! هائو، اي منهنجا چونڊيل بني يعقوب وارؤ! اوهين منهنجي دوست ابراهيم جي نسل مان آهيو. 9 مون اوهان کي ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هٿ ڪري آندو. هائو، مون اوهان کي دنيا جي ڏورانهن ڪنارن کان گھرايو، ۽ چيم تہ اوهين منهنجا ٻانها آهيو. مون اوهان کي پسند ڪيو آهي ۽ وساريو نہ اٿم. 10 تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس. 11 ڏسو، جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن، سي سڀ ذليل وَ خوار ۽ شڪستخوردہ ٿيندا. جيڪي اوهان سان وڙهن ٿا، سي حقير بڻائي ناس ڪيا ويندا. 12 هائو، جيڪي اوهان سان وڙهن ٿا، تن کي اوهين وري هن دنيا ۾ نہ ڏسندا، ڇاڪاڻ تہ اهي نيست وَ نابود ٿي ويندا. 13 آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندي چوان ٿو تہ ڊڄو نہ، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.“ 14 خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين جيتوڻيڪ ٿورا ۽ ڪمزور آهيو، تہ بہ اوهين نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان. هائو، آءٌ اوهان جو ڇڏائيندڙ ۽ پاڪ معبود آهيان. 15 ڏسو، آءٌ اوهان کي ڳاهڻ واري هڪ نئين ۽ تکي اوزار جهڙو بڻائيندس. اوهين جبلن کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندا. هائو، اوهين ٽڪرين کي بہ دز بڻائي ڇڏيندا. 16 اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا. 17 جڏهن غريب ۽ محتاج ماڻهو پاڻي پيا ڳوليندا، پر پاڻي نہ ملڻ ڪري سندن زبانون اڃ سببان خشڪ ٿي ويون هونديون، تڏهن آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس. آءٌ بني اسرائيل جو خدا کين وساري نہ ڇڏيندس. 18 آءٌ ويران ٽڪرين تان نديون، ۽ ماٿرين مان چشما وهائيندس. آءٌ بيابان کي پاڻيءَ جي ڍنڍ، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جون نهرون بڻائي ڇڏيندس. 19 آءٌ بيابان ۾ ديال توڙي ٻٻر جا وڻ، ۽ مينديءَ توڙي زيتون جا وڻ لڳائيندس. آءٌ رڻپٽ ۾ صنوبر، چيل ۽ شمشاد جي وڻن جا ٻيلا لڳائيندس. 20 پوءِ ماڻهو اهي ڏسي ڄاڻي وٺندا، هائو، اهي سڀيئي ويچار ڪري سمجھي وٺندا تہ اهو سڀ مون خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي هٿن جي ڪاريگري آهي.“ ڪوڙا معبود 21 خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ فرمائي ٿو تہ ”اوهين اي غير قومن جا معبودؤ! پنهنجي دعويٰ پيش ڪريو، اچو پنهنجا مضبوط دليل پيش ڪريو. 22 اوهين اچو ۽ جيڪي ڳالهيون اڳي ٿي گذريون آهن، تن بابت اسان کي ٻڌايو تہ اسين انهن کي سمجھي سگھون، ۽ انهن جو انجام ڄاڻي سگھون. ايندڙ وقت ۾ بہ جيڪي ٿيندو، تنهن کان پڻ اسان کي آگاهہ ڪريو، تہ جيئن اهي ڏسي اسين اوهان جي قوت مڃي سگھون. 23 هائو، اوهين اسان کي ٻڌايو تہ اڳتي ڇا ٿيندو، تہ پوءِ اسين سمجھون تہ اوهين سچا معبود آهيو. اوهين چڱائي يا بڇڙائي ڪجھہ تہ ڪري ڏيکاريو، تہ جيئن اسين سڀ ڏسون ۽ ڊڄي وڃون. 24 اي بتؤ! اوهين ڪجھہ بہ نہ آهيو، اوهين ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھو. جيڪي اوهان جي پوڄا ٿا ڪن سي نفرت جي قابل آهن. 25 مون خداوند اتر اوڀر واري ملڪ ۾ هڪڙو حڪمران چونڊيو آهي. هاڻي هو اچي رهيو آهي، مون اوڀر کان سندس نالو وٺي کيس سڏيو آهي. هو بادشاهن کي ائين گپ وانگر لتاڙيندو، جيئن ڪو ڪنڀر مٽيءَ کي ڳوهيندو آهي. 26 اي غير قومن جا معبودؤ! ڇا اوهان مان ڪنهن اڳڪٿي ڪري ٻڌايو آهي تہ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ ڇا اوهان مان ڪنهن اهڙي خبر ٻڌائي آهي، جو اسين اوهان کي سچو سمجھون؟ اوهان مان ڪنهن بہ اهڙي ڳالهہ نہ ٻڌائي آهي، نہ ئي ڪو اهڙو لفظ ئي ڳالهايو آهي. 27 مون خداوند ئي سڀ کان پهريائين صيئون کي خوشخبري ڏني هئي. هائو، مون ئي يروشلم ڏانهن بشارت ڏيندڙ موڪليو هو تہ ’ڏسو، اوهان جا جلاوطن ٿيل موٽي وطن اچي رهيا آهن.‘ 28 پر مون نهاري ڏٺو تہ انهن غير قومن جي معبودن مان ڪوبہ صلاح مصلحت ڏيڻ جي لائق ئي نہ هو، نہ ئي ڪو منهنجي سوالن جا جواب ڏيئي ٿي سگھيو. 29 ڏسو، اهي سڀ غير معبود بيڪار آهن، ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھن. اهي رڳو بيجان مورتيون آهن، جيڪي ڪين جهڙيون، بلڪ ڪجھہ بہ نہ آهن.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society